سنڌ ۾ رينجرز ڇڪتاڻ ڇاجي؟عاجز جمالي

پاڪستان جهڙي جمهوريت ۾ اهو ممڪن آهي ته ڪنهن به صوبي جو وڏو وزير ملڪ جي هڪ فوجي اداري سان ٽڪر کائي سگهي؟ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، جي ائين هجي ته شايد اهو وڏو وزير هفتو به نه هلي سگهي. سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ رينجرز جي اختيارن ۽ مدي ۾ واڌ نه ڪرڻ وارو فيصلو ته گهڙي جي ڪانٽن کي هڪ چڪر پورو ڏيڻ کان اڳ ئي واپس ٿي ويو. رينجرز جا اختيار ۽ مدو رات جو 12 وڳي ختم ٿي رهيو هو ۽ مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن ٻارنهن ٿيڻ کان اڳ جاري ٿي چڪو هو. ان نوٽيفڪيشن کان اڳ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جا رابطا، سندس پريس ڪانفرنس، سنڌ جي وڏي وزير جي بلاول سان ملاقات، گورنر سنڌ سان رينجرز جي ميجر جنرل بلال جي ملاقات، قائم علي شاهه جا آصف زرداري سان رابطا. سڀ هڪ ئي عمل جو حصو هئا. نتيجو رينجرز جو ڪم جيئن جو تيئن، نوٽيفڪيشن جاري. رينجرز سنڌ ۾ اڄڪلهه کان ناهي ۽ نه رينجرز جي سنڌ ۾ رهڻ نه رهڻ جي ڪهاڻي ڪا نئين آهي. 1992ع ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن کانپوءِ جڏهن عام چونڊون ٿيون، 1993ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي اڪثريت ملي، محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻجي وئي پر ڪراچي ۾ آپريشن کي جاري رکيو ويو. هڪ چونڊيل سرڪار ۾ فوجي آپريشن بدران ڪراچي ۾ سنڌ سرڪار جي درخواست تي رينجرز کي گهرايو ويو، جيڪا گذريل 21 سالن کان نه رڳو ڪراچي ۾ پر پوري سنڌ ۾ موجود آهي. ڪراچي ۾ آپريشن دوران جنرل عبدالقادر بلوچ کي محترمه بينظير ڀٽو جي فرمائش تي ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ مقرر ڪيو ويو هو. ان زماني ۾ ڪراچي پوليس ۾ به دبنگ آفيسر هئا. دهشتگردن خلاف آپريشن ته جاري رهيو پر محترمه جي ان سڄي سرڪار جي دوران ڪراچي ۾ بدامني به عروج تي رهي. رينجرز جي موجودگي باوجود ڪراچي ۾ امن ڪونه هو.

رينجرز تڏهن کان وٺي اڄ تائين ڪراچي ۾ رهي، جمهوري حڪومت هجي يا جنرل مشرف جي ون وي سرڪار پر رينجرز ڪراچي ۾ هڪ مستقل فورس جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. رينجرز کي ڪراچي ۾ رهائشي ڪالونيون ملي ويون، سندن هيڊڪوارٽر ٺهي ويو، وٽس لاڪپ جا اختيار به اچي ويا. رينجرز جو ڪراچي ۾ پاڻي جي هائيڊرينٽس تي ڪنٽرول رهيو. هائيڊرينٽس جو ڪراچي ۾ مطلب ئي ڪاروبار آهي. روزانو لکين واٽر ٽينڪرز ڀرجن ٿا، يعني شهر ۾ روزانو پاڻي به ڪروڙين روپين جو وڪامي ٿو. اهڙي ريت رينجرز جو ڪيترن ئي مامرن ۾ ملوث هجڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون، جنهن ۾ چوري جي ايراني ڊيزل ۽ پيٽرول به شامل آهي. اڄ جيڪا ايم ڪيو ايم، رينجرز جي مخالفت ڪري پئي اها پاڻ رينجرز جو سنڌ  ۾ مدو وڌائيندي رهي آهي، بلڪه مطالبو ڪندي رهي آهي. ائين ئي پيپلزپارٽي به ڪڏهن رينجرز کي سنڌ مان واپس موڪلڻ ۾ ڪا سنجيدگي ڪانه ڏيکاري، ان ڪري هاڻي ائين پيو لڳي ته جهڙوڪر سنڌ مان رينجرز ڪڏهن به واپس ڪانه ويندي! ڇو ته رينجرز به هاڻي سنڌ تي پنهنجو حق ٿي سمجهي، جيئن باقي ماڻهو ٻين صوبن کان اچي سنڌ ۾ روزگار، ڪاروبار ۽ ڪرپشن کي پنهنجو حق ٿا سمجهن تيئن ئي رينجرز به سمجهي ٿي.

سنڌ سرڪار جو تازو موقف آهي ته رينجرز کي مليل اختيارن ۾ اها ڳالهه شامل ناهي ته هو سرڪاري آفيسن ۾ ڇاپا هڻي يا سرڪاري آفيسرن کي گرفتار ڪري، وٽس رڳو ٽارگيٽ ڪلنگز ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ جا اختيار آهن، ملزمن کي گرفتار ڪري 90 ڏهاڙن تائين جاچ هيٺ رکڻ جا اختيار آهن. ان حد تائين ته سنڌ سرڪار جو موقف درست آهي پر رينجرز وٽ وري زبردست جواب آهي، جيڪو غلط به ناهي.

رينجرز چوي ٿي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ دهشتگردن کي ٿيندڙ فنڊنگ يا مالي مدد کي روڪڻ لازمي آهي. سرڪاري ادارن مان جن ماڻهن کي پڪڙيو ويو آهي، اهي ڪرپشن ذريعي جيڪو پئسو ڪمائين ٿا اهو پئسو دهشتگردي جي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، ان ڪري دهشتگردن جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ اُنهن جي حامي ڪامورن کي گرفتار ڪرڻ لازمي آهي. رينجرز اهڙو موقف ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاسن ۾ رکي چڪي آهي، جنهن جي اتي ڪنهن به مخالفت نه ڪئي هئي، پر سنڌ سرڪار سمجهي ٿي ته اها صوبائي مامرن ۾ مداخلت آهي. ها رينجرز جي موجودگي خود مداخلت آهي، ڇو جو صوبي جي پاليسين ۾ دم ناهي. سنڌ وٽ پنهنجي پيرا ملٽري فورس يا بارڊر فورس ئي ناهي. مان ڪٿي پڙهيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سنڌ ۾ سنڌ بارڊرز فورس هوندي هئي، جيڪا سنڌ سرڪار جي ماتحت هوندي هئي. مون اها ڳالهه گذريل مضمون ۾ به لکي هئي ته گذريل ويهن سالن ۾ سنڌ، رينجرز تي کربين روپيا خرچ ڪري چڪي آهي، ان کان گهٽ رقم ۾ سنڌ وٽ پنهنجي پيرا ملٽري فورس، بارڊر فورس يا سنڌ لا اينڊ آرڊر فورس به ٺهي وڃي ها پر سنڌ ڪڏهن به اهڙي فورس جي قيام جي ڪوشش نه ڪئي.

هاڻي ڇا ٿيندو؟ سنڌ سرڪار چوي ٿي ته سنڌ اسيمبلي کان قانون منظور ڪرائبو. ڇا اهو قانون اهڙو هوندو جو رينجرز واپس ويندي؟ بلڪل به نه، ان قانون ۾ رينجرز کي ٿورو محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جيئن اها سنڌ سرڪار جي مرضي سان هلي، هروڀرو کيس تنگ نه ڪري، حدون نه اورانگهي پر اصل ۾ رينجرز ۽ ايف آءِ اي کي مليل اختيار ان پي پي او جو حصو آهن، جنهن جي سڀني سياسي ڌرين پارليامينٽ ۾ حمايت ڪئي. سنڌ سرڪار پهريون دفعو رينجرز جي مامري تي سخت موقف اختيار ڪري وفاق کي ٽريلر ڏيکاريو آهي پر اهو صرف ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جو پيغام آهي ۽ نه ٿو لڳي ته ڪو سنڌ مان رينجرز واپس ويندي. گهٽ ۾ گهٽ ڪراچي جي حد تائين ته هر ماڻهو چاهي ٿو ته ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف جيڪو رينجرز جو ڪردار آهي، اهو جاري رهي. ان ڪري سنڌ سرڪار کي اهڙي خوش فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته ڪو هو رينجرز کي واپس موڪلي سگهندي ۽ نه ان ڇڪتاڻ جو سنڌ جي عوام کي ڪو فائدو  ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *