ڇا بلاول ڀُٽو، پارٽيءَ کي نئون جيئندان ڏئي سگهندو؟؛نسيم بخاري

پ پ پ پنجاب جي نائب صدر صمصام بخاري ۽ اشرف سوهنا کانپوءِ خبرون آهن ته اڳوڻي وفاقي وزير حنا رباني کر جون پنهنجي والد سميت پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پنجاب ۾ طاقتور ليکي ويندڙ شاهه محمود قريشي جي حنا ربانيءَ سان پي ٽي آءِ ۾ شموليت بابت دعوت واريون خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي جڳ جهان ڏسي ۽ ٻڌي چڪو آهي. پنجاب جي صوبائي نائب صدر فردوس عاشق اعواڻ پارٽيءَ جي اهم عهدي تان استعيفيٰ ڏئي بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ صوبائي حڪومت توڙي وفاقي حڪومت پارٽيءَ خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي پر انهن کان ڪو پڇاڻو نه ٿو ڪيو وڃي! انهن خلاف ڪو احتجاج نه ٿو ڪيو وڃي! پي پي جي اعليٰ قيادت پارٽي کي هٿ سان تباهه ۽ برباد ڪري رهي آهي، اُها ڪارڪنن لاءِ ڏڍ بڻجڻ بدران ڏاڍائي ڪندڙ صوبائي ۽ وفاقي سرڪار جي طرفدار ٿي بيٺي آهي. پ پ سنڌ حڪومت کي بچائڻ لاءِ پارٽي کي نقصان ڏئي رهي آهي. پ پ کي بچائڻو آهي ته پارٽيءَ اندر هفتو صفائي واري مهم هلائڻي پوندي! سنڌ حڪومت جي ڪوتاهين جي سزا پوري پارٽي کي نه ملڻ گهرجي. پنجاب ۾ پارٽي لاوارث ۽ يتيم آهي!

پيپلز پارٽيءَ ۾ ڀڃ ڊاهه واري عمل ايتري ته اهميت اختيار ڪري ورتي آهي جو تمام وڏا وڏا اينڪر ۽ مشهور ٽي وي چئنلز هاڻ ان معاملي تي باقاعده سنجيده، ڊگها ۽ تحقيقي پروگرام نشر ڪري رهيا آهن. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران پيپلز پارٽي جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن تي ڀرپور تبصرا ٿي رهيا آهن. ان سڄي پسمنظر کي پي پي جي قيادت ڀل ته ميڊيا ٽرائل قرار ڏئي اکيون ڦيري پر حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي پنهنجي منطقي انجام طرف وڌي رهي آهي. نيب، ايف آءِ اي ۽ رينجرز پاران سنڌ ۾ جهڙيءَ ريت مختلف سرڪاري کاتن، انهن جي ڪامورن ۽ بااثر سياسي ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي آهي، ان ٻڙڌڪ ٻائيتال مچائي ڇڏيو آهي. اُهو ٻائيتال وڌي وڻ ٿيڻو آهي. پي پي خلاف شروع ٿيل ڪريڪ ڊائون جو پس منظر ڪرپشن آهي. اها ڪرپشن جيڪا اربن کربن ۾ ٿي آهي! جنهن ماضي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن جو ڪوئي ڇيهه نه آهي ۽ جنهن پي پي جي سنڌ ۾ اهڙي ساک خراب ڪئي آهي جو هاڻ نه ٿو لڳي ته عوام وري ان تي اعتماد ڪندو!

پيپلزپارٽي جي مک قيادت ان وقت ملڪ کان ٻاهر وئي، جڏهن گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب هتي هڪ هزار کان مٿي ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا هئا. ادي ۽ ادِيءَ کي عوام جي اهنجن ڏور ڪرڻ واري گهڙين ۾ ڪهڙي مجبوري پرڏيهه جا پنڌ ڪرايا، ان کي پارٽي ترجمان ڀل طبيعت جي ناچاڪي ڄاڻائن پر حقيقت ۾ جيڪي هُل آهن، انهن ۾ امڪاني گرفتارين کان بچڻ لاءِ ڀڄڻ وارا اطلاع اچي رهيا آهن. اويس مظفر ٽپي به ٻاهر ويل آهي، خبرون آيون هيون ته هو پنهنجي فوت ٿيل ڀاءُ جي ڊيڊ باڊي کڻائڻ لاءِ ٻاهر ويو آهي پر هفتي ڏيڍ گذرڻ باوجود نه ڊيڊ باڊي نه وري اويس مظفر ٽپي واپس وريو آهي!

بلاول ڀٽو زرداري پڻ پرڏيهه ويل هو، جتان هن جي واپسي ۽ پارٽي جي اڳواڻن سان ملاقاتون، اسپتالن جا دورا توڙي بيان بازي ته آڏو آيون آهن پر اهڙو ڪو به سوجهرو نه ٿو سُجهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽيءَ لاءِ ڪنهن سڻائيءَ وارو سڌ سماءُ سمايل محسوس ٿيندو هجي! بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ پارٽي جي پستيءَ ۽ ڏينهون ڏينهن پي پي جي ٽُٽندڙ ڏارن ۽ لامن بابت ڪو به تبصرو نه ڪيو آهي نه ئي وري ڪو اهڙو ڏاهپ ڀريو ڪارنامو سامهون آيو آهي، جنهن سان پارٽيءَ ۾ ڪنهن نئين روح ڦوڪجڻ يا آڪسيجن اچڻ جي اُميد ڪري سگهجي! بلاول ڀٽو زرداري اڃا تائين پنهنجي پيءُ ۽ پڦيءَ وارين پاليسين کان ڪا بيزاري نه ڏيکاري آهي پر انهن جي واٽ جو نگهبان ثابت ٿيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر تي گذريل سال ڪراچيءَ ۾ هڪ عوامي جلسي سان سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي پر پنهنجي رٿيل تقرير ۾ عوام جو جوش ڏسي ٻه اڍائي جملا ايجنڊا کان وڌيڪ ۽ جذباتي چئي ويو ته هن کي اهڙي چپ ڪرائي وئي جو وڃي پرڏيهه ويهي رهيو! ميڊيا هن جي پيءَ ۽ پڦيءَ سان اختلافن جون خبرون ڏيندي رهي. هي رسندو ۽ پرچندو رهيو. ڪيترن ئي موقعن تي آصف علي زرداري پنهنجي اڪيلي ۽ سڪليڌي پٽ لاءِ سياسي نابالغي واري ڳالهه ڪندي ٻڌو ويو. سو اهڙي اڳواڻ، جنهن جي سياسي ڪيريئر جي ابتدا واسطي ملڪي سطح تي مهم هلائڻ کانپوءِ هڪ ڀرپور عوامي تقريب ۾ اعلان ٿي چڪو هجي ۽ وري ان کي سياسي نابالغ قرار ڏجي، ڇهه، ٻارهن مهينا ان کي ملڪ کان ٻاهر رکجي ۽ وري کيس ملڪي واءُ سواءُ لاءِ وطن موڪلجي ته اُن مان ڪهڙي اُميد ڪري سگهجي ٿي!؟

پنجاب ۾ پي پي ڇڏيندڙ هڪ اڳواڻ ٽاڪ شو ۾ چوي ٿو ته آصف زرداري، امين فهيم کي وزيراعظم بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو. محترمه شهيد ۽ پارٽي جو فيصلو به اهو هو پر بعد ۾ هُن اُن جي ابتڙ ڪيو. هن مون تي دٻاءُ وڌو ته مان امين فهيم کان بيزاري ڏيکاريان. پيپلزپارٽي جو بنياد جاگيرداراڻي ۽ آمراڻي رجحان جي ردعمل ۾ پيو پر پارٽي کي زرداري صاحب هڪ جاگيردار جيان هلائي رهيو آهي. ان ڪري ان ۾ رهڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۽ پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي. پنجاب ۾ پيپلزپارٽي زيرو پوائنٽ تي پهچي چڪي آهي، جتي صرف منظور وٽو نعرن هڻڻ لاءِ وڃي بچيو آهي، اُتي هن ڀيري محترمه جي ورسي به ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ نه ملهائي وئي نه وري پنجاب مان ذڪر جوڳي حد تائين 27 ڊسمبر 2014ع تي ڪا شرڪت ٿئي.

اعتزاز احسن پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ذهين ماڻهوءَ وارو تعارف رکي ٿو، جنهن هر ڏکئي موڙ تي پيپلزپارٽيءَ کي سياسي زلزلن ۽ طوفانن کان بچايو آهي. هن گذريل سال اهو ٺهه پهه چئي ڏنو هو ته زرداري صاحب پنجاب ۾ پي پي جا پير پختا ناهن، اتي اُها زوال جي آخري حد تي پهچي چڪي آهي، بهتر اهو آهي ته پنجاب تي ڀاڙڻ بدران اوهان سنڌ ۾ ئي اڳواڻن جون ورسيون ۽ جنم ڏينهن ملهايو، پنجاب مان ڪا به توقع نه رکو!

جهڙيءَ ريت حڪومتي خزاني، ٻوڏ ۽ برساتن ۾ مليل غريبن واري امداد ۾ شرمناڪ حد تائين گهوٻين وارا پول پڌرا ٿيا آهن. حڪومتي همراهن جي بنگلن ۾ اربين روپيا باهه لڳڻ سبب سڙي رک ٿيڻ واريون خبرون اينديون رهيون آهن، لانچن جي ذريعي اربين روپيا ٻاهر منتقل ٿيڻ ۽ ڇاپن دوران هٿ اچڻ وارا حوال ٻڌڻ کانپوءِ ڌمچر متل ڏسجي ٿو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ پنجاهه جي لڳ ڀڳ، سياستدانن ۽ ڪامورن ڪڙن گرفتاريءَ کان اڳ جون ضمانتون ڪرائي ورتيون آهن. ڪرپشن خلاف اڃا گهربل ڪريڪ ڊائون پوريءَ ريت ڪارڪردگي ڏيکاري ئي ناهي ته وڏو ممڻ مچي ويو آهي. هڪڙا ٻه هفتا جيڪڏهن لاڳيتو اُهو سلسلو جاري رهي ٿو ته ڇا ٿا سمجهو؟ پڪڙيل ماڻهو ڇا ڇا نه ٻڌائيندا؟ ۽ ڪهڙا اعتراف ڪندا!

سنڌ ۾ سرڪار کي ڀل ته ڪو سيڪ نه به اچي پر خلق ۾ اُها جيتري خوار ٿي آهي، ايتري اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. اُها طرز حڪمراني پڪ سان پارٽيءَ لاءِ امڪاني خطرن جا گهنڊ وڄائي رهي آهي. پيپلزپارٽي جي ساک پت جنهن سطح تي انتهائي بري نموني سان خراب ٿي آهي، تنهن مان نه ٿو لڳي ته ايندڙ اليڪشن ۾ اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود به پي پي کي ڪا مناسب موٽ ملي سگهندي. سيپٽمبر ۾ سنڌ اندر بلدياتي چونڊون ٿيڻيون آهن، جنهن لاءِ تياري ڪوئي ڪيتري به ڪري پر کٽڻ لاءِ ڪارڪردگي ۽ ڪارناما ڏسبا! ڀائو وارا هاڻ ئي ڀڄان ڀڄان پيا ڪن. اُهي بلدياتي چونڊن ۾ ڪيتري بهادري سان مخالفن سان مهاڏو اٽڪائيندا؟

سنڌ جو اهو الميو آهي جو پيپلزپارٽي جي متبادل طور تي ڪنهن اهم سياسي جماعت پنهنجي سڃاڻپ نه ڪرائي آهي، جيڪڏهن اڄ به اهڙو ڪو سرگرم ۽ ساکائتو پليٽ فارم ماڻهن کي مهيا ٿي پوي ته هنن کي ڪو ليکي ئي نه! هڪڙو خيال اهو به آهي ته اجتماعي طور تي ڀل ته ڪو پي پي مخالف پليٽ فارم موجود نه آهي پر ڇا انفرادي طور اسان وٽ ان جو توڙ ممڪن نه آهي؟ بلدياتي چونڊون ان حوالي سان تبديليءَ جو اهم موڙ ثابت ٿي سگهن ٿيون. سياسي سماجي طور تي جتي جتي جيڪي به ساک پت رکندڙ ماڻهو موجود آهن، اُهي اُتان پنهنجي وس ۽ وت آهر ابتدا ڪري سگهن ٿا. اُهي ماڻهن ۾ نون خيالن، نعرن ۽ تبديليءَ جي تصور جا ٻج ڇٽي سگهن ٿا. اُهي اوطاقن، هوٽلن ۽ عوامي مرڪزن ۾ ڪچهرين ذريعي بحث مباحثا ڪري ماڻهن کي مدي خارج سياست ۽ سياستدانن کان باغي بڻائي، پنهنجو همدرد بڻائي سگهن ٿا. اُهي فرد جي معاشرتي ڪردار لاءِ جاکوڙي سگهن ٿا. اُهي پهريان پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري، پاڻ کي ٺيڪ ڪري سماج ۾ توازن پيدا ڪرڻ لاءِ پتوڙي سگهن ٿا.

نيوزيلينڊ ۾ ڪو به ماڻهو ڪوڙ نه ٿو ڳالهائي! آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪوڙ جي ثابتيءَ تي جيل جون هوائون کائڻيون پون ٿيون، انهن معاشرن ۾ ٺڳي، دوکيبازي، لالچ، بدعنواني، ملاوٽ ۽ غلط بياني تمام وڏا ڏوهه تصور ٿين ٿا.

اسان وٽ اُهي سڀ شيون فخريه انداز ۾ ٿين ٿيون! اسان مان جنهن کي جيترو موقعو ملي ٿو، اُهو اوترو فائدو وٺي ٿو. ظاهري ڳالهه آهي ته اسان ئي ٺيڪ ناهيون ته ايوانن ۾ ويٺل اسان جا چڱا مڙس ڪهڙا مهانڊا هوندا؟ يورپ، آمريڪا سميت دنيا جي سڀني مهذب معاشرن ۾ ڪاوڙ، بڇان، ساڙ، نفرت ۽ پلاند جو خيال ئي ماڻهن ۾ نه ٿو ڏٺو وڃي، انهن سماجن ۾ ڏاڍيان ڳالهائڻ ڏوهه آهي. وقت جي پابندي، اصول جي حيثيت اٿن، اتي ڪو به خان، پير، وڏيرو ۽ ڀوتار واري تعارف سان نٿو سڃاتو وڃي. صبح ست بجي کان سرڪاري ۽ پرائيويٽ دفترن ۾ ملازم پهچي وڃن ٿا پر اسان وٽ ڇاهي؟

اسان وٽ سرڪاري خزانو، سرڪاري سامان ۽ سرڪاري ادارن کي ذاتي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. ٻاهرين ملڪن ۾ آئوٽ سائيڊر ماڻهو ڪنهن به اداري جي اندر وڃي نه ٿو سگهي! فون نه ٿو ڪري سگهي. اسان وٽ آفيسون، اوطاقون ۽ ڪچهريون قائم آهن، انهن سڀني شين کي جيستائين سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار هيٺ نه آڻبو، تيستائين نه سسٽم ٺيڪ ٿيندو، نه ئي سماج ۾ سڌارا ايندا.

بني اسرائيل ۾ وقت جي بادشاهه جي پٽ هٿان هڪ يهودي نوجوان قتل ٿي ويو، وارثن کي خون بها ڏئي خاموش ڪرايو ويو. اُها خبر جڏهن بادشاهه کي پئي ته هن ٻئي ڏينهن ئي درٻار گهرائي دنيا لاءِ هڪ مثال قائم ڪرڻ واسطي مقتول خاندان کان حال احوال وٺي، پنهنجي پٽ کي پنهنجي تلوار سان قتل ڪري ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته اهو ڪم جلاد به ڪري پئي سگهيو پر متان منهنجي لحاظ ۾ هن جا هٿ ڏڪن ۽ هو آزمائش ۾ اچي وڃي، ان ڪري اهو ڪم مان پاڻ پيو ڪيان.

عمر بن عبدالعزيز جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته ٽن براعظمن جي بادشاهه هئڻ باوجود کيس هڪ مهيني جي اڳواٽ پگهار اُهو چئي نه ڏني وئي ته ڇا هن کي اها پڪ آهي ته هو ايندڙ مهينو جيئرو به هوندو! هو جڏهن مري رهيو هو ته کانئس پڇيو ويو ته تنهنجا ٻارهن پٽ آهن تو هنن لاءِ ڇا ڇڏيو آهي. هن ورندي ڏني هئي ته حرام مون کنيو نه، هلال مون وٽ هيو نه!

اُهي مثال ڪهڙو نياپو ٿا ڏين؟ عمر بن عبدالعزيز جي دور ۾ ماڻهو زڪوات ۽ صدما کڻي ضرورتمند ڳوليندا هئا پر کين ڪو گهرجائو نه ملندو هو. اُها طرز حڪمراني، اُها اخلاقي ۽ ڪردار جي بلندي؛ تاريخ ته اسان کي انيڪ حوالا ۽ مثال مهيا ڪري ٿي پر حقيقت ۾ رڳو حوس آهي، حرص آهي، لالچ آهي، دوکو آهي، بي ايماني آهي، ٺڳي آهي، نفرت آهي، ساڙ آهي، دشمني ۽ ڇا ڇا ناهي! اهو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻ لاءِ اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو، جنهن لاءِ ضروري آهي ته اڳ  پاڻ کي درست ڪيون، پوءِ حڪمرانن، ڪامورن ۽ سياستدانن کي.

جيستائين تعلق آهي، بلاول ڀٽو زرداريءَ جو ته اُهو پارٽي معاملن کي عوامي اُمنگن آڌار هلائي سگهي ٿو يا نه! ته ان جو جواب اهو آهي ته اهو ممڪن آهي پر ان لاءِ جنهن وڏي بهادريءَ جي ضرورت آهي سا تاريخي تبديلين ۽ قرباني جي تمنائو آهي. اها قرباني کيس سنڀاليندڙن کي هضم به ٿيندي يا نه؟ تنهن بابت ته ڪجهه به نٿو چئي سگهجي پر اها ڳالهه پڪ سان ڪري سگهجي ٿي ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري سنڌ سرڪار جون واڳون ڪنهن لائق ماڻهوءَ حوالي ڪري، سنڌ کي هڪ ماڊل حڪومت مهيا ڪري، پي پي جي ڪرپٽ وزيرن ۽ مشيرن کي احتساب هيٺ آڻي ٿو. پيءُ ۽ پڦيءَ جي غلطين جي اعتراف سان گڏوگڏ انهن کي سياسي ۽ انتظامي معاملن کان پري رکڻ جو اعلان ڪري ٿو ۽ عملي طور تي حقيقت ۾ به ائين ڏسجي ٿو ته زبردست تبديليون اچي سگهن ٿيون. بلاول ڀٽو زرداري جيڪڏهن پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان توڙي بلوچستان ۾ پنهنجي پارٽيءَ جا پير پختا ڪرڻ چاهي ٿو ته هن کي اُتي به پنهنجي پارٽيءَ اندر موجود مافيائن کي به پارٽيءَ مان خارج ڪرڻو پوندو. هن کي مقامي اشوز کي نه رڳو سمجهڻو پوندو پر انهن جي سدباب لاءِ هٿ پير هڻڻا پوندا. خاص طور تي نوجوانن ۾ وڏي سطح تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي پر اُهو سڀ انهيءَ صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن هو تباهه ۽ برباد پارٽيءَ کي نئين سر جيارڻ جا جتن ڪندو ۽ پارٽيءَ لاءِ جڳ رسوائي جو ڪارڻ بڻجندڙ ڪردارن کي ڪاٺ ۾ وجهندو، پارٽيءَ جا ذميوار لاڳيتو ٻن حڪومتن دوران ڪٺي ڪيل ملڪيتن کي عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جي پڪ ڏياريندا، تڏهن ئي رٺل ماڻهن جون دليون ٺري ٿڌيون ٿي سگهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *