ڪراچي: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، 3 زخمي، مرزا يوسف ۽ تاج حنفي سميت 50 کان وڌيڪ گرفتار

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ دهشتگردي جي تازي لهر کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران سرچ آپريشن ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران اهل سنت والجماعت جي جنرل سيڪريٽري مرزا يوسف حسين سميت 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، سرچ آپريشن دوران هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، تفصيل موجب پوليس ۽ رينجرز آچر جي صبح ناظم آباد ۾ رضويا ۽ نانگن چورنگي ويجهو مسجد صديق اڪبر هاسٽل ۾ سرچ آپريشن ڪيو، آپريشن دوران 3 کي حراست ۾ ورتو ويو جنهن کانپوءِ شهر ۾ سرچ آپريشن دوران گرفتار ٿيل ماڻهن جو انگ 50 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، مختلف علائقن ۾ گذريل رات فائرنگ سان 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿيا هئا، پوليس موجب سچل جي علائقي ۾ اڻڄاتل جوابدارن مجلس عزا کان واپس ٿيندڙ تي فائرنگ ڪئي جنهن سان ڪامران فوت، جڏهن ته انور قاظمي سخت زخمي ٿي پيو، اورنگي ٽائون ۾ فائرنگ سان اسرار نالي شخص مارجي ويو، ايس ايس پي ويسٽ موجب فائرنگ جو واقعو ذاتي دشمني سبب ٻڌايو ويو آهي، اورنگي ۾ به فائرنگ سان 3 ڄڻا زخمي ٿيا، پوليس موجب ٽنهي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، نانگن چورنگي صديق اڪبر ۾ رينجرز سرچ آپريشن دوران اهل سنت والجماعت جي جنرل سيڪريٽري تاج حنفي کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن، رينجرز موجب سرچ آپريشن دوران هٿيار ۽ نفرت وارو مواد به هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اهل سنت والجماعت جي صدر ربنواز حنفي صديق اڪبر مولانا شعيب جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، مدينا ڪالوني ۽ نيو ڪراچي جي علائقن مان 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، ناظم آباد ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري ڪارروائي ڪري علامه يوسف حسين کي حراست ۾ وٺي جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو، خيال رهي ته علامه مرزا يوسف حسين مسجد نور ايمان جو خطيب آهي.  ملڪ ۾ جاري شيعا ٽارگيٽ ڪلنگ، رياستي جبر، اڳوڻي سينيٽر فيصل رضا عابدي، شيعا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ مرزا يوسف سميت ملت شيعا جي ٻين ماڻهن جي گرفتارين خلاف مجلس وحدت المسلمين جو سڏ ڪراچي ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي ٻين وڏن شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ خراسان کان نمائش چورنگي تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن جي قيادت مجلس وحدت مسلمين، سني اتحاد ڪونسل، شيعا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڪئي، ريلي ۾ سوين ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي، مقرررين خطاب ڪندي چيو ته هن ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ملت تشعيت ڏنيون آهن، اسان هميشه آئين ۽ قانون کي بالاتر سمجهيو پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان اهو ثابت ڪيو ته اهل تشيع پاڪستان جي ذميوار ۽ محب وطن شهري آهن پر يهودين جي چوڻ تي شيعن کي حڪومت طرفان جنهن جارحاڻي عمل سان منهن ڏيڻو پوي ٿو ان نامناسب ۽ ملڪ کي انتشار طرف وٺي وڃڻ جي طئه ٿيل سازش آهي، اسان جي مختلف شعبن جا ماهر، وڪيل، انجنيئر، ڊآڪٽر ۽ اعليٰ تعليم يافته ماڻهو روز دهشتگردي جي ور چڙهي رهيا آهن، اسان گذريل 3 ڏهاڪن کان لاش کڻي رهيا آهيون پر قاتل اڄ ڏينهن تائين آزاد گهمي رهيا آهن، انهن تي ڪو مضبوط هٿ نٿو وڌو وڃي، ان جي برعڪس اسان جي بي گناهه ماڻهن کي قيدي بڻايو پيو وڃي جيڪو ملڪ دشمن پابندي مڙهيل پاٽين خلاف آواز بلن ڪن ٿا، قانون ۽ انصاف کي آخر ڪيستائين پرڏيهي ڊڪٽيشن جو غلام بڻايو ويندو، هنن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن دوران مجلس ۾ 5 ماڻهن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، سنڌ حڪومت کي علم آهي ته ڪهڙي پابندي مڙهيل پارٽي اهڙي طرح جي واقعن جي ذميواري آهي، جڏهن ته ڪنهن ذميوار جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. هن حڪومت پاڪستان کي پنهنجا مطالبا ورجائيندي چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي فوري طور عمل ڪرايو وڃي پابندي مڙهيل تنظيمن جي سياسي ۽ مذهبي سرگرمين تي مڪمل پابندي هڻي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي جيڪي نالا تبديل ڪري پنهنجون سرگرميون جاري رکندا اچن پيا ۽ شيعن کي گرفتار ڪيل بي گناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن شهرين جا نالا شيڊول فور مان ڪڍيا وڃن جيڪي ڪنهن غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث نه آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *