ڀارت جي خلاف ون ڊي سيريز کٽي بنگلاديش آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ستي پوزيشن مضبوط ڪري چيمپئنز ٽرافي جي لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي خلاف ون ڊي سيريز کٽي بنگلاديش آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ ستي پوزيشن مضبوط ڪري چيمپئنز ٽرافي جي لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو آهي، پر ٽورنامينٽ جي 8 ٽيم جي لاءِ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ مقابلو آهي، جنهن کان پوءِ اٺين ٽيم جو فيصلو ٿيندو. خابرو ايجنسي موجب آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2017ع جي فارميٽ پهرين سيپٽمبر 2015 تائين رينڪنگ ۾ اڳتي رهندڙ اٺ ٽيمون شرڪت ڪنديون. تازي ون ڊي رينڪنگ ۾ عالمي چيمپئن آسٽريليا پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ کان سيريز هارائڻ کان پوءِ ڀارت جي ٻين پوزيشن بحال ٿي وئي ۽ ڪيويز ٽئين نمبر تي هلي وئي. ڏکڻ آفريڪا چوٿين، سريلنڪا پنجين پوزيشن تي آهي. ڪيويز کان سيريز جي فاتح انگلش ٽيم جي ڇهين پوزيشن آهي. بنگال ٽائيگرن پهريون ڀيرو ڀارت خلاف سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسيءَ کان پوءِ 99 پوائنٽن سان ستين پوزيشن مضبوط ڪري ورتي آهي ۽ چيمپئنز ٽرافيءَ جي لاءِ ڪوليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڀارت جي مقابلي ۾ ڪلين سوئيپ سبب بنگلاديش جون پوائنٽون 96 ۽ ڀارت جون 113 ٿي وينديون، جڏهن ته ڀارت جي فتح سان بنگال ٽائيگر 93 ۽ ڌوني اليون 114 پوائنٽن سان نمبر 2 ۽ ستين تي اچي ويندي. چيمپئنز ٽرافي جي لاءِ اٺين ٽيم جي لاءِ هاڻي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ مقابلو آهي. ويسٽ انڊيز 88 پوائنٽن سان اٺين ۽ پاڪستان هڪ پوائنٽ جي فرق سان نائين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *