پاناما ليڪس انڪشافن بعد وزير اعظم جو ڪميشن جوڙڻ جو اعلان

وڪي ليڪس بعد هاڻي پاناما ليڪس مختلف ملڪن جي سياستدانن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيو آهي، الزامن جي جواب ۾ وزيراعظم نوازشريف پاران پاناما ليڪس جي معاملي تي هڪ اعليٰ سطحي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي قوم کي خطاب ڪندي  وزير اعظم محمد نواز شريف جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويندو، هن الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته سياسي مقصدن لاءِ منهنجي خاندان کي نشانو بڻايو پيو وڃي، زندگي ۾ پهريون ڀيرو ذاتي وضاحت لاءِ پيش ٿيو آهيان،

مختلف وقتن تي اتفاق فائونڊيشن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود پنهنجي مٿان بقايائون پورا 6 ارب سمورا قرض ادا ڪيا ۽ اسان جي خاندان قرض معاف نه ڪرايو ۽ نه مارڪ اپ، هاڻي اسان مٿان ڪنهن بينڪ جي هڪ پائي به ناهي، حڪومت ۾ رهندي ڪڏهن ڪاروبار کي شامل نه ڪيو، وزيراعظم مطابق ساٿين جي مشورو هو ته منهنجي مٿان ڪو الزام ناهي ۽ منهنجا پٽ عاقل و بالغ آهن ان لاءِ مون کي ان معاملي تي وضاحت جي ضرورت ناهي.

هوڏانهن  پناما لِيڪس جي انڪشافن کانپوءِ نيب آف شور ڪمپنين جي مالڪن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو،  ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب  نيب جو موقف آهي ته پنامالِيڪس جي انڪشافن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

برطانوي خابرو اداري پنامالِڪس جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن کانپوءِ پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿرٿلو متل آهي، اڪثر ملڪن ۾ ڪارروائيون به شروع ٿي چڪيون آهن. پنامالِڪس جي انڪشافن جو پاڪستان ۾ به قومي احتساب بيورو پاران سختي سان نوٽيس ورتو ويو آهي.نيب پرڏيهه ۾ غير قانوني اثاثا ٺاهيندڙ ۽ آف شور ڪمپنين جي مالڪن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اڳ وڪي ليڪس پوري دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي چڪي آهي هاڻي وري پامانا ليڪس جا انڪشافن بعد مختلف ملڪن ۾ مظاهرا به ڪيا پيا وڃڻ ته ڪٿي وزير اعظم توڙي صدر انڪشافن بعد پنهنجي عهدن تان استعيفائون پيا ڏين، پاڪستان م وزير اعظم جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي ته وري نيب به جاڳي پئي  آهي هاڻي وقت ٻڌائيندو ته موجوده اعلانن تي ڪيتري قدر عمل ٿيندو ڇو جو عوام ڄاڻي ٿو ته اهڙا اعلان ڪري صرف مدو ورتو ويندو آهي جئين اهڙن معاملن جو آهستي آهستي اثر ختم ٿي وڃي ۽ ڪو نئون معاملون جنم وٺي جئين اعلانن کي ردي جي ٽوڪري حوالي ڪري اڳتي پير وڌايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *