اميد آهي ته مان پهرين مسلمان ناري هوندس جيڪا مس اٽلي بڻبي:اهالم برنس

ميڊرڊ (شوبز نيوز) يورپ جي ملڪ اٽلي جي مسلمان ناري اهالم برنس جو چوڻ آهي ته کيس اميد آهي ته هو پهرين مسلمان ناري هوندي جيڪا مس اٽلي بڻبي، 20 سالن جي نوجوان ماڊل ۽ فيشن ڊزائينر ناري جو چوڻ هو ته مٿس تنقيد ڪئي پئي وڃي، ته هو اسلام جي بي حرمتي ڪري رهي آهي، ناري جو چوڻ هو ته کيس ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته مسلمان هجڻ جي ناتي ڪنهن خوبصورتي واري مقابلي ۾ حصو وٺڻ شريعت جي خلاف آهي ۽ ان عمل سان مان اسلام کي بدنام پئي ڪريان، مراڪش سان تعلق رکندڙ مسلمان ناري وڌيڪ چيو ته سندس والدين کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هن چيو ته سوڙها ڪپڙا پائڻ تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي کيس گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي، هن چيو ته کيس اهڙي ننڍڙي سوچ وارن ماڻهن جي ڪا به پرواهه ناهي ۽ مراڪش ۾ ويٺل پنهنجي ڏاڏي جي دعائن سان هن ڀيري اٽلي جي مقامي خوبصورتي واري مقابلي ۾ پهرين مسلمان مس اٽلي بڻجڻ جو رڪارڊ جوڙينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *