استاد وحيد علي جي 16 هين ورسي ( سڀاڻي) حيدرآباد ۾ ملهائي ويندي

حيدرآباد (شوبز نيوز) سنڌ جي فوڪ ليجنڊ راڳي مرحوم استاد وحيد علي جي 16 هين ورسي سڀاڻي 10 اپريل 2015ع تي حيدرآباد ۾ ملهائي ويندي _ ان سلسلي ۾ وحيد علي ميوزڪ اڪيڊمي حيدرآباد طرفان 10 اپريل تي رات جو 8 وڳي ڌاري مهراڻ آرٽس ڪائونسل لطيف آباد نمبر 7 ۾ هڪ تقريب رٿي ويندي جنهن ۾ بلڊنگس کاتي جو چيف انجنيئر شفيق الرحمان خاص مهمان جڏهن ته گواليار گهراڻي جو سربراهه استاد فتح علي خان اعزازي مهمان طور شرڪت ڪندو _ تقريب جي پڄاڻي تي محفل موسيقي پڻ ٿيندي جنهن ۾ استاد وحيد علي جا فرزند اقرار وحيد علي ۽ لطيف وحيد کان علاوه سنڌ جا ٻيا ناليوارا فنڪار پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *