فيصلو ٻڌندي ئي سلمان خان جو ڀاءُ سهيل خان عدالت کان ٻاهر هليو ويو

ممبئي(شوبز نيوز): مقامي عدالت اداڪار سلمان خان کي 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي اهو فيصلو ٻڌندي ئي خاندان جي سمورن ڀاتين سلمان خان کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو پر سهيل خان عدالت واري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته هو جذباتي ٿي ويو هو.ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان جي وڪيل انسانيت جي ڀلائي وارن ڪمن سان گڏوگڏ  بيماري جو ڪارڻ ڄاڻائيندي سزا نه ڏيڻ جي اپيل ڪئي. وڪيل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سلمان خان کي قيد جي سزا ٻڌائي وئي ته پوءِ طبعي سهولتن ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي، جڏهن ته سلمان خان وڌيڪ ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.عدالت پاران ٻڌايل سزا  تي سلمان خان جي منهن تي ڪنهن به قسم جي پڇتاو جا آثار نظر نه ٿي آيا، جڏهن ته هن جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ جيل جي سزا ٻڌندي ئي سلمان خان جي خاندان جي ماڻهن کيس گهيري ڇڏيو جنهن کان پوءِ  سلمان خان جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ سندس ڀاءُ سهيل خان عدالت واري ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.سلمان خان جي وڪيلن فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ درخواست  داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *