گلگت ۽ ڪي پي ڪي بارشن جي نشاني تي

گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ برسات تباهي آڻي ڇڏي آهي، مختلف جاين تي ڇتون ڪرڻ  ۽ ٻين حادثن ۾ 41 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، ميڊيا رپورٽن مطابق گلگت بلتستان ۾ تيز برسات سبب چلاس ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ پيءُ، سندس پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن، ان کانسواءِ چترال جي علائقي ٺينڪ شين ۾ گهر تي جابلو ڇپ ڪرڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته لينڊ سلائيڊنگ سبب قراقرم رستو ڪيترن ئي هنڌن تان بند ٿي ويو آهي، سوات ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سوڌو 3 ڄڻا ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا، ندي نالن ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي، تيز برساتن بحرين ۾ پڻ تباهي آندي آهي ۽ رابطا پل ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي، برساتن سبب سوات درياءَ ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته پشاور ۾ رات جو تيز برساتن سبب رستا ۽ گهٽيون ڍنڍن ۾ تبديل ٿي ويون، چارسده ۾ به شبقدر جي ڳوٺ چلماري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙو دٻجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس امڙ ۽ ڀاءُ زخمي ٿي پيا، بالاڪوٽ جي ڳوٺ ڦاگل ڪاغان ۾ پڻ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، شانگلا ۾ جابلو ڇپ ڪرڻ سب 2 گهر تباهه ٿي ويا، جڏهن  ته ان واقعي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪوهستان جي علائقي پالس ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڀارتي فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بٽگرام ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، شانگله ۾ پهاڙي ڇپ ڪرڻ سبب 2 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جنهن ۾ 10 ماڻهو دٻجي فوت ٿي ويا.

وزيراعظم نوازشريف گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ برساتن سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هن لاڳاپيل عملدارن کي امدادي ڪارروائين ۽ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي آچر تي هتي وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم محمد نواز شريف نيشنل ڊزاسٽر اٿارٽي ۽ بين لاڳاپيل عملدارن کي بروقت امدادي ڪارروائيون خاص ڪري متاثرن کي طبي امداد، کاڌ خوراڪ ۽ پناهه ڏيڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ان ڏس ۾ کين اڳڀرائي کان بروقت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هوڏانهن موسميات کاتي پاران مالاڪنڊ، هزاره ڊويزن، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، اسلام آباد ۽ پشاور سميت مختلف اترين علائقن ۾ برسات ۽ پهاڙي علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *