ڳڙهي خيرو ۾ زميني تڪرار تان رند ۽ سومرا برادري ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا مارجي ويا

جيڪب آباد (اين اين آءِ) جيڪب آباد جي علائقي ڳڙهي خيرو ۾ زرعي زمين جي تڪرار تي رند ۽ سومرو برادري وچ ۾ جهيڙي سبب 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن انفارميشن صلاحڪار مولابخش چانڊيو جيڪب آباد جي مقامي علائقي ۾ سومرو ۽ رندن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان جو نوٽس وٺندي پوليس ۽ ضلعي انتظاميه کي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي تفصيل موجب جيڪب آباد جي تعلقي ڳڙهي خيرو جي پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باداڻي ۾ رندن ۽ سومرن وچ ۾ 6 سئو ايڪڙ زرعي زمين جي تڪرار تي جهيڙو ٿيو جنهن ۾ سومرن جا ڇهه ۽ رندن جا 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن رند ۽ سومرن وچ ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيلن ۾ مراد علي سومرو، گل جان سومرو، غلام علي سومرو، منظور احمد سومرو، محمد خان سومرو، امير بخش سومرو، جڏهن ته رندن جا عبدالحميد ڏاهاڻي ۽ معشوق ڏاهاڻي شامل آهن زخمين ۾ 8 سالن جو زيب سومرو، شهزادو، شير خان ۽ ٻيا شامل آهن. واقعي کانپوءِ ايس ايس پي جيڪب آباد جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ فائرنگ جو سلسلو بند ڪرايو. پوليس سڄي علائقي تي ڪڙو چاڙهي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، قتل ٿيل سومرو برادري جي ڇهن ماڻهن جا لاش ڳڙهي خيرو اسپتال ۾ رکيا ويا آهن جڏهن ته رند برادري جي قتل ٿيل ٻن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *