نيون تڪ بنديون ۽ آدمشماري ۾ ٿيل ويساهه گهاتيون: صاحب خان ڀٽي

2017ع  ۾ جڏهن آدمشماري جو عمل شروع ٿيو ته ان وقت صوبن پاران ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو هو، خاص طور تي سنڌ کي ان آدمشماري تي تمام گهڻا خدشا هئا، جنهن سبب وفاقي سرڪار پاران آدمشماري  وارو عمل فوج جي نگراني ۾ ڪرايو ويو، جڏهن آدمشماري ٿي رهي هئي ته خاص طور تي ڪراچي ۾ سنڌي وسندين کي نظر انداز ڪيو ۽ جڏهن اهي خبرون ميڊيا تي نشر ٿيون ته شماريات کاتي طرفان چيو ويو ته جيڪي علائقا رهجي ويا، انهن علائقن ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرائي ويندي،

ڳڻپ واري عمل دوران اهي شڪايتون به مليون ته آدمشماري ڪندڙ عملو فارم پين بدران پينسل سان ڀري رهيو هو، جڏهن انهن کان پڇيو ويو ته انهن چيو هو ته متان ڪا غلطي ٿي وڃي، جنهن سبب پينسل سان فارم ڀريا پيا وڃن ته جيئن بعد ۾ انهن کي درست ڪيو وڃي پر شماريات کاتي پاران پينسل سان فارم ڀرڻ  کان سختي سان روڪيو ويو هو پر ان باوجود عملو پنهنجي مرضي هلائي رهيو هو، ان سان گڏوگڏ عملي پاران ڪيترائي علائقا رهايا ويا هئا، جن بابت چيو ويو ته انهن علائقن جا وٽن نقشا ئي نه آهن، جنهن سبب  هو انهن علائقن جي ڳڻپ نه ڪندا ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪراچي جي انهن علائقن ۾ ٿي رهيو هو، جتي صرف سنڌي رهن ٿا،

جڏهن شماريات کاتي پاران نتيجا پڌرا ڪيا ويا ته سنڌ سرڪار ان کي رد ڪري ڇڏيو هو ۽  شماريات کاتي کان رڪارڊ طلب ڪيو هو، جيڪو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو، اليڪشن ڪميشن جي نين تڪبندين بابت اعليٰ سطحي اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ شماريات کاتي کان آدمشماري جي ڊيٽا وٺڻ جو فيصلو ڪيو  ويو هو، جڏهن ته شمايارت کاتي جي سربراهه پاران ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي هئي، پر جڏهن سنڌ سرڪار ڊيٽا جو مطالبو ڪيو ته ان کي رد ڪيو ويو هو.

بهرحال اليڪشن ڪميشن آدمشماري جا نتيجا ۽ نقشا فراهم نه ڪرڻ تي نين تڪبندين جو ڪم مڪمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات چيو آهي ته جيڪڏهن آدمشماري جا نتيجا ۽ نقشا فراهم نه ڪيا ويا ته تڪ بندين جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهندو، آدمشماري جي نتيجن ۽ نقشن بابت حڪومت کي چيو آهي پر ڪو اطمينان جوڳو جواب ناهي مليو. جيڪڏهن تڪ بنديون نه ٿيون ته ان جو ذميوار ادارا ئي هوندا ٻي طرف وري وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران وفاقي ڪابينا نين تڪ بندين لاءِ آئيني ترميم آڻڻ جي اجازت ڏني هئي، . شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا قانون واري وزارت کي فوري طور نين تڪ بندين لاءِ آئيني ترميم جو بل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئيني ترميم تي پارليامينٽ ۾ کليل بحث ڪرايو ويندو، سڀني پارٽين جي صلاح مشوري سان ئي نين تڪ بندين جي ترميم کي منظور ڪيو ويندو.

بهرحال هن ملڪ ۾ ٿيل ڇهين آدمشماري تي سنڌ  سرڪار ۽ سنڌ واسين تي تمام  گهڻا خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته  هن ملڪ ۾ هڪ طرف ڌارين جي لوڌ آهي ته ٻي طرف وري آدمشماري ۾ ڌارين جي لوڌ کي هن ملڪ جو شهري ڏيکاري ويو آهي، ان جو مثال هن ملڪ ۾ رهندڙ، افغانين، بهارين، برمين، بنگالين مان به ملي ٿو. هونئن ته سنڌ سرڪار ۽ وفاق کي سنڌي وسنديون نظر اينديون آهن  ، جڏهن اليڪشن ٿي رهيا هوندا پر  جڏهن چونڊن جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ  ڪامورن پاران انهن ئي وسندين کي ڊاهڻ ۾ دير ئي  نه لڳندي آهي، ڪراچي ۾ ڪيتريون اهڙيون سنڌي وسنديون آهن، جتان شهيدن جي پارٽي جا اڳواڻ کٽيندا  ته آهن پر اهي  اڳواڻ ڪڏهن به سنڌي وسندين جو تحفظ نه ڪري سگهندا آهن، جنهن جي ڪري ڪراچي اندر  سنڌي وسندين کي ڊاهڻ وارو سلسلو مشرف جي دور کان شروع ٿيل هن وقت تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي. پيپلزپارٽي جي  حڪومت جڏهن وفاق ۾ آئي ته سنڌين سوچيو  هو ته هن ڀيري ڪراچي جون سنڌي وسنديون ليز ڪيون وينديون پر اعلان ته ڪيو ويو پر بعد  ان وقت جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  پنهنجو ئي  اعلان واپس  وٺي ڇڏيو هو، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو آهي جو سنڌ دشمنن جون نظرون سنڌي وسندين ۽ سنڌين تي ئي آهن ۽  اهي نٿا چاهين ته  ڪراچي ۾ قائم سنڌي وسنديون ليز ٿي سگهن ۽ ڌرتي ڌڻين کي حق ملي سگهن. جنهن سبب سنڌ سرڪار ۾ ويٺل ڪامورا  انهن بلڊر مافيا سان گڏجي سنڌي وسندين کي ڊاهڻ جو اختيار  انهن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندا آهن جيڪي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي وسندين کان نفرت ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي  جو ڪراچي ۾ افغان بستيون، بنگالين جون ڪاليونيون، برمين ۽ بهارين جا گهر نه ڊاٿيا ويندا آهن صرف ۽ صرف سنڌين  جي اجهن کي ڊاهي انهن کي بي گهر ڪيو ويندو آهي،

اهو ئي سبب  آهي جو اڄ جي جديد دور ۾  ڪراچي جون سنڌي وسنديون بنيادي سهولتن  کان محروم بڻيل آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار ئي چاهي ته سنڌي وسنديون پڪيون ٿي سگهن پيون ۽ پر ايئن نه ڪيو ويو. هونئن ته هر دور ۾ ڪامورن اهو واعدو ڪيو آهي ته  عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو فراهم ڪيو ويندو  پر  آمريت ۽ جمهوريت ۾ سنڌين سان  ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي. آدمشماري  جي نتيجن کي سنڌ جي ساڃاهه وندن ان جي ڪري ئي رد ڪيو آهي جو سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻايو ويو آهي ۽ ڌارين جي لوڌ کي سڃاڻپ ڪارڊ  مهُيا ڪيا ويا آهن ۽  اهڙا انڪشاف  به ٿيندا رهيا آهن پر ان باوجود  وفاقي سرڪار جي اک ئي نه ٿي کلي ته جيڪا ڌارين جي لوڌ  سنڌ ۾ ڀري وئي آهي، انهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻيو وڃي،

بهرحال جڏهن به هن ملڪ ۾ آدمشماري ٿي آهي ته ان وقت سنڌين جي آبادي کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ ڌارين  جي لوڌ کي  وڌيڪ  ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،  جنهن سبب سڄي سنڌ کي ڳڻتي آهي ته هن وقت به اهي ئي سازشون ٿي رهيون آهن، جيڪي ماضي ۾ ٿينديون رهيون آهن، جيڪڏهن   شماريات کاتو  نتيجا پڌرا درست نموني ڪري ها ۽  سنڌ ۾ رهندڙ  ڌارين  کي الڳ ڪري  ڳڻي ها ته ان سان تمام وڏو فائدو ٿئي ها پر جيئن ته هن ملڪ اهو سلسلو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هلندو پيو اچي، ان کي ڪير ختم به نٿو  ڪرائي سگهي. جيتوڻيڪ  سنڌ جي قومپرست  اڳواڻن تي اڻ سڌي طرح پابندي لاڳو آهي ، جنهن سبب اهي عوامي حقن لاءِ  آواز نه پيا اٿاري سگهن، جيڪڏهن ڪو احتجاج ڪري به رهيو آهي ته ان جي آواز  کي دٻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي هئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار آدمشماري جي نتيجن تي وفاق آڏو پنهنجو ڪهڙو سوال ٿي رکي؟ ڇاڪاڻ ته   ايندڙ چونڊن ۾ ٿورو ئي  عرصو بچيو آهي، جيڪڏهن هن وقت اليڪشن ڪميشن کي شماريات کاتي پاران  انگ اکر ن ڏنا ويا ته پوءِ نيون تڪ بنديون ٿيڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *