بالي ووڊ اداڪار عامر خان فلم جو ڪلائيميڪس ڏسي هڪ ڀيرو ٻيهر روئي ويٺو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان کي فلم جو ڪلائيميڪس ڏسڻ لاءِ دعوت ڏني وئي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر روئي ويٺو. ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب نکيل ايڊواڻيءَ جي فلم ”ڪٽي بٽي“ جيڪا جلد ئي رليز ٿيڻ واري آهي جنهن ۾ عامر خان جو ڀاڻج اداڪار عمران خان ۽ بالي ووڊ ڪوئين ڪنگنا رناوت مرڪزي ڪردار نڀائي رهيا آهن، بالي ووڊ اداڪار عامر خان جڏهن فلم جو ڪلائيميڪس ڏٺو ته هو پنهنجي جذبات تي قابو رکي نه سگھيو ۽ روئي ويٺو. فلم جي هدايتڪار نکيل ايڊواڻيءَ ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته عامر خان فلم جي آخري 22 منٽن تائين لاڳيتو ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو. واضح رهي ته عامر خان عيد تي رليز ٿيندڙ سلمان خان جي نئين فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ کان تمام گھڻو متاثر ٿي پڻ روئي ويٺو هو ۽ هن فلم کي سلمان خان جي ڪيريئر جي بهترين فلم قرار ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *