پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جو مستقبل ۽  متبادل قيادت؛حميد ڀٽو

سنڌ اندر سياسي دڪانداري سبب مسڪين ماڻهو ويل ۾ آهي وفاق توڙي سنڌ سرڪار هڪٻي تي الزامن جي سياست ڪري رهيا اهن اربح ڏينهن قومي اسمبلي ۾هڪٻي تي الزم تراشي کاسواءٌ قوم کي ڪجه نا هي مليو سنڌ اندر گرمي سبب مري ويلن جي ڏک ۾ هڪ ڏينهن هڙتال ڪندي سرڪاري موڪل ڏني جنهن ۾ مري ويلن مسڪينن جي مد د سرڪار کان ٻاهران ماڻهو پيا ڪن سرڪار جا ڪوڙا اعلان جاري آهن باقي سگهارين ڌرين ۽ پيپلزپارٽي ۾جاري ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪرپشن سميت ٻين مختلف الزامن جي ور چڙهندڙسنڌ حڪومت پنهنجي بچاءَ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ ڪامورا عدالتن ذريعي ضمانتون ڪرائڻ سميت ملڪ مان فرار ٿيڻ جون راهون تلاش ڪري رهيا آهن، معمول مطابق سنڌ سرڪار پنهنجي ڪم ۾ مگن جائز توڙي ناجائز ڪم ڪري رهي آهي. اهڙي تسلسل ۾ رخنو تڏهن پوڻ شروع ٿيو جڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ سگهارين ڌرين کي اهڙي صورتحال ۾ للڪاريو جڏهن سگهارين ڌرين جو سربراهه چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف روس جي سرڪاري دوري تي ويل هو. روس جي پس منظر ۾ جيڪڏهن جهاتي پائبي ته مٿس آمريڪا بهادر سخت ڏمريل رهيو آهي ۽ پنهنجي لاءِ اک جو ڪنڊو سمجهندو آهي، ان ڪري آمريڪا بهادر کان پاڪستان جي آرمي چيف جو روس وارو اهو دورو هضم نه ٿي سگهيونتيجي ۾ روس ۽ پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي ”پاڪستان پيپلزپارٽي“ کان سازش تحت سگهارين ڌرين جي خلاف اهڙي وقت ۾ بيان ڏيارياويا، جڏهن سگهارين ڌرين جو چيف ملڪ کان ٻاهر ويل هو، آصف علي زرداري جي جاري ڪيل سخت بيان نه رڳو سگهارين ڌرين کي چيڙائي وڌو پر پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٿيندڙ دفاعي معاهدن کي پڻ نقصان رسيو، ان ڪري ملڪ جي وزير اعظم سميت ملڪ جي ڪيترين ئي سياسي پارٽين پڻ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ان جاري ڪيل بيان جي سخت مذمت ڪئي. مسلم ليگ (ن) پڻ اهڙي بيان کانپو آصف علي زرداري جي دوستي کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي پنجاب ۾ موجودگي دوران آصف علي زرداري ڪيتريون ئي شڪايتون کڻي ملڪ جي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ٽائيم ورتو جنهن کي پڻ ميان محمد نواز شريف ملڻ کان انڪار ڪيو،اهڙي صورتحال پڻ آصف علي زرداري جي اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. اهڙي طرح سان عسڪري قيادت ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ پيدا ٿيل سخت ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ ڪرپشن، لاقانونيت، اقربا پروري سميت ٻين ڏوهاري سرگرمين خلاف ٿيندڙ ڪاررواين جونشانو ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، لوڪل گورنمينٽ، ايريگيشن کاتو،ايڪسايز کاتو،فوڊ کاتو، فشرمينز ڪو آپريٽو سوسائٽي، بلڊنگز ڊپارٽمينٽ، ايجوڪيشن کاتو، تعليم کاتي جو ريفارم سپورٽ پروگرام سميت ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ رينجرز ۽ نيب ڪارروايون ڪري کاتن جي سربراهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڳالهيون ٻاهر نڪري رهيون آهن ته ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ايم ڊي منظور ڪاڪا جي ڪيل ڪرپشن لاءِ سڀ کان پهريائن سنڌ حڪومت جي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان وڏي وزير کي خط لکي انڪوائري جي گذارش ڪئي هئي ۽ ان خط جو فائدو ٽئين قوتن حاصل ڪندي منظور ڪاڪا سميت ٻين گرفتار ٿيل کاتن جي سربراهن توڙي کاٽو پٽن کي گرفتار ڪري رينجرز ڪرپشن خلاف جهڙي طرح سان آغاز ڪيو آهي، تنهن سان رينجرز کي ڪيترائي فائدا حاصل ٿيا آهن جنهن مان هڪڙو فائدو عسڪري قيادت کي عوامي لاڀ جي صورت ۾ حاصل ٿيو. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلزپاٽي ۽  ان جي سربراهه آصف علي زرداري جي ساک متاثر ٿي آهي، هوڏانهن عسڪري قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙآصف علي زرداري کان اڪثر سياسي کيڏاري کان پاسو ڪرڻ جي ڪوششن ۾آهن، جنهن جو ثبوت زرداري هائوس تي منعقد ٿيل افطار پارٽي ۾ ڪجهه سياسي اڳواڻن کان سواءِ آصف علي زرداي جي ويجهو رهندڙ سياسي کيڏاڙي پڻ پاسو ڪرڻ شروع ڪيو آهي، اهڙي پيدا ٿيل صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ جي سميت عسڪري قيادت کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي شڪارپور ضلعي ۾ سنڌ صوبي جي ملڪيت بڻيل سرڪاري زمين سگهارين ڌرين کي ڏئي پنهنجي جند آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.پر لڳي نه ٿو ته سرڪاري زمين عيوض عسڪري قيادت دهشتگردي ۽ ڪرپشن کان لاء تعلق بڻجي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن تي اکيون ٻوٽي، بلڪل ائين نه ٿو ٿي سگهي. رينجرز جي ڪاررواين جي نتيجي ۾ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن توڙي ڪامورن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، تن پنهنجي دور ۾ جائز يا ناجائز طور تي ڪرپشن جي بيحد انتها ڪئي، ان ڪري عتاب هيٺ هجڻ دوران هاڻي سندن ڪير به والي ۽ وارث نه ٿيندو خود پيپلزپارٽي ۽ ان جي قيادت ڪرپشن سميت ٻين الزامن هيٺ آيلن جي باضابطه طور تي پرگهور لهڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندي الٽو پارٽي قيادت پنهنجي مٿان ڪرپشن جي لڳل الزامن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ جتن ڪندي. انهيءَ سموري صورتحال ۾ اها ڳالهه به چئي سگهجي ٿي ته جيسيتائين انهن گرفتار ٿيلن کي ٽن مهينن جي رمانڊ کان پوءِ عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ سچ ڪوڙ ثابت ٿئي تيسيتائين گرفتار ٿيل سخت عذاب هيٺ ڏکيا ڏينهن پيا گهاريندا رهندا ۽ ان جو اثر وري به سنڌ حڪومت جي ساک لاءِ به سواليا نشان بڻجڻ لڳندو، جنهن جي ڪارڪردگي انتها درجي واري داغدار بڻجي چڪي آهي. ان سموري جهڳڙي ۾ عالمي قوتن جو ٽڪراءُ  به يقينن شامل آهي ۽ مختلف ڌريون پنهنجي مخصوص مفادن جي  لاءِ يقينن استعمال ٿين ٿيون، موجوده صورتحال ۾ پيپلزپارٽي عالمي قوتن جي اشارن تي شايد استعمال ٿي هجي، جنهن جي ڀوڳنا پيپلزپارٽي سان ويجهڙائي رکندڙ مختلف ادارن جي سربراهن توڙي وزير ۽ ڪامورا ڀوڳي رهيا آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي کي هميشه اقتدار جي ايوانن تائين  پهچائيندڙ سنڌ جا ووٽر شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت بعد بُک، بدحالي، بيروزگاري سان ويڙهه ڪري رهيا  آهن جنهن کي پيپلزپارٽي جي قيادت به بخوبي پسي رهي آهي ۽ لڳي ائين ٿو ته پيپلزپارٽي جي قيادت سنڌ جي ووٽرن کي ملندڙ تڪليفن تي پس پرده يا خاموشي سان انجواءِ ڪري رهي آهي. اهڙي طرح سان سنڌ جي خوبصورت ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ شهرن جي عوامي ڀلائي وارين اسڪيمن لاءِ اربين ،کربين رپين جا فنڊ ته رکيا ويا پر انهن جو لاڀ سنڌ جي شهرن کي نه پهچي سگهيو ويتر سنڌ جا خوبصورت شهر کنڊر بڻجي ويا يا وري گٽرن جي پاڻي ۽ گند جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويا، اهڙيون زيادتيون به پيپلزپارٽي جي ووٽرن کي ياد آهن. اهڙي صوتحال ۾ڪشمور کان ڪراچي تائين ملڪ کي جام ڪرڻ واري ڌمڪي ڏيندڙ پيپلزپارٽي جي سربراهه کي اهڙي ڌمڪي ڏيڻ کان اڳ پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي به پائڻ گهرجي ها. پيپلزپارٽي ۽ سگهارين ڌرين وچ ۾جاري ويڙهه ۾ وري به رينجرز جي ڪاررواين کي ماڻهو خوردبيني واري اک سان ڏسي رهيا آهن. اسان جي ملڪ جي سياسي پارٽين سميت بيورو ڪريسي، عدليا، ميڊيا ملڪ جو ٻيڙوٻوڙڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ته اتي وري پاڪستان قائم ٿيڻ  کان وٺي عسڪري قوتن پڻ بندوق جي زور تي ملڪ کي راتاها هنيا آهن، اتي هاڻي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا موجوده چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف به ماضي جي ٻين جنرل وارو روايتي ڪردار ادا ڪندي ”اسلام عليڪم منهنجا هم وطنون“ چوندي ڊگهو عرصو ملڪ جي اقتداري ڪرسي تي ويهي ته نه رهندو. ان کان سواءِ عسڪري قوتون پهنجي جنرلن مٿان لڳل الزامن کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن موجوده عسڪري قوتن حقيقي نموني سان ملڪ اندر شفافيت واري عنصرکي يقيني طور تي آڻڻ جو فيصلوڪيوآهي نه اهو فيصلو بهتر هوندو ، جنهن سان ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿيندو ڇاڪاڻ ته هر پاسي هڪ ڀيرو گند صاف ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ملڪ جي ضرورتن جي لاءِ آمريڪا سميت مختلف ملڪن آڏو خيرات جو ڪشتو کڻي پنڻ وارين روايتن جو خاتمو ايندو ۽ غريب جي حالت بهتر ٿيندي، ملڪ اندر هر پاسي کان ڪرپشن جي خاتمي سان پاڪستان دنيا جي خوشحال ترين ملڪن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ جتي پيپلزپارٽي جي قيادت عوام دوستي جون ڊاڙون هڻي رهي آهي ته اتي پارٽي جي ورڪرن ۽ سنڌ جي ووٽرن جي اک ۽ سوچ سان جيڪڏهن پيپلزپارٽي جوجائزو وٺبو ته کوڙ ساريون حقيقتون پڌريون ٿينديون، اهڙين حقيقت کي پروڙيندي پيپلزپارٽي جا حقيقي جيالا ”عمروعيار“ جي ”زنبيل“ ۾ وڌا پيا وڃن ته جيئن گمنامي جي ور چڙهي وڃن ۽ موجوده پيپلزپارٽي کي ”علي بابا ۽ چاليهن چورن“ گهيرو ڪري ورتو آهي، باقي ”عمرو عيار“ جي ”زنبيل“ کلندي ته پ پ پ جا حقيقي جيالا سنڌ جي پ پ پ مخالف قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت لاءِ مٿي جو سور بڻجي سگهن ٿا. باقي اهو طئه آهي ته علي بابا جي چاليهن چورن ڪرپشن وگهي جيڪو به ناڻو ڪمايو آهي اهو ناڻو رينجرز ۽ سگهارين ڌرين جي نالي تي ڇاپا هڻندڙ ٽيمن جي نظر نه ايندڙ ”زنبيلن“ جي ور چڙهي سگهي ٿو. هوڏانهن تازي صورتحال موجب پ پ پ جي سينيئر اڳواڻن ۽ صوبائي وزيرن پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت کان نهايت مايوس بنجي ويا آهن، جنهن ۾ مرڪزي صدر مخدوم امين فهيم ڊگهي عرصي کان ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي. جنهن ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان اڳ پارٽي قيادت خلاف دٻيل لفظن ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهايو پر پنهنجي شرافت واري طبيعت سبب ذوالفقار مرزا جيان کليل نموني سان اظهار نه ڪري سگهيو. مخدوم امين فهيم کان پوءِ ذوالفقار مرزا کليل طور پيپلزپارٽي خلاف بغاوت وارو جهنڊو کڻي بيهي رهيو، جڏهن ته پيپلزپارٽي جو اڳواڻو صوبائي وزير علي نواز شاهه پڻ پيپلزپارٽي جي قيادت مٿان سخت ڪاوڙجي دڪانداري بند ڪرڻ واري ڌمڪي ڏيندي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏيهه ورڻ بعد پنهنجي امڙ شهيد بينظير ڀٽو جي 21 جون تي سالگرهه واري تقريب تائين خاموش تماشائي بڻجي پارٽي جي معاملن کي گونگي ۽ ٻوڙي جيان رڳو ڏسندو رهيو. پارٽي جي اندروني ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب بلاول ڀٽو زرداري جوميڊيڪل ٽريٽمينٽ تحت علاج ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ تجويز ڪيل دوائن ۾ ننڊ جي خمار جو عنصر وڌيڪ آهي، جنهن ڪري کيس جذبات کان قابو ٿيڻ سميت هاءِ بلڊ پريشر يا ڊپريشن کان بچاءَ لاءِ اهڙين دوائن جو استعمال ڪرايو پيو وڃي. جنهن ڪري بلاول ڀٽوزرداري خاموش رهي ٿو. جڏهن ته ڪرپشن جي معاملي ۾خود پاڪستان پيپلزپارٽي جا اهم ترين اڳواڻ پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت مٿان سخت ڏمريل آهن. جڏهن ته پيپلزپارٽي کي خوشفهمي آهي ته سنڌ جي ماڻهن وٽ پيپلزپارٽي کان سواءِ ٻيو ڪو متبادل ناهي پر اها پيپلزپارٽي جي قيادت يا اسٽريٽجڪ ٽيم جي خام خيالي آهي ته پيپلزپارٽي کان سواءِ سنڌ جي ووٽرن وٽ کوڙ سارا ٻيا به آپشن موجود آهن، جن کي وقت سر سنڌ جو ووٽر جڏهن استعمال ڪندو ته پيپلزپارٽي جون وايون بتال ٿي وينديون، سنڌي ماڻهو 40 سال پ پ کي ووٽ ڏيڻ کان پوءِ به هن رياست ۾پاڻ کي نڌڻڪو ۽ لاوارث محسوس ڪري رهيا آهن، ته پوءِ آخر اهي ڇو اهو نه سوچين ته هاڻ کين پنهنجي نمائندگيءَ لاءِ ڪي ٻيا رستا ۽ گس ڳولهڻ گهرجن ۽ ساڳئي وقت خود پ پ لاءِ به اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته 40 سالن تائين سياست ڪرڻ، ذوالفقار علي ڀُٽي، محترمه بينظير، مير مرتضى ڀُٽي، شاهنواز ڀُٽي سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شهادتن کان پوءِ به جيڪڏهن اها پنهنجي ووٽرن جي آئيني ۽ قانوني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ته پوءِ کيس سياست ڪرڻ جو ڪهڙو اخلاقي جواز رهي ٿو ۽ خود هن رياست جي واڳ ڌڻين کي به سوچڻو پوندو .

قومي شعور رکندڙ ماڻهن جي قوم کي مسلسل نظر انداز ڪرڻ جا نتيجا اڄ يا سڀاڻي بهرحال سٺا نه نڪرندا ان ڪري پيپلزپارٽي کي ان ڏينهن کان ڊڄڻ گهرجي.هاڻي به وقت ناهي ويو جو پيپلزپارٽي جي قيادت پنهنجي اکين تان پردو هٽائي سمورين ڌرين کي قومي مفادن جي تحت ملڪ، قوم ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سوچڻو باقي سنڌ اندر گرمي ۾ جيڪي ماڻهو مرن پيا انهن ماڻهن جو آهون لازمي عرش تي پهچنديون هن وقت هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا آهن جيڪي ذميدار هوندا انهن کي هڪ وقت حساب لازمي ڏيڻو پوندو باقي الله تعاليٰ جي بي آواز لٺ هوندي آهي جڏهن لڳندي آهي ته ان جو آواز پري پري تائين گونجندو رهندو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *