ڪراچي جي امن کي وري لڳل نظر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروايون…..!!!

رينجرز ۽ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مسلسل ڪوششن بعد ڪراچي جو امن بحال ٿي ويو آهي، جنهن سبب عوام سک جو ساهه کڻي رهيو آهي، امن بحال ٿيڻ بعد وري ڪجهه امن دشمن ڪراچي شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري امن امان کي خراب ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، پوءِ اهي ملڪ اندر موجود دشمن هجي يا ٻاهريون دشمن جيڪو مسلسل ڪوشش ۾ آهي ته ڪراچي سميت پاڪستان جو امن بحال نه ٿئي ۽ رت جي راند جاري رهي.

هڪ ڀيرو وري قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تحرڪ ۾ اچي ويا آهن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي سرگرم ٿيڻ جي انڪشاف کانپوءِ امن دشمنن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فرقيوارڻي ٽارگيٽ ڪلنگ روڪڻ جي حڪمت عملي به ٺاهي وئي آهي، رينجرز ۽ پوليس ٽارگيٽ ڪلنگ جي تازن واقعن جي رپورٽ به تيار ڪري ورتي آهي،

رپورٽن موجب فرقيواراڻي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ٽي گروپ ملوث آهن، ٻن کي مذهبي ۽ هڪ کي سياسي پٺڀرائي حاصل آهي، صورتحال ۾ بهتري آڻڻ لاءِ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن کي به گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جو امن خراب ڪندڙ عنصرن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، سيڪيورٽي اهلڪارن، رضويه سوسائٽي، ناگن چورنگي ۽ لانڍي سميت مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪري مذهبي اڳواڻن سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، رضويه ۾ گرفتارين جي خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ رينجرز رضويه ۾ ڳجهي اطلاع تي ٽاگيٽڊ آپريشن ڪيو، جنهن دوران سوسائٽي جا ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري آمد و رفت تي پابندي لڳائي وئي.

ٻئي طرف ناگن چورنگي ويجهو پوليس ۽ رينجرز گڏيل آپريشن ڪري مذهبي تنظيم جي اڳواڻ تاج حنفي کي گرفتار ڪيو، هٿيار به هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ هڪ ٻئي مذهبي اڳواڻ علامه مرزا يوسف کي به رينجرز ناظم آباد واري علائقي مان گرفتار ڪيو، رينجرز موجب سرچ آپريشن دوران هٿيار ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد به مليو آهي، جڏهن ته اهل سنت والجماعت جي صدر رب نواز حنفي ۽ مهتمم جامعه صديق اڪبر مولانا شعيب جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.  هوڏانهن ڪراچي ۾ هلندڙ سال هينئر تائين 29 هزار 536 شهري موبائيل فون کان محروم ٿي ويا آهن، رپورٽ موجب روزانو ڪراچي ۾ 98 موبائيل فون ڦر ٿيڻ جون وارداتون ٿين ٿيون، ان حوالي سان گلشن اقبال وارو علائقو اسٽريٽ ڪرائيم ۾ سڀ کان نمايان آهي. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي. جنهن سبب شهرين ۾ بي چيني وڌندي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *