پاڻ کي سنوارڻ جو مقصد اهو ناهي ته پاڻ مٿان وزني زيور ٽنگڻ گهرجن: اديتي رائو حيدري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا اديتي رائو حيدري چيو آهي ته کيس فيشن سان ايتري دلچسپي ته نه آهي، پر کيس سنورڻ سان پيا آهي ۽ گهڻو ميڪ ڪرڻ کي پسند ناهي ڪندي، اديتي چيو ته کيس جيڪو پسند ايندو آهي اهو ڪندي آهي ۽ هو رواجن تي به يقين ناهي ڪندي، ڀارتي ڊزائنير ڊيبرن مکرجي جي 2015ع واري شماري ۾ فرنٽ پيج تي ايندڙ اداڪارا اديتي وڌيڪ چيو ته پاڻ کي سنوارڻ جو مقصد اهو ناهي ته پاڻ مٿان وزني زيور ٽنگڻ گهرجن، سندس چوڻ هو ته دهلي وارن کي حسن بابت سٺي ڄاڻ آهي. گڊو رنگيلا فلم ۾ جلوا ڏيکاريندڙ اديتي رائو موجب کيس دهلي جي عام بازارن ۾ خريداري ڪندي مزو ايندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *