ملڪ ۾ وڌيڪ ڇا ٿيڻ وارو آهي؟؛قيوم سنديلو

ملڪ ۾ هن وقت سياسي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وئي آهي، پهريون دهشتگردن خلاف ڪارروايون هليون هيون ته ڪجهه امن ٿيو ته ڪجهه وري بيان بازي پڻ هلندي هئي پر جڏهن کان ڪرپشن خلاف ڪات اڀا ڪيا ويا آهن ان کان پوءِ صورتحال ڏڦيڙ جو شڪار ٿي وئي آهي پر ان وڌيڪ صورتحال ان وقت خراب ٿي وئي جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي تقرير ڪئي، ان کان پوءِ ته هن وقت تائين صورتحال ويتر پوري طرح سان ڏڦيڙ جو شڪار بڻجي وئي آهي، هڪ ته پ پ جي گهڻي قدر قيادت ٻاهرين ملڪ رواني ٿي وئي آهي، ان کان پوءِ قيادت جي اهم ماڻهن کي پڻ رينجرز يا نيب پاران گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن پڻ وڏا انڪشاف پڻ ڪيا آهن جنهن کان پوءِ هن وقت نه سمجهه ايندڙ صورتحال ملڪ مٿان ڇانيل آهي.

هن صورتحال ۾ ڪجهه امن تڏهن ٿيو آهي جڏهن گرمي جي لهر ڏيڊ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ماري وڌو آهي جنهن کان پوءِ صوبائي وزير وفاقي سرڪار ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ذميوار بڻايو آهي ته وري وفاقي سرڪار صوبائي حڪومت کي ذميوار بڻايو آهي ان بيان بازي ۾ ڪجهه توجهه مٿي اهم اشو تان هٽي وئي آهي. پر ان جي باوجود نيب ۽ رينجرز پاران پنهنجون ڪارروايون روايت موجب جاري ۽ ساري آهي جنهن مان اها ڳالهه پوري طرح سان واضح ٿي رهي آهي ته اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪيل فيصلا جاري آهن، پر ڪجهه صحافين پاران اهڙيون ڳالهيون به ڪيون پيون وڃن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي تقريب کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ پٺتي هٽي وئي آهي پر جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوءِ لازمي طور تي ٻاهر ويل قيادت واپس موٽي ها ۽ جاري رهندڙ ڪارروايون بند ٿي وڃن ها يا وري پڪڙيل ننڍين مڇين کي آزاد ڪرڻ سميت ڪجهه رليف وارا ڪم ٿيڻ گهرجن ها پر هن وقت اهڙا ڪي به ڪم نظر ناهن آيا.

هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو سوشل ميڊيا پاران ڪرپشن خلاف رينجرز جي ڪاررواين جي پوري طرح سان حمايت ڪئي وئي آهي ۽ زور شور سان اهي پڻ مطالبا ڪيا پيا وڃن ته فوري طور تي ننڍين مڇين کي ڇڏي ڪري وڏين ڪرپٽ مڇين کي هٿيڪو ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ ئي صوبائي سرڪار ويتر پريشاني جو شڪار بڻجي وئي آهي. نه ته اڳ ۾ ائين ٿيندو هو ته جيڪڏهن وردي وارا ڪو اهڙو ڪم ڪندا هئا جيڪو سرڪار جي دائري ۾ ايندو هو ته ان جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي هئي پر هاڻي لڳي ٿو ته عوام پڻ فيصلو ڪري ورتو آهي ته هاڻي ڪنهن به طرح سان ڪرپشن کي برداشت نه ڪيو ويندو، اهڙي صورتحال کان پوءِ ائين پيو لڳي ڄڻ ته رينجرز پاران پڻ ڪاررواين ۾ تيزي آندي وئي آهي.

هڪ پاسي اهڙي صورتحال آهي ته ٻئي پاسي اسلام آباد جون هوائون سنڌ جي سياسي صورتحال ۾ نئين گرم هوا اچڻ جا ڏيک ٻڌائي رهيون آهن، اسلام آباد ۾ اهي ڳالهيون پيون هلن ته وفاقي سرڪار رينجرز کي هاڻي دهشتگردن خلاف ڪاررواين کان پوءِ ڪرپشن خلاف ڪارروائي لاءِ پڻ فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ صوبائي سرڪار سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي جيڪا ڪاوڙ آصف علي زرداري جي تقرير مان واضح ٿي وئي آهي، ان کان پوءِ اهو پيو ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن سياسي صورتحال مزاحمت واري ڳالهه تان نه هٽي پوءِ ته سنڌ ۾ گورنر راج لڳايو ويندو جنهن جي لاءِ ٻڌڻ ۾ پڻ اهو آيو آهي ته نئين گورنر جو نالو پڻ فائينل ڪيو ويو آهي.

اچرج جهڙي ڳالهه اها به آهي فوج ضرب عضب آپريشن تقريبن پورو ڪرڻ واري آهي مطلب ته ان کان پوءِ فوج لازمي طور تي شهرن ۾ آپريشن ڪندي جنهن بابت آرمي چيف جنرل راحيل شريف پڻ فوجي جوانن کي خطاب ۾ چوندو آيو آهي ته شهرن ۾ به دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. جنهن کان پوءِ اها صورتحال به واضح آهي ته هاڻي سنڌ جو وارو اچڻ وارو آهي، دهشتگردن کي ختم ڪرڻ وارو فيصلو ته واضح آهي پر هن ڀيري ڪرپشن ڪندڙن کي پڻ وائکو ڪرڻ جو مڪمل طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي. هاڻي ڏسجي ته مٿيون هوائون ڇا واقعي به ڪراچي ۾ گرم ٿي سگهن ٿيون يا وري ائين ٿيندو جيئين اسڪاٽ لينڊ يارڊ طارق مير جي بيان کي پنهنجي رڪارڊ جو حصو مڃڻ کان انڪار ڪري ايم ڪيو ايم کي عارضي خوشي فراهم ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ايم ڪيو ايم پاران صحافين کي ڌمڪين وارا ايس ايم موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هڪ پاسي ملڪي صورتحال اهڙي آهي ته ٻئي پاسي لنڊن صورتحال تي پڻ عوام جون اکيون کتل آهن، هڪ پاسي لنڊن عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي ته ٻئي پاسي اهي ڳالهيون به ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي جاچ دوران ايم ڪيو ايم ڀارت کان فنڊ وٺڻ واريون ڳالهيون مڃي ورتيون آهن ان کان پوءِ ڄڻ ته باقاعده طور تي ملڪي سياسي صورتحال دٻڻ ۾ ڦاسي چڪي آهي، ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي دوستي ته پنهنجي جڳهه تي برقرار آهي پر اها دوستي هاڻي پ پ کي ڳچي ۾ پوڻ لڳي آهي جنهن صورتحال پڻ پيپلن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ڏسجي ته ايندڙن ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو ۽ ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ هن ساڳئي صورتحال تي نئين آرمي چيف جي اچڻ کان پوءِ به ائين ئي هلايو ته پوءِ ايندڙ ڪجهه سالن کان پوءِ پاڪستان هڪ نئون پاڪستان بڻجي سگهي ٿو پر جيڪڏهن ماضي وانگر جيئين پرويز مشرف، اسلم بيگ پنهنجي فائدي لاءِ سياست کي پنهنجي طرز تي هلايو ته پوءِ شايد وري صورتحال ائين ئي نه بڻجي وڃي جيئين اڳ ۾ هئي مطلب ته تون پنهنجو ڪم ڪر اسان پنهنجو ڪم ڪيون ٿا باقي عوام اليڪشن ڏهاڙي ياد ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *