هاڪر کان صدر تائين ”ابوالڪلام“؛مير اعظم علي ٽالپر

دنيا جي ملڪن ۾ حڪمراني ڪرڻ لاءِ صدر يا وزيراعظم ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڪنهن به سياسي پارٽي جي ’منڊلي‘ مان سياست جي سکيا وٺي پوءِ ان عهدي تي پهچبو آهي، پر بنا سياسي رنگ ۽ ڍنگ جي اهڙو عهدو حاصل ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي. اهڙن ماڻهن ۾ 15 آگسٽ 1931ع تي ’شيو رام‘ تامل نادر ۾ هڪ ڪکائين جهوپڙي ۽ غريب والدين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ اي پي جي ڪلام سرفهرست آهي. هن کي اسڪولي زماني کان علم پرائڻ جو شوق هو، پر گذر سفر ۽ پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ روزانو اخبارون کپائڻ خاطر بطور هاڪر هوڪا ڏئي اخبارون وڪڻندو هو ۽ اهو زمانو 1955ع جو هو، ان بعد هن مدراس ايرو ناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ داخلا ورتي ۽ 1963ع ۾ هي هندستان جي سائنسي اداري ’ايسرو‘ سان وابسته ٿي ويو، جنهن کانپوءِ 1969ع ۾ ان جو هيڊ مقرر ٿيو، ڪلام کي 1992ع ۾ وزيراعظم جو سائنسي صلاحڪار (مشير) مقرر ڪيو ويو هو. هندستان پهريون ائٽمي ڌماڪو مئي 1974ع ۾ وزيراعظم اندرا گانڌي جي حڪومت ۾ سنڌ سان لڳل صوبي راجسٿان جي ضلعي جيسلمير جي علائقي ’پوکرن‘ (ٿر) ۾ ڪيو هو. جيسلمير ضلعو سنڌ جي سکر، خيرپور ۽ سانگهڙ سان مليل آهي. جيسلمير جي ’جُتي‘ (چمپل) مشهور آهي، جيئن حيدرآباد ۾ مرزا جي چمپل مشهور آهي. هت ياد رهي ته 1974ع ۾ هندستان جي ان ڌماڪي کانپوءِ سنڌ ۾ جون کان سيپٽمبر تائين مون سون جي هڪ به بارش نه پئي هئي، سڄو سال موتمار گرمي هئي، جيئن تازو سنڌ ۽ ڪراچي ۾ گرمي سبب ماڻهن جي موت جو ذميوار راجسٿان ۾ (هندستان جا) ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر ۽ ان مان خارج ٿيندڙ گرمي قرار ڏني وڃي ٿي. ان کانپوءِ ٻيو ائٽمي ڌماڪو اي پي جي ڪلام جي سربراهي ۾ هندستان طرفان ڪيو ويو، جنهن سان ائٽمي هٿيار ٺاهڻ جو بنياد پيو. ان بعد ڪلام پرٿوي ميزائل ايجاد ڪيو، جنهن ڪري ڪلام کي هندستان ۾ ’ميزائل مين‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ هن کي ڀارت جو سڀ کان وڏو سول اعزاز ڀارت رتن 1997ع ۾ ڏنو ويو. هن وٽ ڊاڪٽري جي ڊگري کانسواءِ پروفيسر جهڙيون کوڙ ساريون ڊگريون هيون ۽ سندس خيال هو ته ذميوار، ايماندار ۽ محنت واري جي الله به مدد ڪري ٿو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ (انڊيا 2020) مشهور آهي. هي هڪ ٽيڪنڪي شخص 2002ع کان 2007ع تائين متفقه طور تي هندستان جو يارهون صدر رهيو، پر ٻئي دفعي لاءِ ڪانگريس ۽ بي جي پي ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب هو صدر نه ٿي سگهيو. جڏهن اين ڊي اي جي حڪومت 2002ع ۾ هئي ته هندستان جو وزراعظم اٽل بهاري واجپائي ۽ صدر هندستان اي پي جي ڪلام ٻئي ڪنوارا هئا ۽ ٻئي ’ڇڙا‘ مشهور هئا ۽ هندستان ۾ ڪرپشن ۽ سندن هٿان ڪابه ڦرڦار نه هئي، بقول ٻنهي ڄڻن ته اسان جو پٺيان گهر ۾ ڪير آهي؟ نه زال (پتني) نه ٻار جيڪو ڪجهه آهي، سو ديش (ملڪ) ۽ جنتا (قوم) لاءِ آهي ۽ ان وقت سنڌ ڄائو سنڌي ليڊر ايل ڪي آڏواڻي وزير داخلا هو. بهرحال ڪلام جي صدر ٿيڻ سان صدر جو عهدو ئي عوامي بڻجي ويو هو. سنڌ جو ناليوارو ليکڪ ۽ شخص ڪامريڊ مير محمد ٽالپر ڪلام کان گهڻو متاثر هو ۽ چوندو هو ته بظاهر ڪلام مٿي تي بگڙيل وار ۽ ’واچڙ‘ قسم وارو شخص عظيم شخص آهي، هن جو تعلق هندستان ۾ غير هندي ڀاشي (زبان) ۽ اردو بدران تامل زبان سان آهي. سندس اصل نالو ابوالفاقر زين العابدين هو.

ڪلام صدر ٿيڻ وقت پاڻ سان هڪڙي ڪپڙن جي بيگ کڻي آيو هو ۽ اها ئي واپس تامل ناڊو (ڳوٺ) کڻي ويو هو. هن کي ڪلاسيڪي موسيقي سان وڏو شوق هو ۽ مشهور شاعر گلزار به هن تي شاعري ڪئي آهي. هن جي سادگي ۾ اهو به هو ته سپنا (خواب) ننڊ بدران جاڳندي ڏسو ته بهتر آهي. ڪلام وصيت ڪئي هئي ته ”منهنجي مرڻ پٺيان بطور سابق صدر هند ڪنهن به طرح سان عام موڪل جو اعلان ڪري گهرن ۾ ويهڻ بدران ڪم ڪيو وڃي، منهنجي موت کي موڪل ۾ تبديل نه ڪيو وڃي.“ بقول ڪلام ته ترقي لاءِ طاقت ضروري آهي ۽ طاقت لاءِ ڪم ڪرڻ لازمي آهي. هن کي علم ۽ تعليم سان ايتري محبت هئي، جو سندس موت به 83 سالن ۾ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران پٽ تي ڪرڻ سان ٿيو. جيتوڻيڪ ڪلام کي آءِ آءِ ايم اسپتال پهچايو ويو، پر هن آخري ساهه پوڻي اٺين وڳي 27 آگسٽ سومر ڏينهن کنيو. هن جوهري سائنسدان تي وڏن ۽ ننڍن فنڪارن ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جن ۾ لتا، شاهه رخ خان ۽ اي آر رحمان شامل آهن ۽ هندستاني اخبارن ڪلام جي خبر هن طرح شايع ڪئي آهي ته ”دنيا ۾ عوام جو ڪلام نه رهيو، موت تي موڪل نه ڪجو، گريٽ سلوٽ ٽو ڪلام“ سنڌي سياستدان ايل ڪي آڏواڻي سميت سڀني پارٽين ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ هندستاني ڪابينا اڱاري ڏينهن 10 وڳي دهلي ۾ هڪ هنگامي اجلاس گهرائي مرحوم ڪلام کي بطور سابق صدر، پرٿوي ميزائل جو ابو ۽ جوهري سائنسدان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بهرحال آسام جي شلونگ کان سندس مڙهه گوهاٽي ۽ پوءِ دهلي آندو ويو آهي ۽ هاڻي ست ڏينهن سوڳ ملهايو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *