جنرل راحيل شريف قابليت جي بنياد تي سپهه سالار بڻيو، ضرب عضب جي تعريف پوري دنيا پئي ڪري: نواز شريف

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي مان آجياڻو ڏنو ويو ، آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم هائوس پهتو ته وزيراعظم نواز شريف سندس جي آجيان ڪئي، ان کان پوءِ وزيراعظم نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف وچ ۾ ون آن ون ملاقات ٿي، وزيراعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ون آن ون ۽ الوداعي ملاقات ۾ سندس خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اهم گڏجاڻي ۾ ايندڙ آرمي چيف جي چونڊ بابت به صلاح مشورا ڪيا ويا، وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف جي مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ ليفٽينينٽ جنرل اشفاق نديم، ليفٽينينٽ جنرل زبير حيات، ڊي جي آءِ ايس آءِ رضوان اختر، ليفٽينينٽ جنرل جاويد اقبال رمدي، ليفٽينينٽ جنرل قمر جاويد باجوا، پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان ۽ ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيا، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ وزيراعظم نواز شريف ۾ ون آن ون ملاقات ختم ٿيڻ کان پوءِ سمورن مهمانن سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙ پاڪ فوج جي قربانين تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا، جنرل راحيل شريف جو خاندان ملڪي دفاعي خدمت جي لاءِ سڃاتو ويندو آهي، جنرل راحيل شريف پاڪ فوج ۾ خدمتن دوران پيشيوراسڻي مهارت جو مظاهرو ڪيو، وزيراعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي مان ۾ ڏنل الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جنرل راحيل شريف آرمي چيف طور ملڪ لاءِ شاندار خدمتون انجام ڏنيون، تقريب جو مقصد جنرل راحيل شريف جي شاندار خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪرن آهي. هٿياربندن فوج جي آپريشن ضرب عضب جي سموري دنيا تعريف ڪري رهي آهي، جنرل راحيل شريف کي قابليت جي بنياد تي آرمي چيف بڻايو ويو، جنرل راحيل شريف محنت ۽ لڳاءَ سان پاڻ کي بهترين سپهه سالار ثابت ڪيو، جنرل راحيل شريف جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ ارادي کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *