ڪرپشن الزام، آرمي چيف پاڪ فوج جي 11 آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو

راولپنڊي(م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف پاڪ فوج جي 11 آفيسرن کي ڪرپشن جي الزامن تي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، برطرف ٿيندڙن ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان به شامل اهن، برطرف ڪيلن آفيسرن فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ۾ خدمتون انجام ڏنيون اهن، فارغ ڪيلن ۾ هڪ ليفٽيننٽ جنرل ۽ هڪ ميجر جنرل شامل آهي، طرف ڪيلن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عبيد الله خٽڪ، ميجر جنرل اعجاز شاهد شامل آهي، 5 برگيڊيئ ر، 3 ڪرنل ۽ هڪ ميجر به ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ٿيو آهي، برطرف ٿيلن ۾ برگيڊيئر حيدر، برگيڊيئر اسد، برگيڊيئر سيف الله، برگيڊيئر عامر، ڪرنل حيدر ۽ ميجر نجيب شامل آهي، برطرف آفيسرن جون تمام مراعتون واپس ورتيون ويون آهن، واضح رهي ته گذريل ڏينهن آرمي چيف بنا فرق جي احتساب جي ڳالهه ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *