بالي ووڊ جو مشهور ادڪار نانا پاٽيڪر به هدايتڪاريءَ جي ميدان ۾ ڪُڏي پيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو مشهور ادڪار نانا پاٽيڪر به هدايتڪاريءَ جي ميدان ۾ ڪُڏي پيو آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ نانا پاٽيڪر چيو ته هو هڪ فلم جي هدايتڪاري ڪري رهيو آهي. هيءَ فلم هڪ عورت جي سوانح عمريءَ تي ٺاهي وئي آهي. فلم جو اسڪرپٽ تيار آهي ۽ ان جي شوٽنگ کٽمنڊو ۾ ٿيندي. هن چيو ته بالي ووڊ ۾ فلمسازيءَ دوران ڪيتري قسم جون مداخلتون ٿينديون آهن، جيڪي کيس بلڪل ناپسند آهن، هو اُن وقت ڪنهن فلم جي هدايتڪاري ڪندو جڏهن فلم جي ڪهاڻيءَ کان وٺي ان جي لاءِ ڪردارن جي چونڊ ۽ شوٽنگ جو مڪمل اختيار کيس حاصل نه ٿئي. نانا پاٽيڪر جو چوڻ هو ته جلد ئي هو فلمسازيءَ جي ميدان ۾ قدم رکندو. سندس پٽ هڪ پروڊڪشن هائوس ٺاهي رهيو آهي، جنهن جي بينر هيٺ سنجيده نوعيت جون فلمون ٺاهيون وينديون، پر هو بلڪل نه چاهيندو ته ان جي هر فلم ۾ اداڪاري ڪري. اڄوڪي دؤر ۾ ٻار به چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته هو ڇا ٿا ڪرڻ چاهين، ان لاءِ هو پنهنجي پٽ کي ڪا به صلاح نه ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *