سخت گرمي کان بچڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران حڪمت عملي تيار…: امداد علي ڪريو

جيتوڻيڪ گرمي، سردي، بهار ۽ خزان جون مندون انسان جي جياپي لاءِ ضروري هجن ٿيون ۽ خاص طور زرعي پيداواري عمل ۾ به وڏو رول ادا ڪن ٿيون، پر ڪنهن شئي جو حد کان وڌي وڃڻ به هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿو. پوءِ چاهي اها موسم هجي يا ٻي ڪا به شئي. انگريزي ۾ چوندا آهن ته exess of every thing is bad گذريل پنجن ستن سالن کان ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۽ خاص طور بحر ۽ هند وارن علائقن ۾ گرمي جي پد ۾ روز به روز اضافو ٿيندو پيو وڃي، جنهن جو مثال سال 2010 ۾ ڀارت جي گجرات ۽ ٻين علائقن ۾ سخت گرمي سبب هزارين انسان موت جو کاڄ بڻجي ويا هئا ۽ اهڙي طرح گذريل ٻن ٽن سالن کان سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي ۽ ٻين جاين تي به سخت گرمي ڪري ماڻهو موت جو شڪار ٿيا.

حقيقت ۾ اهڙيون سخت گرميون ماضي بعيد ۾ به اينديون رهيون آهن پر انهن انسان ذات کي ايڏو نقصان نه ڏنو هو جيڪو اڄ ڏئي رهيون آهن، جنهن جو سبب اسان جي وڏن شهرن ۾ آبادين ۾ حد کان وڌيڪ اضافو، رهڻي ڪهڻي جي طرز ۾ تبديلي ۽ گرمي کان بي بيخبري لاپرواهي به آهي.

گذريل ٻن ٽن سالن کان اڳ حڪومت لاءِ هي هڪ نئون چئلينج ٿي اڀريو آهي. مونکي ياد آهي ته گذريل سال به جڏهن مان سنڌ جي وڏي وزير سان پريس سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هئس ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي حڪم تي ئي صرف سرڪاري ادارا نه، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي عهديدارن پڻ ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ گرمي کان بچڻ لاءِ مختلف هنڌن تي هيٽ اسٽروڪ سينٽر امدادي مرڪز کوليا هئا ۽ لڳو لڳ سڀني اسپتالن ۾ هنگامي حالت لاڳو ڪري گرمي کان سٽيل ماڻهن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جو زبردست بندوبست ڪيو ويو هو، جنهن سان هزارن ماڻهن جي جانين کي بچايو ويو هو. سبڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پڻ اسپتالن جا هنگامي دورا ڪيا هئا. مريضن کي طبي امداد جي نگراني ڪئي هئي ۽ اهو به ياد اٿم ته جناح اسپتال ڪراچي ۾ ساڻس دوري وقت ڪجهه نيم بيهوشي مونکي به ٿئي هئي. هن وقت به موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ يعني مئي مهيني ۾ سخت گرمي جون 2 وڏيون  لهرون اينديون، جنهن کان بچاءُ جا اپاءُ ضروري کنيا وڃن.

موسميات کاتي جي اڳڪٿي ۽ ماضي جي صورتحال کي سامهون رکندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري جناب محمد صديق ميمڻ اپريل 19 تاريخ تي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اهم اجلاس سڏايو ۽ صدارت ڪئي، جنهن ۾ گرمي کان ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. اجلاس ۾ سنڌ صحت کاتي جي سيڪريٽري، سڀني ڊويزنل ڪمشنرن، ڪي ايم سي، ڪي اليڪٽرڪ، پي ڊي ايم اي، موسميات کاتو، جناح اسپتال، سول اسپتال، سنڌ پوليس ۽ ٻين ادارن جي اعليٰ نمائندن شرڪت ڪئي ۽ خوب بحث مباحثي ۾ حصو ورتو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جناب محمد صديق ميمڻ بحث کان پوءِ جن اهم فيصلن جو اعلان ڪيو تن ۾ هيٺ ڄاڻايل فيصلا اهم  آهن:

(1)              شهرن ۾ مختلف هنڌن تي هيٽ اسٽروڪ امدادي مرڪز قائم ڪرڻ. اهي مرڪز خاص طور ماڻهن جي عام واهپي وارن هنڌن، ريلوي اسٽيشنن، مارڪيٽن، بس اڏن وٽ قائم ڪيا ويندا

(2)              جتي برف، پاڻي ۽ طبي عملو مقرر هوندو

(3)              سڀني اسپتالن ۾ اسپيشل وارڊ قائم ڪري اتي هنگامي حالت لاڳو ڪري وڌيڪ اسٽاف  ۽ دوائن جو بندوبست ڪيو ويندو

(4)              گرمي جي انتهائي وقت ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڪمپنين کي هدايتون جاري ڪيون.

(5)              اسڪولن جو وقت تبديل ڪري صبح جو سوير اسڪول کولي منجهند جو گرمي جي انتهائي ٽائيم کان اڳ بند ڪرڻ تي غور ڪرڻ

(6)              وڏي عمر جي ماڻهن کي احتياطي تبديرون اپنائڻ لاءِ مذهبي اسڪالرن کان مدد وٺڻ

(7)              آباد ۽ صنعتي ادارن سان رابطو ڪري مزدورن جي ڪم جي وقت ۾ گهٽتائي ۽ انهن جي گرمي کان بچاءُ جا پاءُ وٺڻ جي هدايت

(8)              صوبي جي سينٽرل جيلن، ضلعي جيلن ۽ جوڊيشل لاڪ اپن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدين ۾ گهٽتائي ڪري اتي گرمي کان بچاءُ جا اپاءُ وٺڻ

(9)              ٿرپارڪر ضلعي ۾ فور ويل 4×4 گاڏيون ڏئي ماڻهن کي گرمي کان ريليف ۾ مدد ڪرڻ/ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ

(10)          اسپتالن ۾ مڙني طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ اتي مريضن ۽ ڊاڪٽرن کي ماڻهن جي رش کان محفوظ رکڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ

(11)          ۽ سڀ کان اهم ۽ وڏو فيصلو اهو ڪيو ويو ته ماڻهن کي گرمي کان بچڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ لاءِ اطلاعات کاتي پاران پي ڊي ايم اي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ صحت کاتي جي مشاورت سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ هڪ تشهيري مهم هلائڻ آهي.

گڏوگڏ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته لاڳاپيل ادارن کي سفارش ڪئي وڃي ته سڀني سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن ٻهراڙين ۾ طبي مرڪزن کي مستقبل قريب ۾ سولر انرجي تي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن اڳتي اهڙي صورتحال کي سولائي سان منهن ڏئي سگهجي. گڏجاڻي ۾ ماضي جو رڪارڊ پيش ڪندي اهو به ٻڌايو ويو ته گذريل ٻن سالن ۾ گرمي سبب فوت ٿيلن جو 60 سيڪڙو اهي ماڻهو آهن جيڪي وڏي عمر وارا، مريض ۽ پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ فوت ٿيا هئا، جنهن جو مطلب اهو آهي ته گهڻ مار عمارتن ۾ر هندڙ اهي ماڻهو، بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ فوت ٿيا هوندا. لحاظا تجويز ڏني وئي ته ايندڙ گرمين ۾ ماڻهن کي کلي هوا مهيا ڪرڻ لاءِ بجلي جي فراهمي کان علاوه سڀني مسجدن جا دروازا 24 ڪلاڪ کليل رکيا ويندا ۽ سڀني بجلي جي ادارن گرمي جي انتهائي عرصي دوران لوڊشيڊنبگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان کان علاوه فلاحي ادارن، رضاڪارن ۽ ايمبولينس جي ڊرائيورن کي پڻ تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هو ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ڪنهن به هڪ صحت واري اداري / اسپتال تي رش نه ڪن بلڪ مريض کي گهٽ دٻاءُ واري اسپتال ڏانهن منتقل ڪن.

اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ مٿي ڄاڻايل فيصلا ٻڌائيندي سڀني آفيسرن تي زور ڀريو ته هو ماڻهن جون جانيون بچائڻ جهڙي اهم فرض ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪن. هن مختلف ادارن پاران فنڊن جو ذڪر ڪندي چيو ته ماڻهن جي جان بچائڻ لاءِ کين هر ممڪن مالي مدد ڪئي ويندي. ميمڻ صاحب خاص طور ٿر جي ماڻهن کي گرمي کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺڻ لاءِ ڪمشنر ميرپورخاص کي فور ويل 4×4 گاڏيون، دوائون ۽ ڊاڪٽر مهيا ڪرڻ جو يقين ڏياريو. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهن کي گرمي کان احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي صحيح آگاهي ڏني وڃي ته نه صرف باقي آپريشنل خرچ بچي سگهن ٿا پر ماڻهن جي نقصانن کي به گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن صوبي اندر سڀني ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو اڄ جي گڏجاڻي جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي جو ٻيهر جائزو وٺي ان کي ناقابل شڪست پلان تيار ڪن. هن ان سان گڏ سڀني فلاحي ادارن، رضاڪارن کي هر وقت حاضر رهڻ جي اپيل ڪئي ۽ گڏوگڏ ماڻهن کي به اپيل ڪئي ته هو احتياطي تدبيرون پاڻ به اختيار ڪن ۽ ٻين کي به ڪرائين. هن ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ ماڻهن کي اسپتالن اندر رش، ڀيڙ نه ڪرڻ جي صلاح ڏني ۽ سنڌ پوليس کي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *