ان ڳالهه جو افسوس آهي ته مان فلمن ۾ ته سپر اسٽار بڻجي ويس پر سٺو پٽ بڻجي نه سگھيس: سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان کي ان ڳالهه جو افسوس آهي ته هو فلمن ۾ ته سپر اسٽار بڻجي ويو آهي پر سٺو پٽ بڻجي نه سگھيو. پنهنجي هوم پروڊڪشن جي پهرين فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ جي پرموشن جي موقعي تي ڏنل انٽرويوءَ دوران سلمان چيو ته مان هڪ سٺو پٽ بڻجڻ جي پوري ڪوششن ۾ رڌل آهيان، پر مون کي لڳي ته منهنجي ڪري منهنجي خاندان وارن کي تمام گھڻي تڪليف ڳڻتي آهي. ان جو سبب منهنجا ڪيس آهن، جن جي ڪري منهنجا والدين به وقت کان اڳ پوڙها ٿي ويا. هن چيو ته منهنجي والدين کي ڏسي اهو سمجھه ۾ اچي ٿو ته هو مون لاءِ فڪرمند آهن. منهنجو سمورو خاندان گڏجي ان سان وڙهي رهيو آهي، زندگيءَ ۾ جيڪي ڪجھه ٿيو مستقبل ۾ اسان ان کي قبولڻ لاءِ تيار آهيون. حد کان وڌيڪ پروموشن راس ناهن ايندا. فلم سڀاڻي رليز ٿيندي.”بجرنگي ڀائيجان” جي هدايتڪار ۽ ان جي ڪاسٽ سان فلم جي پروموشن جي سلسلي ۾ دهلي پهتل هئا. هن ڳائڻي ميڪا سنگهه سان گڏ ”آج ڪي پارٽي ميري طرف سي“ گيت ڳايو. ان موقعي تي ڪرينا ڪپور ۽ نواز الدين صديقي پڻ موجود هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *