خانزادي جو قتل ۽ اسان جي عورت: سجاد ظهير

سنڌ ۾ عورتون ڪيتري ڏاڍ جو شڪار آهن، انهن جي واقعن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اسان جي سماج ۾ ملن ٿيون. هڪڙا واقعا اهڙا به آهن جيڪي رپورٽ ٿيڻ کان پهرين دٻجي وڃن ٿا يا هٿ وٺي دٻايا وڃن ٿا. ڪجهه اهڙا واقعا جيڪي اسان جي سماج جا چار ئي پاسا لوڏي ۽ ڌوڏي وجهن ٿا. جن کي پڙهندي فقط مذمت يا ٻه منٽن جي خاموشي کان سواءِ ڪجهه نه ڪرڻ جي سگهه ساري ويهي رهندا آهيون. اهڙو ئي واقعو جيڪو ڪجهه ڏهاڙا پهرين پيش آيو آهي، مڙس شادي جي پهرين رات زال کي ڪارو ڪري ماريو آهي، اها جيڪا ڳاڙهو جوڙو پائي هڪ نئين زندگي جي شروعات ڪرڻ لاءِ نڪتي هُئي، اها عورت پهرين رات مڙس هٿان ڪارنهن بدلي ماري وئي، هيءُ قصو انهي خانزادي جو آهي جيڪا شادي جي پهرين رات پنهنجي مڙس جي هٿن ۾ محبتن بجاءِ گُهٽن جو کاڄ بڻجي زندگي جي جنگ هارائي ويٺي. مقتول خانزادي جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿي چڪي آهي، اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته هيءُ فرياد به بي داد قتل وانگي دٻجي سگهي ٿي، هيءُ واقعو سنڌ جي انهي دنگ جو واقعو آهي، جتي سنڌ جي سرحد بلوچستان جي حدن سان ملي ٿي، اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن جي سوچ اها هوندي ته اهڙن واقعن تي بلوچستان جي قبيلائي سوچ جو اثر آهي. جتوڻيڪ اهو هڪ لٻاڙي دليل آهي يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي جند آجي ڪرڻ لاءِ ان قاتل کي ئي اڻ سڌي طرح هڪ موقعو جوڙي ڏيڻ جو سبب آهن. جيڪڏهن ڏوهن کي نسلن ۽ قبيلن جي بنيادن تي ڏسڻو آهي ته پوءِ هيءُ عدالتون بند ٿيڻ گهرجن. اسان جو اهو عمل هڪ خانزادي نه پر مسقبل جي ڪيترين ئي خانزادين جون زندگيون ٻوڙي سگهي ٿو. هيءُ واقعو ڪو پهريون واقعو نه آهي اسان جو اخبارون ۽ خانگي چئنل انهن خبرن سان ڀريل آهن. منهنجي ڄاڻ موجب عورتن واري بل کان پوءِ  هيءُ ايڏو وڏو پهريون واقعو آهي. انهي واقعي ۽ سماج ۾ عورتن جي سوال کي سمجهڻ جي پڻ ضرورت آهي.

جاگيرداري وارو هيءُ معاشرو هڪ اهڙو ڏاڍ آهي، جتي غريب سان ڏاڍ جا بيشمار واقعا ايترو جلدي نظر ڪين ٿا اچن. وچولي طبق جا ماڻهو، دستڪار، ڪارخانيدار پورهيت، ڪلارڪن ۽ گهٽ پگهار تي ڪم ڪندڙ ملازمن جا ڇڙوڇڙ خاندانَ غريب آهن، سٺي وقت ۾ کين ڏکي حالتن کي منهن ڏيئڻو پوي ٿو، مشڪل سان هوءُ پهنجون گهرجون يا ضرورتون پوريون ڪري سگهندا آهن. انهن ۾ ڪيتريون عورتون پڻ آهن جيڪي غلامي واري زندگي ۾ ڀوڳي پورهيو ڪندي پنهنجي خاندان کي پالين ٿيون. ڏٺو وڃي ته عورت سماج جي تبديلي جو اهم ڏاڪو آهي، دنيا جي عوامي بغاوتن ۾وڌي چڙهي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. عورتن پنهنجو رت ست ڏئي سماجي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف تحريڪن ۽ مورچن تي وڙهنديون رهيون آهن. عورت اسان جي سماج ۾ مختلف طريقن سان ڪيترن ئي نون توڙي جديد استحصالي روين جوشڪار آهي، عورتون پنهنجي حق لاءِ پوءِ به آواز اٿارينديون اچن پيون، ڪيترن ئي مورچن تي ويڙهه ذريعي پنهنجي اصولن تي قائم رهيون آهن، تاريخ ۾ عورت جي جدوجهد جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. انهن تي لکڻ ۽ سکڻ جي ضرورت آهي.

عورتن سان زيادتين جا مختلف واقعا رپورٽ ٿين ٿا. اخبارن، سماجي ادارن ۽ ٿاڻن جي روز نامچن جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿي وڃي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي سال 2008 ع کان پوءِ جڙيل حڪومت وقت ڪيسن جو تعدادا لڳ ڀڳ 2 هزار هو. جيڪو اڳ تي هلي پ پ حڪومت سال 2008 جي دوران وڌيو،ان سال ۾ لڳ 2400 واقعا رجسٽرد ٿيا. 2009ع ۾2620 اقعا پيش آيا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي حڪومت ۾ عورتون قتل ٿينديون رهيون، سال 2010 ع دوران غيرت جي نالي ۾ 433 عورتون ڪاريون ڪري ماريون ويو، ساڳي سال عورتن تي تشدد جي حوالي سان 2838 واقعا رجسٽرڊ ٿيا.  اهڙين مقتول عورتن ۾ ڪيتريون ئي نابالغ ۽ بي سمجهه پڻ هيون. سال2011ع ۾ 265 عورتن کي غيرت جي نالي ۾ قتل ڪيو ويو. جڏهن ته 2012 ع ۾ 316 ۽ 2013 ع دوران 121 عورتون ماريو ويون، عورتن سان پيش ايندڙ اهڙن واقعن نارين ۾ هڪ ڊپ جي ڪيفيت کي جنم ڏنو آهي.

سنڌي سماج ۾ عورت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جڏهن به ٻاهر نڪتي آهي ته ان کي اهو روايتي ڊپ سامهون آيو آهي جنهن ڪري هوءَ پنهنجي ڪردار کي نڀائڻ کان اڳ به سوچي ٿي ۽ جڏهن هن اهڙو ڪردار نڀايو آهي ته سندس سامهون معاشري جون رنڊڪون ضرور سامهون آيون آهن، پوءِ به سنڌ جي عورت پنهنجي وجود ۾ وڙهندي رهي آهي، اڄ به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عورتون سياسي، سماجي ۽ ادبي فورمن تي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيون آهن.

عورتن هميشه هر وقت ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. عورتن جي جدوجهد جي هڪ الڳ اهميت آهي ان کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي، انهن کي برابر حق ڏيڻ گهرجن. ڪنهن به فرد کي ڪنهن جي قتل ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا خوبصورتيءَ سان ڀريل نه هجي ها ڇو ته عورت ماءُ ۽ ڀيڻ جهڙي رشتي جو مهور آهي. عورتن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ سٺا قانون آندا وڃن، جنهن جو پورائو هن دفعي سرڪار پاران عورتن واري بل جي صورت ڪجهه سطح تي نظر آيو آهي عورتن پنهنجي جدجهد سان هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي سال 2014ع کان وٺي حال ۾ جيڪڏهن 2016 ع تي نظر وجهجي ته عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ واڌ آئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا فقط ڪارروائي تائين محدود آهن، جيتوڻيڪ انهي تي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي

خانزادي جو قتل اڄ جي عورت کي هڪ دفعو ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، عورتن تي تشدد خلاف ڪڌين رسمن تي ٿيندڙ پي ايڇ ڊي جون ٿيسز يا اسيمبلي جا بل ڪهڙي اهميت رکن ٿا، جتي خانزادي پهرين رات پنهنجي ور هٿان ڪاري ٿي ماري وڃي. هيءُ هڪ پڻ اڄ جو سوال آهي ته عورتن جي تحريڪ کي وڌيڪ سگهاروبڻائڻو پوندو. عورتن کي گهريلو ڪم جي مشين بڻائڻ بجاءِ انهن کي آزاد ڪيو وڃي، انهن کي انقلابي نظرياتي بڻايو وڃي. خانزدي جيڪا هاڻي موٽي نه ايندي پر ڪارو ڪاري جي ڏوهاري کي مليل سزا ڪيترين ئي خانزادين کي محفوظ بڻائي وجهندي. سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *