سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باه ڀڙڪڻ لڳي: حسن ناز سومرو

جيئن ته سنڌ سونهاري هميشه ڏکن ۽ ڏولاون جو منهن ڏسندي رهي آهي،  هتي ڪڏهن ڌارين چڙهايون ڪري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ذليل ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي آهي ته ڪڏهن پنهنجن ئي پراون سان ملي سنڌ جي سينڌ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر پوءِ به سنڌ سڳوري پنهنجن سان گڏ ڌارين کي به جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.    هڪ طرف سنڌ ۾ بدامني جي ٻرندڙ باه کي وسائڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس گڏجي حڪمت عملي سان تمام گھڻو ڪم ڪري نه فقط سنڌ ۾ سڪون جي فضا قائم ڪئي هئي پر سنڌي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيا، پر ڪجھ ڏينهن کان سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باه ڀڙڪي پيئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ چورا ڪاري، ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ اچانڪ واڌارو اچي ويو آهي جنهن جو هن وقت تائين نه ته رينجرز ڪو ايڪشن ورتو آهي ۽ نه وري ڪو پوليس به ٻوٽو ٻاري سگھي آهي، جنهن جي ڪري سنڌي اياڻا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ کي غير محفوظ سمجھڻ لڳا آهن.

سنڌ ۾ ڪافي هنڌن تي ڦرن ۽ ڌاڙن جون وارداتون ٻڌي رهيا آهيون جتي ڏوهاري ماڻهو روڊن تي بيهي بسن ۽ ڪوچن کي ڦرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن پر گذريل ڏينهن ڪلور ته اهو ٿيو ته ضلعي نوشهرو فيروز جي تعلقي پڊعيدن ۽ ڀريا روڊ جي ريلوي اسٽيشنن تي ڌاڙيلن ٽرينن جي بيهڻ شرط ئي ريل جي بوگين ۾ چڙهي اچي مسافرن کي سڪون سان لٽيو ۽ ڦريو جڏهن ته ٽرين ۾ موجود پوليس اهلڪار جيڪي مسافرن کي ٽرين ۾ بنا ٽڪيٽ چڙهڻ لاءِ آزيون ۽ منٿون ڪندي نظر ايندا آهن جن وٽ هٿيار ته ساڻ هوندا آهن پر انهن واريون رائفلون ڏسڻ شرط ئي خبر پوي ٿي ته اهي هلڻ جهڙيون آهن ئي ڪونه آهن……؟؟

سو ان لاءِ ڌاڙيلن کي اها پوري ڄاڻ آهي ته ريلوي جا اهلڪار ائين آهن جيئن مادي ڪڪڙ ……!!، سو ريلوي پوليس ۾ ته ڪو آسرو آهي ئي ڪونه آهي بس ريل گاڏيون کي الله پاڪ جي آسري تي هلي رهيون آهن، سو گذريل ڏينهن جهڙي طريقي سان پڊعيدن ۽ ڀريا روڊ ريلوي اسٽيشنن تي ڌاڙيلن ڦر ڪئي ان تي ريلوي پوليس اهلڪارن کي شرم اچڻ گھرجي ها، جن اسلحو ته هو پر انهن ڌاڙيلن سان ڪنهن به قسم جي مزاحمت نه ڪئي، بس ائين ئي پاڪستاني شهري ريل ۾ ڦرجندا رهيا، پر ڪير به سندن واهر ڪرڻ وارو ڪونه هو.

ضلعي نوشهرو فيروز جي عوام جو چوڻ آهي ته جڏهن کان هن شهر ۾ نئون ايس ايس پي بدلي ٿي آيو آهي تڏهن کان ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي پر اسين ته ائين چونداسين ته جڏهن کان سنڌ جو نئون چيف منسٽر سائين مراد علي شاه چيف منسٽر ٿيو آهي تڏهن کان سنڌ ۾ بدامني جي باه ڪجھ زياده ئي ٻري پيئي آهي سو ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن اهو الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو، باقي ايترو ضرور چونداسين ته اهو حال فقط ضلعي نوشهري فيروز جو نه آهي پر اها حالت پوري سنڌ جي لڳي پيئي آهي گذريل ڏينهن تعلقي ٺل ۾ بدنام ڏوهاري ڪالي بنگلاڻي جي مارجڻ کان پوءِ ٺل شهر مان ڪيترائي ماڻهو اغواءَ ٿي ويا آهن جڏهن ته ٺل شهر جي ڳوٺ جمعي ڊکڻ مان اسلم سومري کي اغواءَ ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪوبه پتو پئجي نه سگھيو آهي هوڏانهن حيدرآباد شهر ۾ ڪجھ اهڙا شاهينگ داخل ٿي چڪا آهن جيڪي مردن توڙي عورتن جي مٿان ڪجھ دم ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوءَ ان مرد توڙي عورت جو دماغ سندن ڪنٽرول ۾ اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ ان کي گھر وٺي اچي سمورو پئسو ۽ زيور وٺي ٿا وڃن پر پوءِ ان ماڻهو کي پوءِ خبر پوي ٿي جڏهن اهي شاهينگ گھڻو پري نڪري وڃن ٿا.

گذريل ڪجھ ڏينهن کان سنڌ ۾ پيدا ٿيل اهڙي قسم جي صورتحال تي سنڌ جي عوام ۽ سڄاڻ ڌرين ۾ تمام گھڻي بيچيني پکڙيل آهي.

سنڌ اندر اهڙي قسم جي بدامني جي باه جو اچانڪ ٻرڻ هڪ سازش هجڻ جو شڪ پيدا ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ڏوهارين کي پنهنجي منتقي انجام تائين پهچايو ويو آهي پر ٻئي طرف هڪ تمام وڏي ٺاپر کان پوءِ اچانڪ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ ڌاڙن ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اچانڪ اضافو ٿي ويو آهي سو اهڙي قسم جي وارداتن ۾ ڪنهن وڏي طاقت جي ملوث هجڻ کي رد نه ٿو ڪري سگھجي.

سنڌ ۾ پوليس پاران فل فراءِ ۽ هاف فراءِ جي خوف کان ڏوهاري ماڻهو ايترو ته ڊنل هئا جو هنن ڏوهن ڪرڻ کان توبه ڪري ڇڏي هئي پر اچانڪ هي ڇا ٿي رهيو آهي سنڌ جي ضلعن جا مختلف ايس ايس پيز ڪيڏانهن هليا ويا آهن……!! هو خاموش ڇو آهن………!! سنڌ ۾ آخر اچانڪ بدامني پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن……..ٰٰ؟؟

سنڌ جي عوام سنڌ اندراهڙي قسم جي پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسين هڪ ڀيرو ٻيهر ايس ايس پيز، ڊي آءِ جيز ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ ڪٿي ائين نه ٿئي جو سنڌي عوام خود روڊن ۽ رستن تي عدالتون لڳائي خود فيصلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين سو اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن کي گھرجي ته هو سنڌ اندر پيدا ٿيل بدامني جي باه کي وسائڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سنڌ جو امن تباه ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *