اولمپڪ گيمز 2015ع ۾ تيراڪ عاصم راز پاڪستان جي لاءِ پهريون سونو ٻلو کٽي ورتو

لاس اينجلس (اسپورٽ نيوز) آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ هلندڙ اسپيشل اولمپڪ گيمز 2015ع ۾ تيراڪ عاصم راز پاڪستان جي لاءِ پهريون سونو ٻلو کٽي ورتو. لاس اينجلس ۾ اسپيشل اولمپڪ ايٿيليٽس گيمز جي رنگين افتتاحي تقريب ۾ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي گھر واري مشعل اوباما پڻ خاص شرڪت ڪري ايويٽ کي چار چنڊ لڳايا. عاصم 100 ميٽر فري اسٽائل ڊويزن جي ايم 14 اڪويٽڪس مقابلي ۾ پهرين پوزيشن ماڻي. هي پهريون موقعو نه آهي جو عاصم عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو هجي، پر ان کان اڳ به 27 سالا اسٽار ايٿيليٽ 2007ع ۾ چين ۾ رٿيل اسپيشل اولمپڪ ۾ 400 ميٽر ريس ۾ لانگ جمپ ۾ ٻه سلور ميڊل کٽي چڪو آهي. ٽن سالن جي عمر ۾ آٽزم جھڙي بيماريءَ جو شڪار عاصم 20 سال اڳ اسپيشل اولمپڪ پاڪستان جو حصو بڻيو. سندس والده تهمينه عظيم ان کان اڳ ڊان نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته عاصم پنهنجو پير پاڻيءَ ۾ وجھڻ کان ڊڄندو هو پر پوءِ ٿوري گھڻي ٽريننگ کان پوءِ هو عام ايٿيليٽن سان مقابلو ڪرڻ لڳو. تهمينه موجب عاصم جي اولمپڪ مقابلن ۾ شرڪت کان پوءِ سندس شخصيت ۾ ڊرامائي بدلاءُ آيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *