هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا اينجلينا جوليءَ کي هاڻي هديتڪاري ڪرڻ جو جنون جاڳي پيو

يويارڪ (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا اينجلينا جوليءَ کي هاڻي هديتڪاري ڪرڻ جو به خيال آيو آهي، هالي ووڊ ذريعن موجب فلمساز ادارو نيٽ فلڪس ڪجهه سالن کان بالي ووڊ اچڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته ايندڙ سال ”فرسٽ دي ڪلڊ ماءِ فادر“ نالي هڪ فلم ٺاهي پئي وڃي، جنهن جي هدايتڪاري جا فرض خوبصورت اداڪارا اينجلينا جولي نڀائيندي نظر ايندي. فلم جي ڪهاڻي ڪمبوڊيا جي هڪ ناول نگار جي ناول تان کنيل آهي، جنهن ڪمبوڊيا جي خطرناڪ حڪومت جي قدمن کي پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو. اينجلينا جولي نه رڳو فلم جي هدايتڪاري ڪندي پر هوءَ ان فلم کي پروڊيوس به ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *