سنڌ اندر لوڊشيڊنگ جو آزار ۽ روڊن تي نڪتل عوام

 

نئين ديري ۾ ڪالهه پ پ جي سڏ تي شھر ۾ مڪمل طور ڪاروبار احتجاج طور بند رکيو ويو، شھر جون مکيه شاھي بازار، ريشم گلي، ڪپڙي بازار، ڪريانه مرچنٽ، جنرل اسٽور، اسٽيشن روڊ، ٿاڻو روڊ، شگر مل روڊن تي دڪانن سميت رائيس ملون، پئٽرول پمپ  پڻ بند رھيا جنھن سبب زندگي جو ڪاروھنوار سخت متاثر رهيو. ٻئي پاسي پ پ  ڪارڪنن شھر جي مک چوڪن تي ٽائر ساڙيا ۽ شاهنواز ريلوي اسٽيشن تي پهچي ڪراچي کان پشاور ويندڙ خوشحال خان خٽڪ ٽرين کي روڪي ٽرين جو گھيرو ڪيو ۽ ريل آڏو پٽڙين تي  ڌرڻو ھڻي سمهي نعري بازي ڪئي. ان دوران پوليس پھچي ڪارڪنن کي ٽرين آڏو ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ريل جو گهيرو ختم ڪيو ويو. احتجاج ۾ شامل شھر جي مڙني تنظيمن ۽ ٽريڊ يونين، سنڌي ادبي سنگت، عوامي جھموري پارٽي، جسقم، عوامي تحريڪ، تحريڪ نفاذ فقه جعفريه سميت پير بخش ۽ بھمڻ سوسيز جا ڳوٺاڻا ميونسپل چوڪ تي گڏ ٿيا جتان اعجاز لغاري، خالد ميمڻ، حسين بخش ناريجو، منظور منگي، سڪندر ڪٽپر، غلام المصطفي ناريجو، نعمت الله ناريجو، ارشد راشدي، جاويد ڀٽو، اصغر ناريجو، نزاڪت جوڻيجو، مهراڻ ناريجو، شعبان ڪنڀر، ممتاز سيٺار، امان الله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ واپڊا جي مملڪتي وزير عابد شير علي جو پتلو ڪاري گڏھ تي ويھاري شهر جو گشت ڪرايو ۽ شگر مل باءِ پاس سکر – لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نئين ديري روزانو 20 کان 22 ڪلاڪ  لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري سمورو ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي، بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون جو سلسلو بند ڪرايو وڃي. هنن چيو ته نئون ديرو شاهنواز ريلوي اسٽيشن تان 3 کان 4 لک روپيا ڪمائي ٿي رهي آهي پر بولان ٽرين جو اپ ڊائون اسٽاپ ختم ڪيو ويو آهي جيڪو بحال ڪيو وڃي هوڏانهن ٽن ڪلاڪن جي ڌرڻي کان پوءِ ايم اين اي اياز سومري پاران آواز قومي اسيمبلي ۾ اٿارڻ واري خاطري کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو .

پورهيتن سان ناانصافيون ڪڏهن بند ٿينديون….!

قاسم انڊسٽريل زون ۾ قائم گهگهر ڦاٽڪ کان پورٽ قاسم تائين ايندڙ گدامن ۾ سڄي ملڪ کان ايندڙ چانور، ڪڻڪ، مڪئي، داليون ۽ ٻين کاڄرو شين جي ٽرڪن تي لوڊنگ ۽ ان لوڊنگ جي آڙ ۾ مزدور جي مزدوري 6 روپين مان 2 روپيا ڪرڻ ۽ 4 روپيا يونين جي ڪميشن مقرر ڪرڻ واري فيصلي خلاف گدامن جي سوين مزدورن ڪالهه ٻئي ڏينهن به پورٽ قاسم روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٽرانسپورٽر يونين جي اڳواڻن پورٽ قاسم جي اڪبر گدام، ايم ايم گدام ۽ ٻين گدامن وٽ پهچي زبردستي هلندڙ ڪم بند ڪرائي مزدورن کي ڌمڪيون ڏئي واپس ڪري ڇڏيو.. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مزدورن سائينداد، زرين خان، ثناءُ الله، راڻا مصطفيٰ، حاڪم ابڙو، ادريس چانڊيو ڌرڻي کي خطاب ڪندي مزدور اڳواڻن چيو ته گذريل هفتي قائم ڪيل نئين يونين جيئي دفاع جي اڳواڻن ملڪ شهزاد اعواڻ، ملڪ نظر، شير علي جکراڻي، رئوف خان، محمد اسماعيل مگسي، غلام سرور بروهي ۽ ٻين گاڏين جي لوڊنگ هڪ هفتي کان هٿيارن جي زور تي روڪي ڇڏي آهي. پر اسان کي انهن جي ويجهو اچڻ نه ٿو ڏنو وڃي ۽ ڪالهه جيئن ئي اسان گدامن تي ٽرڪن مان سامان لاهڻ شروع ڪيو ته پاڻ مرادو ٺاهيل يونين جيئي دفاع ٽرانسپورٽرز يونين جي هٿياربندن غنڊا گردي ڪندي مزدورن مٿان حملو ڪيو ۽ زبردستي ڌمڪيون ڏئي سوين مزدورن کي گدامن مان ڪڍي هٿيارن جي زور تي گدامن کي تالا هڻي ڇڏيا.. هنن چيو ته هٿيارن جي زور تي اسان جي مزدوري تي ڌاڙو هڻي ٻوريون کڻندڙ هزارين پورهيتن کي بيروگار ڪري انهن جي گهرن جو چلهو وسايو پيو وڃي. هنن چيو ته هڪ هفتي کان وٺي پورٽ قاسم تي يونين وارن هزارين گاڏيون بند ڪرائي ڇڏيون آهن. جنهن سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هن هفتي کان وٺي، ٻوريون کڻندڙ هڪ به پورهيت هڪ رپيو به ناهي ڪمايو،.هنن چيو ته پاڻ مرادو ٺاهيل غير قانوني يونين پنهنجو قانون ٺاهيندي 6 روپيا في ٻوري جي مزدوري ڏيڻ بدران 4 روپيا في ٻوري تي ڪميشن طلب ڪري رهي آهي.هنن  حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يونين جي هٺ ڌرمي ختم ڪرائي اجرت وڌائي بدحالي کان بچايو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *