بلوچستان ۾ٿيندڙ قتل عام ۽ حڪومت  جي ڪارڪردگي: صاحب خان ڀٽي

ملڪ ۾ دهشتگرد تنظيمن سبب امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي، ڪڏهن دهشتگرد مزارن کي نشانو بڻائن ٿا ته ڪڏهن وري امام بارگاهن ۽ مسجدن کي نشانو بڻائي وڃي ٿو ۽ اهو سلسلو افغانستان ۾ شروع ٿيل جنگ کان پوءِ  شروع ٿيو آهي، اڳ ۾ دهشتگرد افغانستان ۾ ڪارروايون ڪندا  هئا پر هاڻ انهن جو رخ هن ملڪ ڏانهن ٿيو آهي، جنهن سبب نه صوفين جون مزار محفوظ آهن ۽ نه ئي وري مسجدون ۽ امام بارگاهون محفوط آهن، هونئن ته دهشتگرد سڄي ملڪ ۾ ڪارروايون ڪندا رهيا آهن پر بلوچستان جون حالتون ٻين صوبن جي ڀيٽ تمام گهڻو تبديل ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن به ڪيو پيو وڃي ته اتي اڄ تائين امن قائم نه ٿي سگهيو آهي،

ڪجهه عرصو اڳ ڪراچي جون به اهڙيون حالتون هيون پر  بلوچستان جي حالتن ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي، حڪومت پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بحال ٿي چڪي آهي پر ان باوجود اتي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو پيو وڃي، بلوچستان جي اصل حالتن بابت نه وفاقي سرڪار ٻڌائڻ چاهي ٿي ۽ نه ئي بلوچستن جي سرڪار ڪجهه ٻڌائڻ پسند ڪري ٿي، هن وقت بلوچستان جون اهڙيون حالتون ٿي چڪيون آهن جو اتي ماڻهو ڪمائڻ  جي لاءِ راضي نه ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪجهه وقت کان بلوچستان ۾ پورهيتن کي ڳولي ڳولي قتل ڪيو پيو وڃي، ڪيترائي لاش سنڌ به اچي چڪا آهن، خبر ئي نه ٿي پئي ته آخر مزدورن کي ڪير قتل ڪري رهيو آهي، هونئن ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جا انتظام به انتهائي سخت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي  آهي پر ان باوجود ماڻهن کي قتل ڪرڻ وارا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جنهن بابت حڪومت صرف مذمت ڪري رهي آهي،

هڪ طرف دهشتگرد  هن ملڪ ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف وري شرپسند، مطلب ته حڪومت  هن وقت تائين قتل عام کي روڪي نه سگهي آهي. جيئن ته بلوچستان هن ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ انهيءَ صوبي جي عوام پاران مايوسي جو اظهار به ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف تنظيمون رياست خلاف به ڪم ڪري رهيون آهن، ايتري قدر جو بلوچستان ۾ لاش ملڻ جو سلسلو هن وقت تائين رڪجي نه سگهيو آهي، ڪڏهن پورهيتن جا لاش  ملن ٿا ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، اهڙو هڪ واقعو  ڪجهه  ڏينهن بلوچستان جي علائقي تربت ۾ پيش آيو آهي،  جتان پندرنهن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، جن جي سڃاڻپ پنجاب واسين طور ڪئي وئي، ان کان اڳ جڏهن بلوچستان مان لاش هٿ آيا هئا ته اهي پورهيتن جا هئا ۽ انهن جو تعلق سنڌ سان هو. بهرحال هن ڀيري جيڪي تربت مان لاش هٿ آيا آهن ۽ نه انهن  مان ڪجهه جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو ويو، ليويز اهلڪارن پاران چيو ويو آهي ته پندرنهن ئي ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، بلوچستان جي ترجمان انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جن ماڻهن جا لاش هٿ آيا، اهي ايران رستي نار ملڪن ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي اغوا ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.

بهرحال بلوچستان ۾ هي ڪو پهريون ڀيرو  واقعو پيش نه آيو آهي، ان کان اڳ به لاش هٿ آيا آهن، پر حڪومت صرف مذمت ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، جيڪڏهن واقعي ماڻهو روزگر سانگي پرڏيهه وڃي رهيا هئا ته انهن جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هئي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا وڃن ها ته اهي نوجوان پرڏيهه وڃڻ جو سوچين ئي نه ها، نه ئي انهن کي بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ها.

وفاقي حڪومت کي گهرجي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ۽ بلوچستان ۾ جيڪي محروميون جنم وٺي رهيون آهن، انهن کي به ختم ڪري، باقي رهي ڳالهه امن امان جي صورتحال جي ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن سمورين پارٽين جو ڌيان ملڪ جي امن امان جي صورتحال ڏانهن وڃي، جيڪڏهن  هن وقت به سموريون پارٽيون اختلافن جو شڪار رهيون ته بلوچستان جي حالتن سان گڏ سڄي ملڪ جون حالتون ساڳيون ئي رهنديون.

عوام جي جان ۽مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي، جيڪڏهن هن وقت به عوام جي جان ۽مال محفوظ نه رهيو ته آخر اهڙي حڪومت جو هئڻ جو ڪهڙو فائدو آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گهرجي ته بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي عوام جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين هن ملڪ جو عوام سک جو ساهه کڻي سگهي، خاص طور  طور  بلوچستان ۾ غريب پورهيتن جي قتل کي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ته جين جيڪو خوف صوبي ۾ پيدا ٿي چڪو آهي، اهو ختم ٿي سگهي. جيڪي  پورهيت بلوچستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي تحفظ جي ذميواري به حڪومت جي آهي. جيڪڏهن بلوچستان مان لاش ملندا رهيا ته اسان ڪهڙي ريت  چئي سگهنداسين ته هن ملڪ کي امن جو گهنوارو بڻايو ويو آهي.

هي ڪو پهريون ڀيرو نه آهي جو بلوچستان ۾ لاش نه مليا هجن،  ڪجهه عرصو اڳ سنڌ مان لاش ملي رهيا هئا پر بلوچستان ۾ انسانيت جو قتل عام  جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، هونئن ته بلوچستان ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن کي ٻڌي انسانيت جو ڪنڌ شرم وچا جهڪي وڃي ٿو.  بلوچستان ۾ ڪڏهن پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو وڃي ته ڪڏهن وري سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا وڃن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ته سياسي جماعتن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کي گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن ۾ بلوچستان جي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

sahibalisindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *