سنڌ جو نئون گهو وزير ۽ سنڌ جي عوام جون اميدون؛تحرير مصطفيٰ عباسي

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران باقراڻي جي تڪ پي ايس 35 لاڙڪاڻي تان چونڊيل اسيمبلي ميمبر سهيل انور سيال جنهن خاندان سان تعلق رکي ٿو اهو سنڌ ۾ ڪو ايڏو وڏو مشهور نه آهي پر هن خاندان جي خاموش رهي پارٽي اندر وڏي قرباني آهي. عوام سان رابطو، اخلاق ۾ ۽ اعليٰ تعليم يافتا سيال خاندان جو بنيادي گذر سفر ايگريڪلچر ۽ بيورو ڪريسي تي ٻڌل آهي. هي خاندان باقراڻي لڳ سنڌو درياهه جي ڪپ تي ويٺل آهي هن خاندان جو ڳوٺ فريد آباد تمام گهڻو پراڻو ڳوٺ آهي. هن خاندان جي وابستگي پيپلز پارٽي سان ڪئي سالن کان رهي آهي تڪليفن، مصيبتن هوندي به هي خاندان پيپلز پارٽي سان وفادار رهيو، شهيد ڀٽو جي وقت کان اڄ تائين هڪ پارٽي سان رهيا. نئين گهرو وزير جو خاندان سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ رهيو آهي پر اهم وزارت هن ڀيري هنن کي ملي آهي. پي ايس 35 واري سيٽ تي گهڻي ڀاڱي انڙ خاندان ڪامياب ٿيندو آيو آهي. هاڻي انڙ خاندان ۾ ڪو وڏو بزرگ نه رهيو آهي سڀ نوجوان آهن هنن نوجوانن جو عوام سان ڪو گهڻو رابطو نه آهي جيڪڏهن ڪم ڪار لاءِ اوطاق تي آيو ته ان سان ملبو ان جي خدمت ڪبي باقي ڳوٺن تائين وڃن وارو رابطو گهڻي ڀاڱي گهٽ آهي. هنن جي مقابلي ۾ سيال خاندان جي وڏن کان وٺي نوجوانن پڻ ڳوٺن ۾ وڃن ٿاعوام جي ڏک سور ۾ شريڪ ٿين ٿا. عوام جا فيصلا وغيره گهڻي ڀاڱي گهرو وزير جا چاچا ۽ ان جو ڀاءُ طارق سيال ڪري ٿو ۽ بيوروڪريسي سان اهو پڻ رابطي ۾ رهي ٿو. سيال برادري گذريل 40 سالن کان جيڪو پيپلز پارٽي لاءِ خاموش رهي ڪم ڪيو آهي ۽ قربانيون ڏنيون آهن اڄ ان کي سنڌ جي اهم گهرو وزارت جي صورت ۾ پارٽي هنن کي وڌيڪ عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. جڏهن سڄي سنڌ ڏوهن جي ور چڙهيل آهي خاص ڪري ڌاڙيل ڪلچر خاص ڪري لاڙڪاڻي ۾ سيال خاندان کي کپي ته جيئن خاموشي ۾ رهي هنن پارٽي جي خدمت ڪئي آهي تئين وڏي واڪي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪن ڇو ته سنڌ جو عوام هنن مان وڏي اميد رکي ٿو. سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ امن هجي جيئن پارٽي هن خاندان جي خدمت جو سلو ڏنو آهي تئين عوام جي خدمت ڪندي سنڌ کي به سلو ڏين. نئين گهرو وزير تي اها به ذميواري آهي ته سنڌ صرف ڪراچي نه آهي پر سنڌ سڄي آهي هر ضلعي ۾ کليل ڪچهريون ڪري پوليس جو عوام سان جيڪو ڏکوئيندڙ رويو آهي ان کي پاڻ ڏسي هر ضلعي جي هر تعلقي ۾ وڃي عوام سان ملي، عوام جي جان مال جي حفاظت ڪري نئين وزير جي ذميواري اها به آهي ته پوليس جو قبلو درست ڪري سنڌ جي اندر قائم غنڊه راج ۽ ڌاڙيل راج ختم ڪري عوام جيئن سڪون جو ساهه پٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب مڪمل ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *