ڀارتي اداڪارا ڀوميڪا چاولا 37هين سالگره ملهائيندي

نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ڀوميڪا چاولا اڄ پنهنجي 37 هين سالگرهه ملهائيندي، ادڪارا ڀوميڪا 21 آگسٽ 1978ع ۾ نئين دهليءَ جي هڪ پنجاب گھراڻي ۾ جنم ورتو هو. ڀوميڪا چاولا 2000ع ۾ تيلگو فلم سان فلم انڊسٽريءَ ۾ پير پاتو هو، هن هيل تائين تيلگو، تامل، هندي، ڪانڊا، ڀوڄپوري، پنجابي ۽ ملايا ۾ ٺهندڙ لڳ ڀڳ 30 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس بالي ووڊ ڊيبيو 2003ع ۾ بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان سان پهرين فلم ”تيري نام“ ۾ ڪم ڪري قدم رکيو هو. ”تيري نام“ سال جي بهترين فلم جو ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيو هو. فلم ۾ اداڪاريءَ تي ڀوميڪا کي زي سينيما ايوارڊ، فلم فيئر جو ”بيسٽ ڊيبيو“ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ هن 2004ع ۾ اميتا بچن جي پٽ اڀيشيڪ بچن سان فلم ”رن“ ۾ به مرڪزي ڪردار نڀايو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *