ڪرپشن الزام گرفتار شرجيل ميمڻ ۽ پ پ جو موقف …!!: مسرورسيال

اڳوڻو طاقتور سمجھيو ويندڙ صوبائي وزير  وڏي شهرت ماڻيندڙ،  وزير ٿيڻ کان اڳ سندس ايتري شهرت نه هئي اڪثريت کيس سڃاڻيندا به نه هئي پر جڏهن پ پ کيس ٽڪيٽ ڏئي  چونڊن ۾ ڪامياب ڪرايو ۽ هُو ارباب رحيم جي اثر هيٺ علائقي مان ايم پي اي چونڊجي ويو ته کيس قائم علي شاھه جي ڪابينا ۾ اطلاعات کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ مڪاني ادارن سميت ڪجهه ٻين کاتن جا به قلمدان ڏنا ويا ، قلمدان ته کيس طاقتور بڻايو پر اصل ۾ جن کيس قلمدان ڏيارا اُهي وڏا طاقتور هئا جن شرجيل ميمڻ کي ميڊيا جي اڳيان آندو ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ميڊيا اڳيان ئي آهي اڳوڻو  صوبائي وزيرِ اطلاعات ته هاڻ وري ڪرپشن ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٿيو آهي پهرين صوبائي وزير جي حيثيت سان هُو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو پر پ پ وري کيس ڪنهن ڊيل هيٺ واپس گھرايو هو عدالتن مان ضمانتون ورتيون  وين هيون ۽ ضمانت تي آزاد گھمي ڦري رهيو هو کيس صوبائي وزير جيترو پروٽوڪول مليل هو. ملڪ واپسي تي سندس ساٿين هن کي سون جو تاج پارايو هو اِها خبر ناهي ته سونو تاج کيس ڪهڙي چڱي ڪم سبب پارايو ويو هو ، چڱو ڪم ته خير ڪوبه نظر نه آيو پر پوڻا ڇھه ارب روپين جي ڪرپشن جو جيڪو ڪارنامو انجام ڏنو هو ان عيوض پارايو ويو هوندو خير هن جي  دوستن ۽ پارٽي ورڪرن رڳو سونا تاج نه پارايو پر هن کي  خود سون بڻائي ڇڏيو مطلب لٽيل قومي دولت جو مالڪ هوندي به  هو قانون کان بچي نه سگھيو . گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سندس ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ عدالت کان ٻاهر ايندي  ئي کيس گرفتار ڪيو ويو اُهو به منظر ڏسڻ وٽان هو عدالت اندر ويهي گرفتاري کان بچڻ جا سمورا هيلا وسيلا هلآئيندو رهيو خرڪار 12 ڪلاڪن کا پوءِ جڏهن سمورا  رستا بند ٿي ويا ته نيب کي گرفتاري ڏئي ڇڏي .سندس گرفتاري ڏيڻ جو انداز به بلڪل ائين هو جئين ڏوهاري  ڏيندا آهن ٻئي طرف وري ڪجھه صوبائي وزير سندس کي حوصلو ڏيارڻ لاءِ پهتل هئا اِهو ئي سبب هو جو شرجيل ميمڻ حوصلو ڪري گرفتاري ڏني آهي شرجيل ميمڻ  توڙي سندس ساٿاري بيوروڪريٽس  گرفتار ڪيا ويا آهن .  جيڪي پڻ ساڳئي  الزام هيٺ آيل آهن هن سموري صورتحال تي وري پ پ پ وارن جو موقف آهي ته شرجيل ميمڻ جي گرفتاري ٻٽو معيار آهي جڏهن ته نوازشريف کي پڻ گرفتار نٿو ڪيو وڃي  اِها ڳالھه به صحيح آهي ته نون ليگ وارن کي اهڙي ڪابه تڪليف نٿي ڏني وڃي جڏهن ته پ پ پ وارا وڏي  مشڪلاتن سان منهن ڏئي رهيا آهن پر اِهو الزام بي اثرائتو ٿيندو پيو وڃي . ان ڪري به ته جيتري ڪرپشن پ پ پ وارن ڪئي آهي اوتري ٻئي ڪنهن نه ڪئي آهي نوازشريف جي ڀاءُ جي حڪومت پنجاب ۾ آهي پر پنجاب ۾ ڪم ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي جيڪا گذريل 9 سالن کان هلندي پئي اچي ۽ ايندڙ دور ۾ به حڪومت ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ۾ رڌل آهي پر سنڌ جي صورتحال اِها آهي ته هر ادارو ناڪاره بڻيل آهي روڊ رستا اکڙيل آهن شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ڪوبه اهڙو شهر ناهي جيڪو مثال طور پيش ڪجي ته هي شهر ٻين صوبي جي شهر سان ڀيٽ لاءِ ڏيکاري سگھجي  لاڙڪاڻو جيڪو شهيدن جو اباڻو ضلعو آهي ان جو حشر ڇا آهي لاڙڪاڻي جي ترقياتي ڪمن جي اربين روپيا فنڊن کي ڦٻايو ويو نه رڳو اُهي فنڊ پر مڪاني ادارن جا فنڊ به هڙپ ڪيا پيا وڃن جنهن ڪري مڪاني ادارا پڻ ناڪاره بڻيل آهن ۽ اُهي مقامي وڏيرن کي جاگير طور ڏنا ويا آهن اڪثريت ۾ اتي اُهي چئيرمين مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ايم پي اي ، ايم اين اي جي ڪوٽا تي رکيل آهن ظاهر آهي اهڙي حالت ۾ شهرن ۾ بهتري ڪهڙي اچي سگھي ٿي . وري جڏهن اُهي چور قانون جي پڪڙ ۾ اچن ٿا ته وري سياسي بيان ڏنا وڃن ٿا جيڪي پڻ بليڪ ميلنگ جيان هجن ٿا جئين مثال طور شرجيل ميمڻ جي گرفتاري تي پ پ پ  موقف ڏنو آهي ته گرفتارين جي مامري ۾ به ٻٽو معيار رکيو وڃي ٿو مثال پنجاب جو ڪرپٽ گرفتار نٿو ٿئي پر سنڌ جو ڪرپٽ گرفتار ڪيو وڃي ٿو مطلب اهو ٿيو  ته جيڪڏهن پنجاب جو ڪرپٽ گرفتار نٿو ڪيو وڃي ته  پوءِ سنڌ جي ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪامورن کي به گرفتار نه ڪيو وڃي .  سٺي سوچ آهي چور ، چور جو مثال ڏئي تحفظ پيو گھري ، ڏسجي ته شريف خاندان جنهن احتسابي مرحلي مان گذري رهيو آهي اُهو سندن لاءِ قيامت کان گھٽ ناهي جيڪڏهن ڀيٽ جي ڳالھه ڪجي ته شرجيل جي گرفتاري جو بيلنس ڪرڻ لاءِ نوازشريف کي گرفتار ڪيو وڃي ته اِهو بيلنس ناهي پر بيلنس اِهو آهي ته پنجاب جو به ڪو ڪرپٽ وزير گرفتار ڪيو وڃي ، نوازشريف جي ڀيٽ ته وري هن جي ڪاٺ ڀت واري سان ٿيندي هاڻي پ پ پ وارا ٻڌائين ته نوازشريف جي گرفتاري عيوض هُو ڪنهن جي گرفتاري پيش ڪرائيندا ظاهر آهي اُهو به نوازشريف جھڙو مها چور ۽ ڪرپٽ هجي ، پ پ وٽ ظاهر ان ڪاٺ بت جا موجود آهن اُهي به ڪرپشن جا بادساھه سڏيا وڃن ٿا پر اُهي به ته آزاد گھمندا ڦرندا وتن ٿا ، اسان جي سياسي پارٽين جو اِهو حال رهيو آهي ته انهن جو  اقتدار عوام کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ پنهنجن  ڪرپٽ ساٿين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ استعمال ٿي رهيوآهي  سو ڏسجي ته پ پ پ سنڌ جا حڪمران پنهنجن ڪرپٽ وزيرن کي ڪئين تحفظ ٿا ڏيارين . اسان وٽ اِهو به اڪثريت سان عوامي رايو رهيو آهي ته شرجيل ميمڻ هجي يا ٻيا هجن اُهي لک دفعا گرفتار ٿين پر ٿيڻو ڪجهه به  ناهي  ان ڪري ته وري به ساڳيا ڪرپٽ چوندجي اچن ٿا ۽ حڪومت ڪن ٿا سو گرفتاري سان گڏ انصاف به هئڻ گھرجي ڏوهارين کي سزا به ملڻ گھرجي باقي گرفتاريون ته اڳ به ٿينديون رهيون آهن ۽ ساڳيا گرفتار وري اقتدار ۾ به ايندا رهيا آهن ….. ڪهڙي خبر هاڻوڪا گرفتار به ثبوت نه ملڻ جي صورت ۾ باعزت بري ٿي وڃن جئين شرجيل ميمڻ به چوي ٿو ته هُو باعزت بري ٿي ويندو هاڻي اِها به خبر ناهي ته هُو ڪهڙي بنياد تي ائين چئي رهيو آهي شايد هن بنياد تي چوندو هجي ته اسين ڪو ثبوت ڇڏيو ئي ناهي ته پوءِ سزا ڪئين کائينداسين  . هاڻي ڏسجي ته کيس گرفتار ڪندڙ عدالت سڳوري کي ڪهڙا ٺوس ثبوت ڏين ٿا . جيڪڏهن ٺوس ثبوت مليا ته عدالت جو فيصلو ٻڌڻ جھڙو هوندو پر ثبوت نه مليا ته پوءِ واقعي فيصلو شرجيل ميمڻ اڳ واٽ ٻڌائي ڇڏيو آهي سو اسان وارا سياسي مخالف به ايترو خوش نه ٿين تجزيا نگار به هٿ هلڪو رکن ان ڪري ته هن ۾ به ڪو شڪ ناهي ته شرجيل ميمڻ وري اطلاعات جو وزير يا ان کان مٿين ذميواري تي نه اچي وڃي منهنجي هن ڳالھه سان اختلاف ڀلي رکيو وڃي  پر اسان وٽ چٽا پٽا ثبوت موجود آهن ته ڇا ڪالھه جا ڪرپٽ جن مٿان ڪيس به هليا جيل به ويا ڇا اُهي وري حڪمران ناهن ٿيا يا ناهن ٿي رهيا … !ان ڪري اسين ته رڳو سياستدانن جي راند ڏسي رهيا آهيون جيڪا راند به اک ٻوٽ واري آهي مطلب هڪ ٻئي جي ڪرپشن ڳولهي رهيا آهن هڪڙا لڪيو وڃن ته ٻيا ظاهر ٿين وري ظاهر ٿيل وري لڪيو وڃن پاڻ ته رڳو انهن کي ڏسي رهيا آهيون جيڪي ظاهر ٿين ٿا ۽ پڪڙيا وڃن ٿا سو ڏسندا رهون ٿا ته ڪهڙا ڪهڙا لڪيل آهن جيڪي اڃا ظاهر ٿيندا ۽ پڪڙيا ويندا ..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *