ڊسڪا واقعو، جمهوريت تي هڪ ڀيرو ٻيهر داغ

 

سيالڪوٽ جي علائقي ڊسڪا ۾ پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ جهيڙي دوران ايس ايڇ او جي مبينا فائرنگ ۾ بار ايسوسيئشن جي صدر رانا خالد سميت 2 وڪيل مارجي ويا جڏهن ته هڪ واٽهڙو سميت 3 زخمي ٿي پيا. ڊسڪا ۾ وڪيلن طرفان ميونسپل ايڊمنسٽريشن آفيس ٻاهران نڪاح نامي جي رجسٽريشن جي معاملي تي احتجاج ڪيو پئي ويو ته ان دوران وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڏند چڪ ٿي. ان موقعي تي ايس ايڇ او شهزاد وڙائچ، مبينا طور وڪيلن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سيالڪوٽ بار ايسوسيئشن جي صدر راڻا اقبال ۽ سندس ساٿي وڪيل سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي ويا. زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي راڻا اقبال ۽ سندس هڪ وڪيل دوست زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. سيالڪوٽ جي ڊي پي او آصف شهزاد موجب وڪيل ميونسپل ايڊمنسٽريشن آفيس ۾ هنگامو ڪري رهيا هئا، جن کي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته معاملو سنگين ٿي ويو . هن چيو ته وڪيلن تي فائرنگ ڪندڙ ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته وڪيل ميونسپل ايڊمنسٽريشن ۾ هڪ نڪاح نامو رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ آيا هئا، ان موقعي تي ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي عملدارن سان سندن منهن ماري ٿي پئي، منهن ماري کانپوءِ معاملو ايترو ته وڌي ويو جو پوليس کي گھرايو ويو. معاملي کي نبيرڻ لاءِ آيل پوليس صورتحال وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي ۽ هڪ ايس ايڇ او پاران مبينا سڌي فائرنگ جي ڪري 2 وڪيل حياتي وڃائي ويٺا. ٻئي طرف وڪيلن جي قتل واري واقعي کانپوءِ وڪيل مڇرجي ويا ۽ سول اسپتال ۾ اندر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد ٻاهر ٽائرن کي باهه ڏئي عدالتي ڪارروائي جو به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. ان دوران مڇريل وڪيلن هڪ پوليس اهلڪار کي به سخت تشدد جو نشانو بڻايو. ڪاوڙيل وڪيلن هٿ اچي ويل اهلڪار کي بندوق جا قنداق ۽ ٿڦڙون، لتون، مڪون هڻندا رهيا. هوڏانهن شام جو وڪيلن پاران ٻيهر احتجاج ڪيو ويو. ان دوران وڪيل ڊي پي او آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ کانپوءِ آفيس کي باهه ڏئي ڇڏي. ان دوران پوليس مظاهرين کي روڪڻ لاءِ انهن تي شيلنگ پڻ ڪئي. هوڏانهن ڊسڪه واقعي خلاف سڄي پنجاب ۾ هنگاما برپا ٿي ويا. فيصل آباد، لاهور، سيالڪوٽ، سرگوڌا سميت سڄي پنجاب جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وڪيل ۽ عام شهري روڊن تي نڪري آيا ۽ ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي. لاهور ۾ مڇريل وڪيلن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي گاڏي کي گھيري ۾ آڻي ورتو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس منظور احمد ملڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي پنجاب حڪومت کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس منظور احمد ملڪ ڊسڪه ۾ رينجرز مقرر ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پڻ ڊسڪه ۾ اهلڪارن هٿان ٻن وڪيلن جي مارجڻ جو نوٽيس وٺندي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جي عدالتي  جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي  عدالتي ڪاميٽي جوڙڻ جو به اعلان ڪيو.هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني ويندي، جڏهن ته متاثرن سان مڪمل انصاف ڪيو ويندو. شهباز شريف جي ترجمان موجب وڏي وزير اسسٽنٽ ڪمشنر ڊسڪهکي او ايس ڊي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي پنجاب جي سيڪريٽري کي ان حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکڻ جي به هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن ڊسڪه ۾ ٻن وڪيلن جي مارجڻ کانپوءِ پاڪستان بار ڪائونسل اڄ سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪندي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان سواءِ گوجرانوالا ڊسٽرڪٽ بار ايسو سي ايشن اڄ هڙتال ۽ ملتان بار ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ان کان سواءِ اسلام آباد بار ايسوسي ايشن پڻ اڄ احتجاج ڪندي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن وزيراعظم محمد نواز شريف ڊسڪه ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي چيو آهي ته هو صورتحال جي بهتري لاءِ فوري قدم کڻن.

، هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *