بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني به شرڌا ڪپور جي مداح

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ۽ سياستدان هيما مالني به شرڌا ڪپور جي مداح آهي. ماضيءَ جي ڊريم گرل نوجوان نسل جي اداڪارا کي اڄ جي ڊريم گرل قرار ڏنو. ماضيءَ جي ڊريم گرل هيما مالنيءَ جا اهڙا لفظ شرڌا جي لاءِ ڪنهن اعزاز کان گھٽ ناهن. تازو ئي هيما مالنيءَ ماٿوره ۾ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو هو، جنهن ۾ شرڌا ڪپور به ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪئي هئي. هيما مالنيءَ شرڌا جي ڪم کان تمام گھڻي متاثر نظر آئي ۽ هن خوش ٿي کيس اڄوڪي دور جي ڊريم گرل قرار ڏنو. شرڌا ڪپور جي آخري فلم ”حيدر“ باڪس آفيس تي ڪاميابيءَ جا جھنڊا کوڙيا هئا، جڏهن ته نوجوان اداڪارا جي ايندڙ فلم ”اي بي سي ڊي-2“ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *