حيدرآباد جو امن ۽ مبينا پوليس مقابلا: مختيار برفت

اهو قصو ڪو گهڻو پراڻو نه آهي، جڏهن سنڌ بدامني جي باهه ۾ ٻري رهي هئي. ان وقت ماڻهو ان ماحول کي لکئي جو ليک سمجهي قبول ڪري رهيا هئا. اهوئي سبب هيو جو ماڻهو ڦرجڻ کان پوءِ به ٿاڻن جو رخ ان ڪري نه ڪندا هيا جو کين خبر هئي ته اتان ڪجهه ورڻو ئي نه آهي. روائتي پوليس جا دلاسا ۽ نصيحتون نصيب ٿينديون هيون. حيدرآباد به ائين هيو، جيئن سنڌ جا ٻيا ضلعا! ماڻهن اهو سمجهوتو ڪري ورتو هو ته اهي ڏوهي سرگرميون ختم ٿيڻيون نه آهن پر پوءِ الاءِ ڪٿان واءُ وريو جو اوچتو ڏوهارين جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ويئي؛ نه صرف وٺ پڪڙ پر ڏوهارين سان اهڙي حالت ڪئي ويئي جو هڪڙا معذور ٿي ويا، ٻين ٽڪيٽون ڪٽرايون ۽ جيڪي بااثر ماڻهن جا ماڻهو هئا اهي توبهه تائب ٿي ويا. باقي جيڪي پوليس آفيسرن جا کاٽائو پٽ هئا، انهن پيش ٿي پاڻ کي جيل حوالي ڪرائي جيئدان ورتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سنڌ اهڙي پُرامن ٿي وئي جو ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون. ساڳي گهاٽ تان شينهن ۽ ٻڪري پاڻي پيئڻ لڳا. پوليس جا ڀوتار آفيسر ٻنهي هٿن سان پيسا گڏ ڪرڻ لڳا. هنن جي در تي اهي گاڏيون پهچي ويون جيڪي وڏن ڀوتارن وٽ هجن ٿيون. 9 گريڊ جو ايس ايڇ او ڪک پتيءَ مان لک پتي بنجي ويو. هن جو لائف اسٽائيل تبديل ٿي ويو.

اڙيو ٿڙيو ڪو چور هٿ آيو ته سائين ايس ايڇ او ان جي ٽنگ تي هٿيار تاڻي ورتو!! نه ويندين، گوڏو ته سمجهه ويو پر خير گهر حياتيءَ جو! ۽ پوءِ ڳجهي ڊيل ….همراهه وڃي گهر کپائي پاڻ بچائي … اهو حال هن وقت سڄي ضلعي جو آهي جنهن جي خبر آفيسرن کي به آهي پر چئي ڪير؟ حيدرآباد جتي ڪافي عرصي کان امن ايترو قائم ٿيل هيو جو ڪابه وڏي واردات ممڪن نه هئي پر موٽر سائيڪلن جون چوريون ۽ ڦر هلنديون رهن ٿيون. رڪارڊ موجب روزانه 2 کان 5 تائين چوريءَ جون وارداتون معمول بڻيل آهن، اتي ٻه ڏينهن اڳ ڪروڙن جي ڦر جو واقعو پيش آيو آهي. حيدرآباد جي سٽيزن ڪالوني ۾سعودي جي ڪنهن همراهه جي گهر مان هٿياربند گهڙي ڪروڙن جو سون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي آهي. اهڙي واردات کان پوءِ پوليس جي ايڪسپرٽ آفيسرن کي ڪم سان لڳايو ويو هوندو، کين چيو ويو هوندو ته سالن کان ايس ايڇ او لڳل آهيو، اسان کي خبر آهي ته توهان ڇا ڇا گڏ ڪيو آهي، پر ان تي بحث نه ٿا ڪيون بس هن واردات ۾ ملوث ماڻهو کپن … ۽ جيڪر ڪنهن ايس ايڇ او ڪا خوشخبري ڏئي وڌي ته سمجهو ته ان جا لک ٿورا، پر ڦٽي انهن جي جيڪي زنده به گرفتار ٿيا پر هوندا نه حيات !!پوليس جي اهڙين ڪاررواين جي عوام توڙي ميڊيا ان ڪري سپورٽ پئي ڪئي جو سنڌ امن جي گهرجائو رهي آهي.

حيدرآباد، جيڪا ڪنهن دؤر ۾ اي ڊي خواجه جي انتظام هيٺ به رهي آهي، سندس دور ۾ به پوليس مقابلا ٿيا هيا. رڪارڊ موجب 12 ڏوهاري مارجي ويا هئا، جيڪي نامي گرامي هئا. اڳ پوليس مقابلو ميڊيا جي لاءِ انتهائي اهم هوندو هو. ڇو ته پوليس مقابلو ڪا ننڍي خبر نه هوندي هئي، اُن ۾ ڏوهارين سان گڏ پوليس اهلڪار به متاثر ٿيندا هئا ۽ ميڊيا ان خبر کي انتهائي نمايان ان ڪري رکندي هئي جو پوليس مقابلا سچا هوندا هئا پر موجوده پوليس حيدرآباد ۾ شروع ۾ مقابله ڪيا انهن کي ميڊيا نمايان ڪوريج ڏني پر هاڻ اهي مقابلا پنهنجي افاديت وڃائي رهيا آهن.

نجي ڪچهرين ۾ اڪثر اها ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته امن صرف حيدرآباد ۾ ئي نه ٿيو آهي پر سڄي سنڌ ۾ مجموعي طور تي امن قائم آهي، ان ۾ اسان جي انٽيليجنس ادارن جو وڏو ڪردار آهي. ڇو ته انٽيليجنس ادارن جو ڪم ۽ پوليس جي ڪم ۾ فرق هو پر جيئن ئي انهن ادارن کي ڏوهارين جي خلاف ڪاررواين جا حڪم مليا، انهن ادارن پوليس سان گڏجي ڏوهارين جي خلاف جيڪي ٽارگيٽ آپريشن ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت سنڌ پرامن بڻيل آهي. ان ڪري اهو چوڻ ته ڪنهن هڪ پوليس آفيسر هجڻ سان امن ٿيو آهي ته اها به ناانصافي آهي. ڇو ته گڏيل ۽ ٽيم ورڪ سبب سنڌ پرامن بڻي آهي پر مڃجي کڻي ته ان ۾ پوليس جو ڪردار به آهي پر پوليس ته اتي اڳ به موجود هئي، اهي ئي آفيسر اڳ به هئا نه صرف ايترو پر عهدن تي به هئا پوءِ به سنڌ ڀوڳي رهي هئي، ماڻهو ڦرجي رهيا هئا، ماڻهن کي ملڪيتن کان محروم ڪيو پئي ويو پر هن ڀيري چيو وڃي ٿو ته انٽيليجنس ادارن کي خاص حڪم ٿيا هئا ته هاڻ گهڻو ٿيو ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته ڪيئن امن ٿي ويو ۽ ماڻهو به سمجهن ٿا ته اهو امن ڪنهن ڪرايو. ڇو ته  تمام وڏو عرصو ماڻهو ڏوهارين جي رحم ڪرم تي هئا، پوليس جا آفيسر ماڻهن کي ڏس پتو ڏيندا هئا ته فلاڻي ڏوهاري يا پاٿاريدار سان رابطو ڪيو ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو پر هاڻ ائين نه آهي، پاٿاريدار توڙي ڏوهاري لڪڻ ۾ پورا آهن، ان ۾ ڪردار جنهن جو به آهي پر ساراهه جوڳو آهي، جو سنڌ سڪون ۾ آهي. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليسنگ کي بهتر ڪيو وڃي، جنهن جي اميد اي ڊي خواجه کان وڌيڪ سنڌ ٻيو ڪنهن مان ڪري سگهي ٿي؟

burfat1@hotmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *