ٽِه ملڪي سيريز جي تصديق کان پوءِ بنگلاديش بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي شيڊولنگ سسٽم تي ڇِتي تنقيد

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) زمبابوي، پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ٽِه ملڪي سيريز جي تصديق کان پوءِ بنگلاديش بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي شيڊولنگ سسٽم تي ڇِتي تنقيد ڪئي آهي. بنگلاديش ڀارت کي تازو ئي ٽِن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ هارايو هو، جنهن کان پوءِ ماضيءَ ۾ ڪمزور سمجھي ويندڙ ايشين ٽيم چيمپئنز ٽرافيءَ جي لاءِ ڪوليفاءِ ڪرڻ جو جشن ملهايو هو. ان کان اڳ بنگلاديش پاڪستان کي به 3-0 تان مات ڏني هئي، جنهن کان پوءِ آءِ سي سيءَ رينڪنگ ۾ ديشين جي پوزيشن ستين ٿي وئي هئي ۽ پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز کان اڳتي نڪري ويا هئا. ميزبان انگلينڊ کان سواءِ ڪرڪيٽ دنيا جون ٻيون سَت ٽيمون 2017ع ۾ چيمپئنز ٽرافي ۾ حصو وٺنديون، جنهن جي لاءِ ڪوليفاءِ ڪرڻ جي آخري تاريخ 30سيپٽمبر آهي. پر تازو ئي ويسٽ انڊيز تصديق ڪئي آهي ته سندن ٽيم زمبابوي ۾ پاڪستان ۽ ميزبان ٽيم سان ٽِه ملڪي سيريز کيڏندي، جنهن کان پوءِ بنگلاديش جي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿيڻ جا کٽڪا وڌي ويا آهن. پاڪستان کي سريلنڪا خلاف پنجن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ به پنهنجي رينڪنگ بهتر بڻائڻ جو موقعو ملندو، جيڪا 11 جولاءِ کان شروع ٿيندي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر جلال يونس چيو آهي ته جڏهن کان آءِ سي سيءَ ايف ٽي پي جي پيروي ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ۽ ٽيمن کي گڏيل طور ڊيل ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، تڏهن کان سڄو نظام خراب ٿي ويو آهي. هن چيو ته ان سان سسٽم ۾ ڪجھه خرابيون پيدا ٿيون آهن. مان ان جي حمايت نه ٿو ڪيان، اهو ڪو صحتمنداڻو مقابلو ناهي. بنگلاديش کي هاڻي چيمپئز ٽرافيءَ ۾ سِيٽ پڪي ڪرڻ لاءِ ايندڙ مهيني ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽِن ون ڊي ميچن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ميچ کٽڻي پوندي، پر جلال پراعتماد هو ته سندس ٽيم ايئن ڪري وٺندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان اڃا به چيمپئنز ٽرافي کيڏي سگھون ٿا، اسان کي صرف ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي سيريز ۾ سٺو پرفارم ڪرڻو پوندو ۽ مان ٻڌائي ڇڏيان ته اسان جي رانديگرن ۾ اها اهليت موجود آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *