ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه!؛ارشد شاهه

پاڪستان ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ سياسي طور تي وڏي اٿل پٿل وارو ماحول نظر اچي رهيو آهي، ڪرپشن خلاف نيب، اينٽي ڪرپشن ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين- متحده قومي موومينٽ خلاف ڪاررواين، ڪرپٽ بيورو ڪريسي کي جاچ جي دائري ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل وزيرن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ پ پ سرڪار تي دٻاءُ وارن معاملن پ پ لاءِ ڪيترائي مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. بيورو ڪريسي کي جاچ جي دائري هيٺ آڻڻ واري مامري تان پ پ سرڪار ۽ جاچ ادارن ۾ اڻ اعلانيل طور تي سرد جنگ شروع ٿي وئي آهي. پ پ قيادت سخت اسٽينڊ وٺڻ بعد يوٽرن واري پراڻي پاليسي جو ورجاءُ ڪندي سنڌ ۾ ڪيترن ئي ڪامورن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو، ان ۾ اڪثر ڪامورا اهي هئا جيڪي پ پ قيادت جا منظور نظر هئا ۽ ملڪ مان فرار ٿي چڪا هئا، ٻئي مرحلي ۾ سنڌ ڪابينا ۾ وڏي ردوبدل جون ڳالهيون ڪيون پئي ويون، ان لاءِ سمنڊ پار دبئي ۾ پ پ قيادت جا ڪجهه اجلاس ٿيا، جنهن مان نتيجو ٺيڪ ان اردو چوڻي وانگي نڪتو ته ”کودا پهاڙ اور نڪلا چوها“ ڪجهه ڏينهن کان اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون ته اطلاعات ۽ بلديات کاتن جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪابينا مان فارغ ڪيو ويندو. ذريعن موجب پ پ قيادت اهڙو فيصلو به ڪري ورتو هو، ان سان گڏ سهيل انور سيال کي هٽائي نادر مگسي کي گهرو وزارت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر دبئي واري اجلاس ۾ پ پ جي هڪ بااثر عورت ايم اين اي جي مداخلت تي اهي فيصلا واپس ورتا ويا ۽ شرجيل ميمڻ کي فارغ ته نه ڪيو ويو پر ورڪس اينڊ سروسز جهڙي تڳڙي وزارت سان نوازيو ويو، ان وزارت جا بلڊنگس ۽ روڊس شعبا ئي بلديات ۽ اطلاعات وزارتن کان سڻڀا آهن، ان بااثر عورت ايم اين اي جي مداخلت تي ئي نادر مگسي کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويو. ڊاڪٽر سڪندر مينڌري کي پارلياماني معاملن، ماحوليات ۽ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کانپوءِ ڪو آپريشن کاتو به ڏنو ويو آهي. مڪيش چاولا به پبلڪ هيلٿ ۽ ڳوٺاڻي ترقي کانپوءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو کاتو ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

سنڌ حڪومت جي رولز آف بزنس جي لتاڙ ڪندي آرڪائيوز کاتو اطلاعات کاتي کان ڌار ڪري شرجيل ميمڻ حوالي ڪيو ويو آهي. سکر مان چونڊيل پ پ ايم پي اي سيد ناصر شاهه جي به لاٽري کلي وئي ۽ کيس صوبائي وزير بڻائي بلديات کاتي جو قلمدان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. بااثر سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو سان انتظامي معاملن تي اختلاف رکندڙ سينئر پ پ اڳواڻ ۽ وزير تعليم نثار کهڙي کان تعليم کاتو واپس وٺي کيس اطلاعات ۽ آبپاشي کاتا ڏنا ويا آهن، اهو فيصلو بهتري جي نيت سان ڀلي ئي نه ڪيو ويو هجي، پر سنڌ حڪومت جي ترجمان جي حيثيت ۾ نثار کهڙو پارٽي پاليسي ۽ حڪومتي فيصلن کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو، پر جي کيس ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏيو ويو ته هو ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي ٿو. مير هزار خان بجاراڻي کي وزير تعليم مقرر ڪيو ويو آهي، هي موصوف پ پ جو سينئر اڳواڻ آهي، ان مان به بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

سنڌ ۾ گورننس جي معاملن تان وزيراعظم ۽ سگهارن ادارن پ پ قيادت ۽ سنڌ سرڪار آڏو اعتراض واريا هئا، ان ملاقاتن ۾ ڪجهه ڪامورن ۽ وزيرن جا نالا وٺي کين پاسيرو ڪري گورننس بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر پ پ قيادت جي ڄاڻايل فيصلن مان ڪٿي به اهو نظر نٿو اچي ته سنڌ ۾ گورننس بهتر ڪرڻ لاءِ اهي فيصلا ڪا خاص تبديلي آڻي سگهندا. اعتراض هيٺ آيل ڪنهن به وزير کي هٽائڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو، پر ذريعن موجب دبئي ۾ ٿيل اجلاس ۾ بهبود آبادي واري کاتي جي وزير سيد علي مردان شاهه، ثقافت کاتي بابت وڏي وزير جي خاص معاون شرميلا فاروقي ۽ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتن جي وزير ڄام خان شوري کي ڪابينا مان فارغ ڪرڻ تي غور ڪيو ويو، پر ان معاملي کي في الحال التوا ۾ رکيو ويو. جڏهن ته ڪجهه نوان وزير ڪابينا ۾ کڻڻ واري معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويو. پر اهو معاملو به غور فڪر تائين محدود ئي رهيو. رڪارڊ ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل سنڌ سرڪار ساڳين چهرن جا کاتا تبديل ڪري پنهنجي سياسي ساک بچائڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿئي ٿي؟ اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر تجزيه نگارن موجب پ پ قيادت ڪجهه آفيسر هٽائي ۽ ڪجهه وزيرن جا کاتا تبديل ڪري آءِ واش ذريعي سياسي ساک بچائڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، اها ڪامياب نه ٿيندي. پ پ قيادت هڪ ٻيو به فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت سنڌ ۾ وڏي وزير جي سربراهي ۾ انٽرنل انڪوائري ڪميٽي ٺاهي آهي ۽ وڏي وزير کي اختيار ڏنا ويا آهن ته هو وزيرن ۽ آفيسرن خلاف جاچ ڪري ثابتي ملڻ تي انهن کي هٽائي سگهي ٿو. ان فيصلي تي حيرت جو اظهار ئي ڪري سگهجي ٿو. سائين سڳوري کي ايس ايس پي ۽ ڊي سي هٽائڻ جو به اختيار نه آهي ۽ اها ڳالهه عالم آشڪار آهي ته فيصلا ڪير ڪري ٿو؟ اڳوڻي صدر آصف زرداري جو هڪ بيان اخبارن ۾ ڇپيو آهي ته قبضن، ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث وزير ۽ آفيسر پاڻمرادو استعيفيٰ ڏئي ڇڏين. چوڻ جي حد تائين اڳوڻي صدر جو بيان ٺيڪ آهي، باقي ائين ٿيڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي.

پ پ قيادت جي ان اجلاسن ۽ انهن ۾ ٿيندڙ فيصلن ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوزيشن بلڪل علامتي آهي، ان کي صرف فوٽو سيشن لاءِ اجلاس ۾ ويهاريو وڃي ٿو. فيصلا وري به اڳوڻو صدر ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي منشا تي ٿي رهيا آهن، جن تي پ پ جي لڏي ۾ ئي سخت تحفظات ظاهر ڪيا پيا وڃن.

پ پ قيادت وٽ سنڌ ۾ گورننس جي بهتري ۽ پارٽيءَ مان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنهري موقعو هو، جيڪو قيادت وڃائي چڪي آهي. پ پ جي اندروني حلقن موجب بلاول ڀٽو زرداري وڏي پئماني تي تبديلي جي خواهش رکي ٿو، پر کيس انتظار ڪرڻ جو لالي پاپ ڏئي اڃا به معاملا ساڳئي نموني هلائڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو آهي. پ پ قيادت کي اهي فيصلا ڪرڻ بعد ڀلي اطمينان حاصل ٿيو هجي پر ٻيون سموريون ڌريون ان کي سياسي ڊرامو قرار ڏئي رهيون آهن.

ڪجهه تجزيه نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته پهرئين اجلاس ۾ ٿيل فيصلن کي ٻيو اجلاس منعقد ڪري تبديل ڪيو ويو ۽ پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ۽ ان ٻئي اجلاس ۾ بلاول ڀٽو شرڪت نه ڪئي هئي.

وفاقي حڪومت ۽ سگهارا ادارا پ پ قيادت جي ان فيصلن مان مطمئن ٿين ٿا يا پنهنجي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ هو پاڻ ميدان ۾ اچي معاملا هٿ ۾ کڻن ٿا، اها صورتحال جلد واضح ٿي ويندي، پر اهو واضح ٿي ويو آهي ته پ پ قيادت کاتا تبديل ڪرڻ تائين تبديلي آڻي سگهي ٿي، باقي چهرا تبديل ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *