لشڪر جهنگوي سربراهه ملڪ اسحاق 2 پٽن سميت پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

 

پابندي پيل تنظيم لشڪر جهنگوي جو سربراهه ملڪ اسحاق 2 پٽن ۽ 13 ساٿين سوڌو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، 6 اهلڪار زخمي، پوليس عملدارن موجب مظفر ڳڙهه جي علائقي شاهه والا ويجهو پوليس ۽ پابندي پيل تنظيم جي هٿياربند دهشتگردن وچ ۾ ان وقت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن پوليس ملڪ اسحاق کي 6 ڏينهن اڳ 16 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو هو. سندس 2 پٽن ۽ ٻين 3 ساٿين سان گڏ هٿيارن جي نشاندهي ڪرائڻ لاءِ کين مظفر ڳڙهه آندو پئي ويو ته پوليس وين شاهه والا ويجهو پهتي ته اتي موٽر سائيڪل سوارن پوليس قافلي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي نه روڪڻ تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. هٿياربند دهشتگردن جي فائرنگ سبب پوليس حراست ۾ موجود 6 ڏوهاري جن ۾لشڪر جهنگوي جو سربراهه ملڪ اسحاق سندس 2 پٽ عثمان ۽ حق نواز، سندس ساٿي غلام حسين شاهه، ادريس شاهه ۽ غلام رسول مارجي ويا، پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 10 حملي آور به مارجي ويا، مارجي ويندڙن ۾ 2 جو تعلق مظفر ڳڙهه جي علائقي علي پور سان هو. دهشتگردي ٽوڙ کاتي جو چوڻ آهي ته پوليس جي حراست ۾ 6 دهشتگردن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ٻين 10 ماڻهن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا ۽ ٻين ادارن کان مدد ورتي پئي وڃي. عملدارن جو چوڻ هو ته مارجي ويندڙ انهن 10 ماڻهن جو تعلق پابندي پيل تحريڪ طالبان ۽ القائده سان هو پوليس مقابلي کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حملي آور جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوفون، 12 پستول، 4 هينڊ گرنيڊ، آپگهاتي جيڪٽون ، بارود سان ڀريل 3 واٽر ڪولر ۽ 400 گوليون به هٿ ڪري ورتيون آهن. سي ٽي ڊي جي ترجمان ٻڌايو ته سمورن ماڻهن جو تعلق پابندي پيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان هو انهن کي هٿيار برآمد ڪرائڻ لاءِ مظفر ڳڙهه نيو پئي ويو انهن جو چوڻ هو ته پوليس مظفرڳڙهه کان نشاندهي کان پوءِ اسلحو هٿ ڪري واپس اچي رهي هئي ته 12 کان 15 هٿياربند موٽر سائيڪلن تي آيا ۽ ملڪ اسحاق ۽ انهن جي پٽن کي موٽر سائيڪل تي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب به ٿي ويا مقابلي جي حوالي سان هن ٻڌايو ته انهن جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ ڪائونٽر ٽريرزم پوليس کي مقامي ايس ايڇ او کي ڄاڻ ڪئي وئي جيڪو ان وقت انهي علائقي ۾ گشت ڪري رهيو هو سي ٽي ترجمان موجب ايس ايڇ او ڀڄي ويندڙ ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ان دوران مقابلو ٿيو جنهن سبب 6 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واضح رهي ته لشڪر جهنگوي جي سربراهه ملڪ اسحاق کي 6 ڏينهن اڳ 16 ايم پي اي تحت گرفتار ڪيو ويو ملڪ اسحاق تي پنجاب ۾ 70 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا. انهن سمورن الزامن ۾ هو عدالتن مان آزاد ٿي چڪو هو. ملڪ اسحاق گذريل 23 سالن کان پوليس جي حراست ۾ مختلف جيلن ۾ قيد رهيو انهن 23 سالن دوران 6 مهينا کيس آزادي به ملي، لشڪر جهنگوي کي پاڪستان جي فرقيواراڻا طور سڀ کان وڌيڪ تشدد ڪندڙ تنظيمن ۾ ڳڻپ ڪئي ويندي هئي. 1990ع ۾ ٻين فرقي جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا الزام هئا.  لشڪر جهنگوي جو تعلق عالمي شدت تنظيم القائده سان هو، هو ملڪ اسحاق کي مبينا طور تي سريلنڪا جي ٽيم تي ٿيندڙ حملي جو ماسٽر مائينڊ مڃيو ويندو هو 2009ع ۾ سريلنڪا ٽيم تي ٿيندڙ حملي ۾ 9 رانديگر زخمي ٿيا هئا جڏهن ته ان ۾ 8 پاڪستاني شهري به مارجي ويا. ان حملي کان پوءِ پاڪستان 2011ع ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان به محروم ٿي ويو. لشڪر جهنگوي جي سربراهه کي 1997ع ۾  فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو. ملڪ اسحاق 14 سال جيل ۾ رهيو سندس تعلق ساهيوال سان هو اسامه بن لادن ۽ ايمن الظواهري جو ويجهو ساٿي هو. هزارا برادري تي حملي جو الزام به ملڪ اسحاق تي هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *