پاڪ _چين اقتصادي لنگهه روڪڻ لاءِ آمريڪا افغان طالبان کي استعمال ڪندو..??: غلام مصطفيٰ جمالي

عام طور تي اهو سوال گهڻو پرِيشان ڪندڙ آهي ته طالبان جهڙا انسان هڪ فرقي جي انسان جا ۽ انساني نسل کان تمام گهڻي نفرت ڪندا آهن.. هنن جو ايمان آهي ته هر سڃاڻ رڳو اسلامي سُڃاڻ جي تحت آهي. هن کانپوءِ به پوئين مهيني طالبان ۽ سندن حمايتي ترجمان چئي رهيا آهن ته هو غير ملڪي قوتن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.جڏهن ته اها به هڪ واضع حقيقت آهي ته طالبان جنهن غيرملڪي قوتن جي خاتمي جو مشن کڻي نڪتا آهن.جيڪڏهن انهن کان ئي پڇجي ته اوهانجي هٿن ۾ اهي هٿيار ڪنهن ڏنا ته انهن وٽ انهي سوال جو ڪوبه جواب نه هوندو.ڇو ته اهي خد غيرملڪي قوتن جي پيدائش آهن.جيڪي غيرملڪي قوتن پاڻ ۾ نفرتن جو هڪ وڏو آڙاهه کڻي پيون هلن.جيڪي هن ايٽمي طور اندر هڪ ٻئي سان سڌي سنئي جنگ ته ڪري نه ٿيون سگهن.پوءِ انهن قوتن طالبانن جهڙا گروپ ٺاهي ڪري پنهنجي مخالف قوتن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

طالبان کي تاريخ ايتري پراڻي ناهي جو ڪنهن کان وسري سگهي هجي.ڪالهه جڏهن روس دنيا کي حڪومت ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو هو ته انهن خوابن کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جيڪو هن وقت روس جو وڏي ۾ وڏو دشمن هو انهي طالبان ناهي هڪ تنظيم ٺاهي ڪري روس جي نه رڳو ڪمزور ڪيو پر انهن طالبانن جي صورت ۾ دنيا اندر وڏيون تباهيون آنديون.جيڪي هن وقت پوري دنيا لاءِ خطرو آهن.هڪ اخبار کي انٽريو ڏيندي نيشنل پارٽي خيبرپختونخواهه جي صدر مختيار باچا چيو آهي ته پاڪ- چين اقتصادي راهداري کي روڪڻ لاءِ آمريڪا طالبان کي استعمال ڪري سگهي ٿو. پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تائين رسائي جو هڪ لنگهه گوادر کان زوب آهي جنهن سان بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. پاڪ چين اقتصادي راهداري وارو منصوبو جيڪو 2015ع کان 2030ع تائين جاري رهندو تنهن ۾ 36 ارب ڊالرن جي لاڳت سان توانائي جي پيداوار جا ڪيترائي منصوبا شامل آهن. ان منصوبي ۾ ڪيئي صنعتي منصوبا پڻ شامل آهن.

پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي جي اوڀرندي لنگهه وٽ به سموريون اهي سهولتون فراهم ڪيون وينديون جيڪي منصوبي جي الهندي لنگهه تي هونديون. بلوچستان جي ترقي لاءِ وفاقي ترقياتي فنڊ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي نه ڪئي ويندي. .اقتصادي لنگهه تحت ترجيحي توانائي منصوبن ۾ پورٽ قاسم اليڪٽرڪ ڪمپني، ڪوئلي سان هلندڙ پلانٽ (1320 ميگاواٽ)، ساهيوال ۾ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهر (1320 ميگاواٽ)، اينگرو ٿر ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ (1320 ميگاواٽ)، ٿر ڪول فيلڊ ٿري جي بلاڪ ٽو ۾ سرفيس مائن، گوادر ڪول پاور پراجيڪٽ (300 ميگاواٽ)، حبڪو ڪول پاور پلانٽ (660 ميگاواٽ)، رحيم يار خان ڪول پاور پراجيڪٽ (1320 ميگاواٽ)، ايس ايس آر ايل ٿرڪول بلاڪ ۽ سي پي آءِ ايڇ مائن مائوٿ پاور پلانٽ، ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ ٿر بلاڪ ون (1320 ميگاواٽ)، قائداعظم سولر پارڪ بهاولپور (1000 ميگاواٽ)، دائود ونڊ فارم ڀنڀور سنڌ (50 ميگاواٽ)، يو اي پي (100 ميگاواٽ)، ونڊ فارم جهمپير سچل (50 فارم جهمپير سنڌ سونڪ  ميگاواٽ)، نوري آباد ٺٽو سنڌ شامل آهن.

پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فري زون، گوادر ۾ سمارٽ سٽي جي ترقي گوادر جي ترقياتي منصوبن جو حصو آهن. پاڪ چين اقتصادي لنگهه ۾ ڪيترائي منصوبا شامل آهن جن ۾ 350 ملين ڊالر ماليت جو سوات موٽروي پراجيڪٽ (81 ڪلوميٽر) سميت ريل ۽ روڊ نيٽ ورڪس، تيل ۽ گئس جا شعبا، صنعتي ۽ اقتصادي زونز، معدنياتي پراسيسنگ ۽ ڊولپمينٽ زونز، ٽيلي مواصلات جو شعبو، زرعي ترقي جو شعبو ۽ انساني وسيلن جي ترقي سميت ٻيا منصوبا شامل آهن. اهو به ٻڌايوويو ته سي پي اي سي انرجي ايڪٽيوٽي پروموٽيڊ پراجيڪٽ ۾ گڏاڻي پاور پراجيڪٽ، حب ڪول پاور پلانٽ، حب بلوچستان (660 ميگاواٽ)، سالٽ رينج، مائن مائوٿ پاور پراجيڪٽ، ڪوهالا هائيڊرو پراجيڪٽ، اي جي ڪي (1100 ميگاواٽ)، پاڪستان ونڊ فارم جهمپير ٺٽو سنڌ (100 ميگاواٽ)، ٿر مائوٿ اوريڪل ٿر سنڌ، مظفر ڳڙهه ڪول پاور پراجيڪٽ (1320 ميگاواٽ)، سالٽ رينج مائوٿ پاور پراجيڪٽ سميت چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪمپني ڪوهالا هائيڊل پاور پراجيڪٽ اي جي ڪي ۽ پاڪستان ونڊ فارم ٽو جهمپير ٺٽو جي تعاون سان مائيننگ شامل آهن. هن ڪري پاڪستان جي ترقي جي ايڏي وڏي منصوبي ڪهڙِي نموني سان سندس نگراني ڪئي وڃي،جڏهن ته پاڪ فوج اقتصادي لنگهه رٿا جي مڪمل ٿيڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي..جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه رٿا عوام جي زندگيءَ تبديل ڪري ڇڏيندي.آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪ فوج اقتصادي لنگهه رٿا جي مڪمل ٿيڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي..جڏهن ته انهي پاڪ چين اقصادي راءِ ڌاري جي حساب سان اسانجي پاڙيسري ملڪ ڀارت کي وڌيڪ تڪيلف آهي.ان ڪري ڀارت پاران اهڙا خطرناڪ منصوبا ضرور جوڙيا هوندا جن کي وسيلي انهي منصوبي کي ناڪام ڪري سگهجي. ڀارت پاڪ – چين اقتصادي لنگهه رٿا کي تباهه ڪرڻ لاءِ خوفناڪ منصوبو جوڙي ڇڏيو آهي، ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“پاڪ – چين اقتصادي لنگهه رٿا کي تڪراري بڻائڻ لاءِ 4 رڪني ٽيم تي ٻڌل نئون سيٽ اپ جوڙي ڇڏيو آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق ڀارت پاڪ – چين اقتصادي لنگهه رٿا جي مخالفت ۽ دشمني جو ثبوت ڏيندي ان منصوبي کي تباهه ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ورتو آهي، جنهن جي سموري ذميواري ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کي سونپي وئي آهي.

ڀارتي ڳجهي ايجنسي انيل دشمنا جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ۽ جنهن کي پاڪ – چين اقتصادي لنگهه رٿا کي تڪراري بڻائڻ لاءِ مختلف ٽاسڪ ڏنا ويا آهن، چار رڪني ڪميٽي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 34

ميجر جنرل راجيشو سنگهه، جي ايس رميش ۽ ويوڪ جوهري تي ٻڌل هوندي، ميجر جنرل راجيشو سگنهه سان 2 جوائنٽ سيڪريٽري به گڏ هوندا، جيڪي سڀني معاملن جي نگراني ڪندا، جڏهن ته ميجر جنرل راجيشو سنگهه کي پاڪ – چين اقتصادي لنگهه رٿا کي تباهه ڪرڻ لاءِ گوادر ايڪسپريس وي تي دهشتگرد ڪارروائي جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي،اهڙي ريت جي ايس رميش کي بلوچستان ۾ رٿا کي تڪراري بڻائڻ جي لاءِ ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، اهڙي ريت ويوڪ جوهري سنڌ ۽ پنجاب ۾ رٿا کي ناڪام بنائڻ لاءِ پنهنجا حربا استعمال ڪندو، انيل ڌشمنا کي 4 رڪني ٽيم جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو سموري ڪارروائي جي هڪ جامع رپورٽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کي پيش ڪندو.جڏهن ته ٻئي پاسي اقتصادي لنگهه جو مين مرڪز بلوچستان آهي.جٿان سڌي سئني افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحد قائم آهي.افغانستان جنهن اندر هن وقت آمريڪا جي فوج انهن طالبانن خلاف وڙهي رهي آهي پر ڏنو وڃي ته آمرڪي فوج هوندي ته طالبان افغانستان اندر زرو وٺي رهيا آهن.

افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي هوندي به طالبان هلمند صوبي جي اهم دفاعي ضلعي هيڊڪواٽر موسيٰ قلعي تي قبضو ڪري ورتو آهي، گذريل ٽن هفتن ۾ هلمند جو هي ٻيو شهر آهي، جنهن تي طالبان قبضو ڪري ورتو آهي، ان کان اڳ هنن نواز دا شهر تي ڪيترا ئي حملا ڪري ان تي قبضو ڪري ورتو هو.جڏهن ته دنيا اڃان به طالبانن جي خوف ۾ ورتل آهي.انهي ڪري اهي سوال اهم آهي ته آمريڪا پاڪ اقتصادي لنگهه روڪڻ لاءِ طالبانن جو استعمال ڪندو.پر پاڪ آرمي جهڙي نموني پنهنجا ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي.انهي کي ڏسي ڪري اهو يقين آهي ته پاڪستان جي انهي منصوبي کي عالمي دشمن قوتن ڪيتريون به روز لڳائين.پر ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *