ڀارتي اڳرائي..!!!!

ننڍي کنڊ جي ٻن ائٽمي طاقت رکندڙ مُلڪن وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي آهي سا انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، انهيءَ صورتحال کان عالمي برادريءَ کي ڪن لاٽار ڪرڻ نه گهرجي ۽ ٻه قدم اڳتي وڌائي ڀارت کي سندس اڳرائين کان روڪڻ گهرجي.  ڀارت جيڪي اجائي هٺ جا ڪوٽ اڏي رهيو آهي، تنهن جو اڳي پوءِ کيس ئي نقصان ٿيڻو آهي جو جنگيون ننڍي پئماني تي هُجن يا وڏي پئماني تي، اُهي پنهنجي پُٺيان تباهيءَ جا اثر ئي ڇڏي وينديون آهن ۽ اُها تباهي ڪنهن هڪ پاسي نه پر ٻنهي پاسي ڦهلبي آهي. جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو ته هُو پنهنجن هٿڪنڊن سان ڪشمير جي آواز کي دٻائي وٺندو ته اِها هُن جي ڀُل ٿيندي، جو هُن جي ههڙين حرڪتن جو دُنيا جائزو وٺي رهي آهي، ڀارت پنهنجي عوام کي انڌيري ۾ رکي ورغلائي سگهي ٿو، پر دُنيا کي ورغلائڻ سندس وس ۾ ناهي، دنيا آڏو هر اڇو ڪارو پڌرو ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ڀارت کي هاڻ روايتي پاليسيون ترڪ ڪري حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ايترو ئي نه ڀارت جنگي جنون ۾ جيڪو خرچ ڪرڻ چاهي ٿو، سو پڻ پنهنجي اُن مظلوم ۽ محڪوم طبقن تي خرچ ڪري ته ڀلو، جيڪي بنا اجهي جي فوٽ پاٿن تي پنهنجي زندگي گذاريو ڇڏين. خود ڀارتي عوام کي به اِهو سوچڻ گهرجي ۽ پنهنجي حڪمرانن کي اِن ڳالهه جو پابند بڻائڻ گهرجي ته ڪنهن اجائي تڪرار ۾ پئسا زيان ڪرڻ بدران عوام کي بنيادي گهرجون پوريون ڪري ڏنيون وڃن. توڙي جو سرحدي ڇڪتاڻ ۾ اسان جي حڪمرانن جو ڪو به هٿ ناهي، باوجود اُن جي ساڳي قسم جي صلاح اسين پنهنجي حڪمرانن کي پڻ ڏيڻ گهرنداسين ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، ڇڪتاڻ کان پاسو ڪيو وڃي، پر جيڪڏهن ڀارت ساڳي قسم جي روش اختيار ڪري رکي ٿو ته پوءِ اُن کي مُنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو حق بهرحال اسان کي حاصل آهي. اِهو اسين اِن ڪري به چئي رهيا آهيون جو ڀارت چاهي ئي اِهو ٿو ته هُو اسان کي مسئلن ۾ اُلجهائي ته جيئن ترقيءَ واري سفر ۾ ڪا رنڊڪ پئجي وڃي.اصل ۾ پاڪ-چين اقتصادي راهداري وارو منصوبو ڀارت جي اکين ۾ ڪنڊو بڻجي چُڀي رهيو آهي، ڀارت سمجهي ٿو ته انهيءَ معاهدي سببان نه رُڳو خطي پر پوريءَ دنيا ۾ پاڪستان جي اهميت وڌي ويندي، جيڪا ڳالهه کانئس برداشت نه پئي ٿئي. ٻيو ته ڀارت پنهنجي اهڙين اڳرائين سان والاريل ڪشمير ۾ ناجائزين کي لڪائڻ گهري ٿو. انهيءَ نيت سان هن پهريان ته پوريءَ دنيا ۾ پاڪستان خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي، پر جڏهن اُن مان کيس ڪجهه نه وريو ته هُن سڌو سنئون مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي آهي ۽ مسلسل سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي عام شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي. جنهن جي اسين اڳ به مذمت ڪندا رهيا آهيون ۽ هاڻ به شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اسين سمجهون ٿا هن معاملي ۾ عالمي برادريءَ کي پنهنجو ڪردار  ادا ڪرڻ گهرجي، جو صورتحال ڏينهون ڏينهن شدت ڏانهن وڌي رهي آهي. اُن کان پهريان جو اُها شدت ڪنهن وڏي دنگاڻ ۾ تبديل ٿئي، اُهي قوتون، ڀارت کي اڳرائين کان باز رکن، ٻي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي تحفظ جو نه رُڳو حق رکي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *