پاناما ليڪس معاملي تي اعليٰ سطحي عدالتي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف پاران پاناما ليڪس جي معاملي تي هڪ اعليٰ سطحي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،  قوم کي خطاب ڪندي هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ قائم ڪيو ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي مقصدن لاءِ منهنجي خاندان کي نشانو بڻايو پيو وڃي، زندگي ۾ پهريون ڀيرو ذاتي وضاحت لاءِ پيش ٿيو آهيان، هن وڌيڪ چيو ته مختلف وقتن تي اتفاق فائونڊيشن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود پنهنجي مٿان بقايائون پورا 6 ارب سمورا قرض ادا ڪيا ۽ اسان جي خاندان قرض معاف نه ڪرايو ۽ نه مارڪ اپ، هن چيو ته هاڻي اسان مٿان ڪنهن بينڪ جي هڪ پائي به ناهي، حڪومت ۾ رهندي ڪڏهن ڪاروبار کي شامل نه ڪيو، وزيراعظم مطابق ساٿين جي مشورن هو ته منهنجي مٿان ڪو الزام ناهي ۽ منهنجا پٽ عاقل و بالغ آهن ان لاءِ مون کي ان معاملي تي وضاحت جي ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *