پوليس آفيسرن خلاف ڪرپشن جي جانچ شروع

 

نيب آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت مکيه پوليس آفيسرن کي ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث قرار ڏيندي هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي. جڏهن ته جاچ شروع ڪندي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن نيب چيئرمين قمرالزمان بخاري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدرجمالي، ڊي آءِ جي هيڊڪواٽر عليم جعفري، اي آءِ جي فناس فداه حسين،  اي آءِ جي لاجسٽڪ تنوير زمان، ايس پي آصف رزاق، ايسي ايس پي مقصود ميمڻ، مدت ڪاظمي  خلاف جاچ  جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ آءِ جي سميت بين پوليس آفيسرن خلاف ڪيل ڪرپشن جي جاچ لاءِ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. اجلاس ۾ نيب جي عملدارن پاران نيب جي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي ته آءِ جي سنڌ سميت ٻيا پوليس آفيسر آرگنائيزنگ ڪرائيم ۾ ملوث آهن ۽ پوليس لائين ۾ ايندڙ سامان جي خريداري ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته  آءِ  جي سنڌ غلام حيدر جمالي اي اءِ جي فناس فدا حسين جي مدد سان سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻيون هنيون ۽  هن ڪرپشن سميت ٻين ڏوهن جا ثبوت لڪائڻ لاءِ اي آءِ جي فناس کي هٽائي ڇڏيو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آءِ جي سميت ٻين پوليس آفيسرن اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ سرڪاري زمين تي گهر تعمير ڪرايا ۽ ڪلفٽن ۾ گهوڙن جي طنبيلن واري زمين تي بنگلا تعميرا ڪرايا جيڪي بعد ۾ ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ڪيا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ جي حڪم تي 19ناڪاره موبائيلون خريد ڪيون ويون جن تي حملا ٿيا ته انهن گاڏين ۾ ويٺل پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. نيب بلوچستان جي صوبائي وزير عبدالغفور لهڙي خلاف جاچ جي به منظوري ڏني وئي آهي. عبدالغفور لهڙي تي آمدني کان وڌيڪ 8 ارب جا اثاثا بڻائڻ جو الزام آهي. هوڏانهن ڪراچي جي گڏاپ ٽائون ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۽ روينيو کاتي جي عملدارن خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي. ان ۾ 66 ايڪڙ زمين جي خريداري ۽ رڪارڊ ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ۽ 24 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.

ڪراچي:هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت

ڪراچي ۾ گرميءَ جي لهر گهٽجڻ باوجود انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي، هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ 12 ڏينهن دوران سڄي سنڌ ۾ فوت ٿيلن جو انگ 1369 سئو 61 ٿي ويو آهي. ڪراچي جي جناح اسپتال، ڪي ايم سي، سول، لياقت نيشنل اسپتال، قطر، ضياءُ الدين اسپتال، دل جي بيمارين واري اسپتال، اين آءِ سي ايڇ ۽ ٻين اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ جي مريضن جو علاج هلندڙ آهي. جناح اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب پنج ۽ عباسي شهيد اسپتال ۾ وڌيڪ ٽن مريضن دم ڏنو. جنهن کانپوءِ 12 ڏينهن اندر صرف ڪراچي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي 12 سئو 61 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف صوبي جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به هيٽ اسٽروڪ سبب حياتيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. ڪرم پور ۾ استاد ۽ سماجي اڳواڻ حافظ محمود خان بنگلاڻي گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. وڌيڪ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ وڌي هڪ سئو 8 ٿي ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *