پاڪستان ۽ سري لنڪا ڪرڪيٽ ٽيمن جي و چ ٻي ۽ آخري ميچ 6 آڪٽوبر کان دبئي انٽرنيشل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي

دبئي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ۽ سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ٻن ٽِسٽ سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ  6 آڪٽوبر کان دبئي انٽرنيشل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي، سري لنڪا کي پاڪستان جي خلاف ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0.1 جي برتري حاصل آهي، سري لنڪا  پاڪستان کي پهرين ميچ ۾ 21 رنسن تان شڪست  ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 13 آڪٽوبر تي دبئي ۾ کيڏي ويندي ۽ ٻين ميچ 16 آڪٽوبر تي ابو  ظهبي ۾ کيڏي ويندي ٽين ميچ 18 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ،  چوٿين ميچ 20 آڪٽوبر تي شارجه ۾ کيڏي ويندي جڏهن 5 آ خري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 23 آڪٽوبر تي شآرجه ۾ کيڏي ويندي ان کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾  3 ٽي ٽويئٽي سيريز جي پهرين ميچ 26 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾  کيڏي ويندي ، ٻين ميچ 27 آڪٽوبر تي ابو ظهبي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ٽين ۽ آخري ٽي ٽوينٽي ميچ 29 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *