ڇا جمهوريت يرغمال آهي؟: صاحب خان ڀٽي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف لاءِ 1998ع وارو دور واپس اچي رهيو آهي، بس فرق ايترو آهي جو ان دور ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو پر هاڻ کيس پاناما ليڪس جي ڪري نااهل قرار ڏئي ويو آهي، نواز ليگ اڳواڻ به پاناماليڪس واري فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته نواز ليگ عدالتن جو احترام ڪندي آهي ۽ هميشه ڪندي رهندي، نواز ليگ اڳواڻ چئي رهيا آهن ته فيصلي تي ڳالهائڻ انهن جو حق آهي، خواجا سعد رفيق چئي رهيو آهي ته هنن کي سپريم ڪورٽ مان انصاف ملندي نظر نه آيو هو ۽ احتساب عدالت مان کين انصاف ملندي نظر نه پيو اچي،

جڏهن اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو هو ته ان وقت به عدالت ٻاهران ڇڪتاڻ واري صورتحال نظر آئي، ايتري قدر جو وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کي به احتساب عدالت ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي، جنهن تي هو ڪاوڙجي پيو هو ۽ وفاقي گهرو وزير احتساب عدالت ۾ رينجرز ۽ ايف سي اهلڪارن جي سڪيورٽي واري معاملي جو نوٽيس ورتو  هو، جنهن بابت اهو چيو ته اسلام آباد پوليس رينجرز کي خط لکيو هو، جنهن سبب سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. بهرحال جڏهن وفاقي گهرو وزير احسن اقبال احتساب عدالت پهتو ته ۽ هن جڏهن اهلڪارن جو رويو ڏٺو ته هن  ڪاوڙ ۾ چيو هو ته رياست اندر رياست قائم نه ٿيڻ ڏني ويندي، ايتري قدر جو احسن اقبال استعيفيٰ جا ڌمڪي به ڏني هئي ۽ چيو هو ته  کيس ڪو به اختيار نه ڏنو ويو آهي.

ان جي رد عمل پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ چيو هو ته هاڻ دنيا کي خبر پئجي وئي ته گهرو وزير کي ڪي به اختيار نه ڏنا ويا آهن، راڻا ثناءُ الله ته اهو به چيو ته اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار کي به اختيار نه ڏنا ويا هئا، جڏهن اهو بيان راڻا ثناءُ جو ميڊيا تي آيو ته نوازشريف جو سڀ کان وڌيڪ پياري دوست اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جو ترجمان به جاڳي پيو هو، چوڌري نثار جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته احسن اقبا جو معاملو الڳ آهي، جنهن  کي چوڌري نثار سان نه جوڙيو وڃي، ڇاڪاڻ ته چوڌري نثار هڪ بااختيار گهرو وزير هو، اهڙي بيان کان پوءِ واضع ٿي ويو آهي ته نوازشريف ۽ چوڌري نثار ۾ ڪيتري حد تائين اختلاف موجود آهن.

بهرحال نيب ريفرنس ۾ جڏهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو ته مٿس فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو هو بس سندس پٽن ۽ ناٺي جي غير حاضريءَ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا، جڏهن ته سندس ڌيءُ مريم نواز جا ضمانت ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا ويا، جنهن تي نواز ليگ اڳواڻن پاران رد عمل به ظاهر ڪيو ويو هو. قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته عام ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته رياست اندر رياست ڇا ٿيندي آهي، احتساب عدالت يرغمال بڻيل آهي

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازليگ اڳواڻن هن وقت تائين اهو واضح طور نه ٻڌايو آهي ته آخر اهي ڪهڙا هٿ آهن جن جمهوريت کي يرغمال بڻايو آهي. هونئن ته هن رياست اندر ڪيترائي ڀيرا جمهوريت جا جنازا نڪري چڪا آهن، ڪڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت جو جنازو ڪڍيو ويو ته ڪڏهن نوازشريف جو حڪومتي تختو اونڌو  ڪيو ويو،   پر  سچي صورتحال جو نقصان  سياستدانن کي گهٽ ۽ عوام کي تمام گهڻو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته جمهوري حڪومت هجي يا آمريت هر دور ۾  هن ملڪ جي خوشحالي لاءِ قرض کنيا ويا آهن ۽ اهي قرض ڪڏهن به واپس نه ڪيا ويا آهن جنهن سبب هي ملڪ قرضن ۾وڪوڙجي ويو آهي ۽ ان قرض کي لاهڻ لاءِ عوام مٿان ٽيڪسن جو بار وڌو ويو آهي، سڄي دنيا ۾ پيٽرول سستو آهي پر هن ملڪ ۾ ٻيڻ تي پيٽرول وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب عوام خوشحال ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪجي رهيو آهي ۽ غريب ماڻهو غريب ٿيندو پيو وڃي.قرض ڪنهن به کنيو هجي پر ڀوڳڻو عوام کي پيو آهي،

جيڪڏهن ايڏا قرض نه کنيا  ويا وڃن ها ته اڄ ملڪ اندر خوشحالي هجي ها ۽ نه مذهبي دهشتگرد ايڏو سرگرم ٿي وڃن ها، ان سڄي صورتحال جو ذميوار ٻيو ڪو به هن ملڪ کي هلائيندڙ طاقتور ڌريون ئي آهن، ڇاڪاڻ ته طاقتور ڌرين هن ملڪ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي.  جيڪڏهن ڳڻپ کاتو آدمشماري درست نموني ڪري ها ته لکين ڪروڙين مهاجر هتي ترسيل ڏيکاريا وڃن ها پر افسوس جيئن ته هن ملڪ کي هلائينڊر  ڪامورا ئي مهاجرن جي آبادڪاري ۾ ملوث رهيا آهن، جيڪي پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ مهاجرن کي هن ملڪ پناهه ڏئي رهيا آهن، جن کي ڪيمپن ۾ ترسائڻ گهرجي ها انهن کي جنگلي جانورن جيان شهرن ۾ ڇڏي ڏنو ويو، جنهن سبب هن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي پکڙجي وئي ۽ مهاجرن جي آڙ ۾ لکين دهشتگرد هن ملڪ اندر داخل ٿي ويا جيڪي مختلف وقتن تي حملا به ڪندا رهندا آهن، اڳوڻي آمر مشرف جي دور ۾ جيڪي مهاجر هن ملڪ اندر  آباد ڪيا ويا، ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي.

بهرحال هن وقت نواز ليگ جي بحران بابت ڳالهه ٿي رهي آهي، جيئن ته نوازشريف جي ڪٽنب خلاف گرفتاري جا وارنٽ  جاري ٿي چڪا آهن، جن کي ڪڏهن به حراست ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا امڪان به وڌي ويا آهن. نوازليگ ليگ به نااهل واري شق کي پنهنجي پارٽي آئين مان ختم ڪري ڇڏيو آهي.   ايتري قدر جو قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن بابت بل 2017ع منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪجهه پارٽين پاران ترميمن کي رد ڪيو ويو آهي، جڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. تڏهن قانون واري وزير زاهد حامد چونڊ سڌارن بابت بل 2017ع پيش ڪيو، جنهن جي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين ميمبرن مخالفت ڪئي هئي، ايتري قدر جو اسپيڪر طرفان شاهه محمود قريشي کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي مخالف ڌر طرفان نعريبازي ڪئي وئي هئي ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون هيون.

جيڪڏهن چونڊ سڌارن واري بل تي صدر ممنون حسين صحيح ڪري ٿو وٺي ته پوءِ نوازشريف ٻيهر نواز ليگ پارٽي و صدر به بڻجي سگهي ٿو.  تحريڪ انصاف جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بل 203 تي نظرثاني ڪئي وڃي، نواز شريف آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي. شاهه محمود قريشي ته اهو به چيو هو ته چونڊ سڌارن بابت بل جي تياري ۾ تحريڪ انصاف به محنت ڪئي، پر اڄ بل ۾ ڪلاز 203 شامل ڪري قانون سازي ڪئي پئي وڃي، جيڪا آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي. بهرحال هاڻ  نوازشريف لاءِ  سياست ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي وئي آهي، هر طرف سندس خلاف آواز اٿي رهيو آهي، پيپلزپارٽي به نواز ليگ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي،صرف ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، جي يو آءِ (ف) پاران سندس ساٿ ڏنو پيو وڃي، جيڪو ناڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جي حالتن ۽ ماضي جي حالتن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. جڏهن لاهور جي تڪ اين اي 120تي  چونڊ ٿي هئي ته پهريون ڀيرو پنجاب جي سڀ کان وڏي جماعت نواز ليگ دانهون ڪيون هيون ته سندن  پارٽي ورڪرن کي کنڀيو ويو آهي،

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته نوازشريف  جڏهن وزيراعظم هو، ان وقت سنڌ توڙي ٻين علائقن ۾ ماڻهن  کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيا ويا هئا، ايتري قدر جو سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو گم ٿيل  ماڻهن جي ڳولا لاءِ نڪتا اهي پاڻ گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويا، جيئن ته هت ڪير ٻڌڻ وارو نه آهي ۽ نه ڪو غريبن، لاچارن ۽ بي پهچ ماڻهن جي دردن جو درمان ڪرڻ وارو آهي، اهڙي ريت  اڄ نوازشريف جو به اهو ساڳيو ئي حشر ٿي رهيو آهي ۽ سندس ڪو به ساٿ نه ڏئي رهيو آهي، صرف لنڊن  مان هڪ شخص سندس حمايت ۾ بيان ڏئي رهيو آهي ۽ ساڻس همدردي جو اظهار ڪري رهيو آهي، جنهن جي همدردي سان نوازليگ کي ويتر تمام گهڻو نقصان ٿيندو ۽ان شخص   پاران نوازليگ جي حمايت  ۾ ڳالهائڻ سان نواز ليگ جي لاءِ تمام گهڻو نقصان پهچندو ڇاڪاڻ ته ان لنڊن واري شخص کي مختلف  ٽي وي چينل تي وٺل اينڪر پرسن  پاران غدار چيو  پيو وڃي، بهرحال هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته نوازشريف جي لاءِ نرمي اختيار ڪئي ويندي يا وري نوازشريف جي لاءِ سياست جي لاءِ هميشه دروازا  بند ٿي ويندا.

sahibalisindh@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *