ڀارتي عدالت جو اداڪار سلمان خان خلاف سماجي ڪارڪن تي تشدد ۽ کيس ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي عدالت بالي ووڊ اداڪار سلمان خان خلاف سماجي ڪارڪن تي تشدد ۽ کيس ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارت ۾ بدعنواني خلاف آواز اٿاريندڙسماجي تنظيم اکل ڀارتيه ڀرشٽا چار رمولن سميتي جي ڪارڪن رويندر ديويدي طرفان ممبئي جي مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي ته سلمان خان ۽ سندس محافظ گذريل سال 4 نومبر تي ايئر پورٽ تي کيس ڌمڪيون ڏنيون جنهن بعد دهلي ويندڙ اڏام ۾ به سلمان خان کيس گهٽ وڌ ڳالهايو جڏهن ته سندس محافظ مٿس حملو ڪري اهم دستاويز کسي ورتا. رويندر جو چوڻ هو ته هن واقعي جي شڪايت لاڳاپيل پوليس اسٽيشن کي ڏني پر ان طرفان ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي. عدالت درخواست گذار جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ ممبئي ايئر پورٽ پوليس کي سلمان خان ۽ سندس محافظ خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته سلمان خان تي اڳ ۾ ئي 2 ڪيس عدالت ۾ هلي رهيا آهن جن ۾ کيس 15 سالن تائين سزا اچي سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *