چئو ڌيءِ کي ته ڪن ڪري نهن…

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف پنهنجي ڪيل ڳالهين کي عملي جامعو پهرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪجهه ڏينهن پهرين ملڪ جي مڙني ادارن مان ڪرپشن ناسور کي پاڙان ڪڍڻ جو عزم ڪيو هو ۽ چيو هو ته پاڪ فوج ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪندي. پاڪستان آرمي جي سربراهه انهيءَ ڳالهه کي عملي جامو پڻ پارائي ڇڏيو، 13 فوجي آفيسرن کي ڪرپشن جي الزام هيٺ هٽائي ڇڏيو. هٽايل فوجي آفيسرن ۾ هڪ ليفٽيننٽ جنرل، هڪ ميجر جنرل ۽ 5 بريگيڊيئر شامل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن جي الزام ۾ هٽايل سمورن فوجي آفيسرن  کان مڙني مراعتون ۽ سرڪاري اعزاز تڪڙو ئي واپس ورتا ويندا، سندن سروس به ختم ٿي سگهي ٿي. ڪرپشن الزام ۾ برطرف ٿيل ميجر جنرل اعجاز شاهد خلاف جاچ جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن ان جي پٽ هڪ اسپورٽس ڪار خريد ڪئي هئي، جنهن کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ميجر جنرل اعجاز شاهد پاڪ فوج جي ٻن آفيسرن کي چيو، اسپورٽس ڪار جي چڪاس  وٺڻ دوران حادثو پيش آيو، جنهن ۾ ڪرنل شڪيل ۽ ميجر ياسر شهيد ٿي ويا، ٻنهي آفيسرن جي شهادت تي سندن گهر وارن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ سوال ڪيو ويو هو ته ميجر رينڪ آفيسر جي پٽ وٽ نئين اسپورٽس ڪار ڪهڙي طرح ۽ ڪٿان اچي سگهي ٿي، ان درخواست کانپوءِ فوج اندروني طور تي ميجر جنرل اعجاز شاهد خلاف جاچ جي شروعات ڪئي، ان جاچ جو دائرو وسيع ڪندي ميجر جنرل اعجاز شاهد سان گڏوگڏ ايف سي ۾ مقرر ٻين آفيسرن خلاف به جاچ ڪئي وئي، جنهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله به شامل هو، جاچ کانپوءِ انهن آفيسرن خلاف ڪرپشن جا ڪيس سامهون آيا، ڪرپشن الزام ۾ عهدن تان فارغ ڪيل فوجي آفيسرن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله خٽڪ، ميجر جنرل اعجاز شاهد، برگيڊيئر اسد، برگيڊيئر صيف الله، برگيڊيئر عامر، برگيڊيئر حيدر، 3 ڪرنل ۽ ميجر نجيب شامل آهن، انهن کان سموريون مراعتون واپس ورتيون ويون آهن، برطرف آفيسر بلوچستان ايف سي ۾ مقرر هئا، ليفٽيننٽ جنرل عبيدالله خٽڪ ۽ ميجر جنرل اعجاز شاهد، آءِ جي بلوچستان فرنٽيئر ڪور جي عهدي تي مقرر رهي چڪا آهن،

پاڪ آرمي ۾ احتساب جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، هاڻي اهي ماڻهو به ڪَنَ ڪَنِ جن ملڪ ناڻي کي مال غنيمت سمجهي پئي لٽيو آهي، يقنين انهن جو آرمي چيف جي کنيل قدمن بعد ننڊون ته حرام ٿي ويون هونديون، عوام پاڪ فوج جي سپهه سلار کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته جئين پاڪ فوج ۾ احتساب شروع ڪيو ويو آهي ائين ئي ملڪ جي هر اداري کي ڊراءِ ڪلين ڪيو وڃي جنهن ۾ ڪپرپٽ ماڻهو ويٺل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *