ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل گـَرل ايان علي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو معاملو هڪ مهيني تائين ملتوي

راولپنڊي(م.ڊ) راولپنڊي جـِي ڪسٽم عدالت، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل گـَرل ايان علي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو معاملو هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ڪسٽم عدالت جي جج راڻا آفتاب، ماڊل گرل ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ايان علي ۽ سندس وڪيل سردار لطيف کوسا عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران ڪسٽم عملدارن ڪيس جو چالان پيش ڪندي چيو ته ڪيس ۾ پرائرٽي ڊيلر ۽ خريدار ممتاز ۽ اويس کي شريڪ جوابدار طور شامل ڪيو ويو هو پر سندن گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي. ڪسٽم اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن پر جوابدار روپوش آهن. عدالت، ڪسٽم اختيارين کي حڪم ڏنو ته ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪيس جو مڪمل چالان پيش ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي به چالان ۾ شامل ڪيو وڃي. عدالت، ماڊل ايان علي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ وارو معاملو ملتوي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *