نوجوانن جون زندگيون کسيندڙ موتمار گيم…..!

بلو وھيل گيم جي اثر سبب دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خودڪشيون ڪندڙ اڪثر نوجوان اڻڄاڻائي يا تجسس سبب ھن موت مار راند جو شڪار ٿيا آھن پر ڪجھھ نوجوان ته ڄاڻ ھوندي به فقط ھن گيم جي اصليت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش سبب به ھن راند جي ڄار ۾ ڦاٿا آھن . اھڙو ئي مثال پشاور جي اسپتال ۾ علاج لاءِ پھچندڙ مردان شھر جي انھيءِ نوجوان جو آھي جيڪو انفرميشن ٽيڪنالاجيءَ جو ماھر آھي ۽ جنھن ھن شيطاني گيم جي حقيقت ڄاڻڻ چاھي پر آءِ ٽي ماھر ھئڻ باوجود ذھني انتشار جو شڪار ٿي ويو ۽ کيس نفسياتي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ھن گيم جو شڪار ٿي اسپتال تائين پھچندڙ نوجوان کي ته خوشقسمتي سمجڻ گھرجي ، جو ھي جڏھن گيم جي چيلنج مطابق پاڻ کي زخم رسائڻ کان پوءِ تڪليف سبب رڙيون ڪن ٿا يا سخت ذھني دٻاءَ سبب والدين جي نظر ۾ اچي وڃن ٿا تڏھن ئي کين اسپتال تائين پھچايو وڃي ٿو جنھن جي ڪري ئي سندن زندگيون بچي وڃن ٿيون، پشاور جي اسپتال ۾ داخل ڪجھھ نوجوان به بلو وھيل پاران مليل چيلنج سبب جڏھن پنھجي ٻانھن تي بليڊ سان بلو وھيل جو اسڪيچ ٺاھن جي ڪوشش ڪئي ته سخت تڪليف سبب گھر وارن کي خبر پئجي وئي جنھن ڪري زندگيون بچي ويو ، چيو وڃي ٿو ته بلو وھيل گيم ھڪ روسي نوجوان 2013 ۾ ايجاد ڪئي ھئي ، جنھن کي سزا طور جيل موڪليو ويو  آھي پر تيسين دير ٿي چڪي ھئي ۽ اھا تخريبي ذھن رکندڙن ڪيترن ماڻھن جي ھٿن ۾ اچي چڪي ھئي ھن گيم سبب خودڪشيءَ جو پھريون واقعو 2015 ۾ رپورٽ ٿيو ھو ھن موت مار راند بابت حاصل ڪيل ڄاڻ مطابق گيم شروع ڪرڻ سان ئي کيڏندڙ گيم جي ايڊمنسٽريٽر سان رابطي ۾ اچي وُڃي ٿو . ايڊمنسٽريٽر پاران اڳ ۾ گيم کيڏندڙ کان سندس ذاتي/نجي معلومات حاصل ڪئي وڃي ٿي ۽ گھر ۾ ڀاتين جو تصويرون به ورتيون وڃن ٿيون جنھن کان پوءِ گيم کيڏندڙ کي پنجاھھ ڏينھن تائين مختلف ٽاسڪ  ڏنا وڃن ٿا ، شروع ۾ ملندڙ  ڪنھن حد تائين آسان ۽ معمولي نوعيت جا آھن جھڙوڪ ايڊمن پاران موڪيل موسيقي ٻڌڻ يا ڪجھه ڀوائتيون ويڊيو ڪلپس ڏسڻ پر پوءِ آھستي آھستي انتھائي سخت ۽ ذھني توڙي جسماني طور تي اذيتون پھچائيندڙ حڪم ملڻ شروع ٿي وڃن ٿا حڪم نه مڃڻ جي صورت ۾ ايڊمنسٽريٽر پاران گيم کيڏندڙ کي سندس حاصل ڪيل ذاتي زندگي معلومات آڌار بليڪ ميل ڪري مجبور ڪيو وڃي ٿو ته ھو نه صرف پاڻ کي اذيتون ڏي به اھي مختلف ٽاسڪ ھر صورت ۾ پورا ڪري پر ثبوت طور انھن جو تصويرون به موڪلي انھن منجھان ڪجهه حڪم ھي ھجن ٿا : روز صبح جو 4:20 وڳي ننڍ مان اٿو ۽ ايڊمن پاران موڪليل خوفناڪ فلمون  اڪيلائي ۾ ڏسو ، پنھنجي ھٿ جي رڳ کي ٽي چڪ ڏيو ، پر اھي ھلڪا ھجن ، پنھنجي ٻانھن تي بليڊ يا ڪنھن ٻي تيز ڌار واري اوزار سان وھيل جو اسڪيچ ٺاھيو ، اڌ رات جو اٿي قبرستان وڃو ، صبح سوير ريلوي ٽريڪ تي وڃي گھمو ، ڇت تي وڃي ٽنگون لڙڪائي ويھو ۽ پوءِ آخر ۾ راند کيڏندڙ کي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته ھو ڇت تان ٽپو ڏئي ڇڏي يا ڪنھن به طريقي سان خودڪشي ڪري ڇڏي ڪو حڪم نه مڃڻ جي صورت ۾ راند کيڏندڙ کي سندس پيءُ ، ماءُ توڙي ٻين گھر ڀاتين لاءَ موتمار ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون انھيءَ وقت تائين لڳاتار پنجاھ ڏينھن راند کيڏندڙ ايترن ذھني ۽ جسماني عذابن مجھان گذري چڪو ھوندو آھي مٿان وري کيس پيءُ ماءُ ۽ ٻين پيارن جي قتل جون ڌمڪيون ملنديون آھن ته سواءِ خودڪشيءِ جي ھن کي نجات جو ٻيو ڪو به رستو سمجھه ۾ ناھي ايندو نتيجي طور ھو ڪنھن بلڊنگ جي ڇت تان ٽپو ڏئي ، سامھون ايندڙ ريل کي ڏسي پٽڙين تي ويھي ياڪنھن به طريقي سان خودڪشي ڪري ڇڏيندو آھي، هتي والدين کي گذارش رکنداسين ته پنھنجن ٻارن جي ذھني ڪيفيتن ۽ مونجھارن تي به نظر رکو متان ڪو ٻار يا نوجوان خودڪشيءَ لاءِ مجبور ڪندڙ اھا خطرناڪ راند کيڏندو ھجي..!

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *