ذوالفقار کان فهميده مرزا وڌيڪ ڏکي ثابت ٿيندي ؛عاجز جمالي

سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان لڳل دنگل ۾ هر ماڻهو اهو سوال ڪندي نظر اچي رهيو هو ته آخر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهرواري ۽ پُٽ سامهون ڇونه ٿا اچن. ڇا اهي ساڻس گڏ آهن؟ خود سنڌ سرڪار جا اڪثر وزير اهو ئي چوندا رهيا ته فهميده مرزا ۽ حسنين مرزا کي چٽو ٿيڻو پوندو ته پٽ پيءُ سان يا زال مُڙس سان گڏ آهن يا پارٽي سان گڏ آهن؟

منهنجو خيال آهي ته سنڌ سرڪار کي اڱاري جي شام جو انهيءَ سوال جو اُن وقت جواب ملي ويو، جڏهن فهميده مرزا ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هُن سرڪار ۽ پوليس جي خلاف ڳالهايو. نه رُڳو پريس ڪانفرنس ڪئي، بلڪه رات جي پوئين پهر ۾ هوءَ بدين پهچي وئي. فهميده مرزا پنهنجي طبيعت جي خرابي هوندي نيٺ بدين پهتي ۽ هُن ڏٺو ته سوين پوليس وارا گهيرو ڪيو بيٺا آهن. مون ٽي وي تي ٻُڌو ته فهميده مرزا سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل پئي ڪئي.

فهميده مرزا هڪ عام سياسي خاتون يا رُڳو پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ناهي. هوءَ هڪ سياسي حيثيت رکي ٿي. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر، اڳوڻي وقتي صدر رهندڙ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته بينظير ڀُٽو جي ويجهو رهندڙ خاتون آهي. اسان خود ڏٺو بينظير ڀُٽو، فهميده مرزا کي ڏاڍو ڀائيندي هُئي. ذوالفقار مرزا جي دوستي جي ناطي اڳوڻو صدر آصف زرداري کيس ڀاڀي چوندو هو، ۽ بلاول ڀُٽو کيس آنٽي پُڪاريندو آهي.

گهڻو پري ڪونه ٿا وڃون. بلاول ڀُٽو جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ کان پوءِ ذوالفقار مرزا کي به سرگرم ٿيڻ جو اشارو ڏنو ويو. حسنين مرزا بلاول جي ويجهو رهڻ لڳو. بلاول جي قائداعظم جي مزار وٽ ٿيل جلسي ۾ ذوالفقار مرزا بدين کان قافلو وٺي پهتو هو ۽ کيس اسٽيج تي ويهاريو ويو هو. مون اُن وقت به ڏٺو ته پيپلز پارٽي جي گهڻن اڳواڻن، وزيرن کي اها ڳالهه ڪانه وڻي، جڏهن مرزا اسٽيج تي پهتو.

هڪ ٻي اهم ڳالهه ٻُڌايان ته بلاول جا به پارٽيءَ اندر اختلاف ان ڪراچيءَ واري جلسي کان پوءِ سامهون آيا. جڏهن بلاول پنهنجي جلسي جي ناڪاميءَ تي ڪجهه ماڻهن جي بلاول هائوس ۾ داخلا بند ڪرائي هُئي ۽ ڪجهه وزيرن کي ڇنڊ پٽي هُئي. جڏهن کيس خبر پئي ته سڄو جلسو ٺيڪيداري سسٽم تحت ڪرايو ويو هو. اتان کان زرداري وڏي جو موڊ به خراب ٿيو هو. ناراضگيون وڌي ويون، ڇو ته بلاول ٻين ڪجهه سگهارين شخصيتن کي پارٽيءَ مان پاسيرو ڪرڻ پئي چاهيو. اها صلاح کيس ذوالفقار مرزا ڏني هوندي، اهو وڏي همراهه جو خيال هو، پر حقيقت ۾ بلاول خود سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو.

۽ ناراض بلاول مُلڪ کان ٻاهر هليو ويو، جڏهن مرزا دبئي ويو ته هروڀرو افواهون اٿاريون ويون ته هو بلاول سان ملڻ ويو. ائين مرزا جو مسئلو وڌندو ويو. مرزا جو مسئلو رُڳو شگر مل تي قبضي يا ملڪيت جو ناهي، ڳالهيون تمام گهڻيون آهن. مرزا جا ڪجهه ذاتي مسئلا به هوندا، ڇو ته هو خود چوي ٿو ته 45 سالن جي ياري آهي.

پر هن وقت سياسي وايومنڊل بدلجي پيو، پيپلز پارٽي جي وزيرن جي ڪرپشن، غلطيون، ضد، انائون ۽ پارٽي اندر وڏيرڪي سوچ قائم ڪرڻ، فردِ واحد جي اهميت هجڻ سبب پيپلز پارٽي اندر به ڪيترائي مايوس، ڪاوڙيل ۽ پاسيرا ٿيل ماڻهو موجود آهن. اُن سياسي وايومنڊل ۾ پيپلز پارٽي ۽ سندس سرڪار جي کاتي ۾ زوال ئي نظر پيو اچي. پيپلز پارٽي جي زوال سبب سنڌ ۾ جيڪو خال پيدا پيو ٿئي، اُن کي خبر ناهي ته ڪير ڀريندو، پي ٽي اي، ايم ڪيو ايم، ذوالفقار مرزا، فنڪشنل ليگ، قومپرست يا اڃا اسٽبلشمينٽ جي هٿان ڪا نئين ڌر تيار ٿيندي؟ان نئين سياسي منڊل ۾ ڪجهه نوان چهرا، ڪجهه نوان لوٽا ۽ ڪجهه پُراڻا کلاڙي ميدان ۾ لهندا، جن ۾ ڪيترائي پيپلز پارٽي جا پنهنجا هوندا. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح ثابت ٿيندي ته جنهن پيپلز پارٽيءَ کي جنرل ضياءَ جي آمريت ختم نه ڪري سگهي، انهيءَ پارٽيءَ کي پنهنجن ختم ڪري ڇڏيو. ان جا ذميوار ڪير آهن؟

ان نئين سياسي منڊل ۾ ڪجهه نوان چهرا، ڪجهه نوان لوٽا ۽ ڪجهه پُراڻا کلاڙي ميدان ۾ لهندا، جن ۾ ڪيترائي پيپلز پارٽي جا پنهنجا هوندا. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح ثابت ٿيندي ته جنهن پيپلز پارٽيءَ کي جنرل ضياءَ جي آمريت ختم نه ڪري سگهي، انهيءَ پارٽيءَ کي پنهنجن ختم ڪري ڇڏيو. ان جا ذميوار ڪير آهن؟ پارٽي جي قيادت، پارٽي جي سرڪار، ڪرپٽ وزير مشير، لٽ مار ڪندڙ مافيا، سڀ جو سڀ ذميوار هوندا پر جڏهن اختيار جا سڀ مرڪز هڪ فرد وٽ هوندا ته ان جي ذميواري سڀني کان وڌيڪ هوندي.

هن صورتحال ۾ ذوالفقار مرزا جي گهرواري ۽ بينظير ڀٽو جي ساٿي ڊاڪٽر فهميده مرزا جي اهميت کي معمولي نه سمجڻ گهرجي. فهميده مرزا سياسي طور تي ذوالفقار مرزا جي ڀيٽ ۾ ڳرو پٿر ثابت ٿي سگهي ٿي. ۽ خود پيپلز پارٽيءَ لاءِ وڌيڪ مٿي جو سور به ثابت ٿي سگهي ٿي. سياسي حوالي سان ڊاڪٽر فهميده مرزا سيٽ خالي ڪري اليڪشن وڙهندي، تڏهن به سرڪار لاءِ ڪٺن مرحلو هوندو ۽ ذوالفقار مرزا جي دفاع ۾ فهميده مرزا سنڌ ۾ جلسا ڪرڻ لڳندي، تڏهن به پيپلز پارٽي لاءِ هوءَ ڏکي ثابت ٿيندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊپ کان مرزا جي بدين واري فارم تان پوليس ته هٽائي وئي، پر ڇا هن مسئلي جو ڪو حل آهي؟ حل اهوئي آهي ته مرزا سان ويهي ڳالهائي سگهجي ٿو. هر ڪنهن کي جهڪائڻ جو بادشاهاڻو تصور ئي بادشاهن جي زوال جو سبب بڻبو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *