ڪراچي جا سرد خانا ۽ گرمي جي لپيٽ ۾ آيل عوام….!

 

ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ لڪ لڳڻ سبب 100 کان وڌيڪ شهري اجل جو شڪار ٿي ويا، انگ 748 ٿي ويو. ايڌي سرد خاني سميت سرد خانن ۾ گنجائش ختم ٿي وئي، قبرستانن جي گورکن لاشن جي تدفين کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو. جناح اسپتال ۾  گرمي جي سٽيل ماڻهن کي طبي امداد ڏني وئي ۽ مختلف علائقن مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خلق کي آندو ويو. ايڌي فائونڊيشن موجب 250 ماڻهن جا لاش ايڌي سردخاني ۾ آندا ويا، ايڌي فائونڊيشن موجب هڪ سئو مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته 30 لاشن جي امانت طور تدفين ڪئي وئي. 2 سو کان وڌيڪ مڙهه اڃا به سردخاني ۾ پيل آهن جڏهن ته فوتين ۾ اڪثريت وڏي عــُمر جي ماڻهن جي آهي.ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته ميوا شاهه، سخي حسن، عيسيٰ نگري، پاپوش نگر، عزيز آباد ۽ شهر جي ٻين قبرستانن ۾ لاش دفنائڻ جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي. هوڏانهن فوج ۽ رينجرس طرفان جناح اسپتال ۽ عائشه باواني اسڪول ۾ ڪئمپون قائم ڪيون ويون جتي سون جي تعداد ۾ گرمي جي ماريل ماڻهن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي،هوڏانهن پاڪستان رينجرز سنڌ شهر جي مختلف علائقن ۾ گرمي کان متاثر شهرين لاءِ 10 هيٽ اسٽروڪ رليف سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن. رينجرز ترجمان مطابق ڪراچي ۾ گرمي جي شدت ۽ گهـُٽ جي نتيجي ۾ شهرين جو وڏو انگ متاثر ٿيڻ سبب رينجرز هيٽ اسٽروڪ کان متاثر شهرين لاءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 10 هنڌن تي هيٽ اسٽروڪ رليف سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتي ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف مريضن جي سار سنڀال لاءِ موجود آهن. رينجرز پاران رينجرز ٽول پلازه سنڌ، رينجرز اسپتال نارٿ ناظم آباد بلاڪ اي، هيڊ ڪوارٽر 53 ونگ، بلديه ٽائون، هيڊڪواٽر 93 ونگ پيپلز فٽبال اسٽيڊيم، ماڙي پور روڊ هيڊڪوارٽر، 91 ونگ سائيٽ اسٽيڊيم، هيڊڪوارٽر 72 ونگ ڪالاپل، هيڊڪوارٽر 83 ونگ جامعه ملير، هيڊ ڪوارٽر 82 ونگ مظفر آباد ڪالوني، هيڊڪوارٽر 63 ونگ ڪراچي يونيورسٽي، هيڊڪوارٽر 44 ونگ نارٿ ڪراچي ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. رينجرز ترجمان شهرين کي اپيل ڪئي ته گرمي جي شدت ۽ لڪ لڳڻ جي مريضن کي سينٽر ۾ طبي سهولتون ڏنيون وينديون. ڪراچي ۾ سخت گرمي باوجود مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل بجلي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي. نارٿ ڪراچي ۾ پاور هائوس ويجهو شهرين بجلي بند هجڻ خلاف روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪيو، بنارس چورنگي، ملير، نارٿ ناظم آباد، اورنگي، ڪورنگي، لياقت آباد، واٽر پمپ ۽ ٻين علائقن ۾ بجلي بند رهي. مختلف گرڊ اسٽيشنون ٽرپ ڪري ويون، ان ڪري گذريل رات سهراب ڳوٺ، ملير ڪالا پل، شارع فيصل، گرين ٽائون، ڪورنگي ڪراسنگ،  سميت ٻيا علائقا اونده ۾ ٻڏي ويا. جنهن تي شهري رستن تي نڪري آيا ۽ روڊ بلاڪ ڪري ٽائر ساڙي ۽ حڪومت توڙي ڪي اليڪٽرڪ خلاف نعريبازي ڪئي. گذريل رات ڪراچي جي جناح اسپتال سان گڏ نيشنل چائلڊ انسٽيوٽ آف هيلٿ جي وارڊ نمبر 18 ۾ داخل ٻارڙن مان 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتي ٻارڙن جي وارثن  الزام مڙهيندي چيو گذريل رات وارڊ نمبر 18مان ڊاڪٽر غائب ٿي ويا. هوڏانهن جناح اسپتال ۾ 415، سول اسپتال ۾ 98، عباسي شهيد اسپتال ۾ 84، قطر اسپتال ۾ 34، لياقت نيشنل 61، انڊس اسپتال ۾ 41، ضياءُالدين اسپتال ۾ 35، نيو ڪراچي اسپتال ۾ 15، لياقت آباد 6، لياري اسپتال ۾ 17، ڪي ايم سي اسپتالن ۾ 112، ڪارڊيو ۾ 46، ڪي پي ٽي اسپتال ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. جناح اسپتال انتظاميا موجب 24 ڪلاڪن ۾ 3000 ماڻهو اسپتال آندا ويا، جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي هن قهر جي گرمي کان بچائڻ لاءِ سخت اقدام ڪري ته جيئن عوامي زندگيون بچي سگهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *