سنڌ جو صوفي ڪلچر ۽ شڪارپور سانحو ؛سليمان اختر

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون سورميون، مارئي، سسئي، نوري، سورٺ، ليلان، سُهڻي ۽ مومل ڪارو لباس اوڍي، غم ۾ ورتل آهن. اُنهن سورمين جي لاءِ مسئلا ۽ پريشانيون ڪا نئين ڳالهه ناهن.

دهليءَ تي قبضي کان پوءِ شاهه ايران نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ اُن وقت جي حڪمران نور محمد ڪلهوڙي کي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. شاهه لطيف اُن منظر کي پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪيو آهي، جڏهن ته مارئي کي به قيد ڪيو ويو هو ۽ اُها پل پل پنهنجي اباڻن سان ملڻ لاءِ ترسندي هُئي.

واجھائي وَطَنَ کي، ساري، ڏِيان ساهُ؛
بُتُ منهنجو بَندَ ۾، قيدِ مَ ڪريجاهُ؛
پَرَڏيهِياڻي پِرينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاهُ؛
ٿَڌِي وَسائِجانءِ ٿَرَنِ جي، مِٽي مُئِيءَ مَٿاهُ؛
جي پويون ٿِئي پَساهُ، ته نِجانءِ مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.

شڪارپور جي مرڪزي امام بارگاهه تي حملو جيترو دهشت انگيز ۽ افسوسناڪ آهي، ايترو ئي منحوس به آهي.

طويل عرصي کان سنڌ جي صوفي قدرن کي پاڪستان ۾ وڌندڙ انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ موثر قرار ڏنو ويندو رهيو آهي. نه صرف پاڪستان جي لبرل دانشورن، بلڪه ڪيترن ئي اولهه جي ٿنڪ ٽينڪس ۽ اين جي اوز به صوفي ازم کي هتي جي معاشري ۾ وڌندڙ قدامت پسندي کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ بهترين حل قرار ڏنو آهي.

پر سوال هي آهي ته جديد سماجن ۾ صوفي ازم بحيثيت نظريي ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهي ٿو؟

سڀ کان پهريان ته هيءُ صوفي ازم ڪنهن هڪ نظريو جو نالو ناهي. صوفي ازم اندر به ڪيترا ئي حلقا آهن، جيڪي هڪ ٻئي جا مڪمل طور مخالف آهن. اُن لاءِ اُن جو نتيجو مڪمل طور متضاد نظرين جي صورت ۾ نڪري ٿو. سڀ کان اهم فرق وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جو آهي.

وحدت الوجود جي عقيدي مطابق هڪ ئي خالق آهي ۽ اُهو پنهنجي مخلوق کان ڪڏهن به جدا ناهي ٿيندو ۽ اِهو ته هر شيءِ ۾ اُن جو جلوو آهي، اُن جي اُبتڙ وحدت الشهود واري عقيدي مطابق ڌڻي پنهنجي مخلوق کان (وجودي اعتبار کان) جدا آهي.

اهي اختلاف تمام معمولي ٿي سگهن ٿا، پر اُن جا ٻه مڪمل طور تي مختلف منطقي نتيجا نڪرندا آهن.

وحدت الوجود مطابق ڌڻي هر شيءِ ۾ موجود آهي، تنهن ڪري ڪنهن به فڪر وچ ۾ ڪنهن اختلاف جي ڪا گنجائش نٿي رهي. وسيع تر معنائن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته هر شيءِ ۾ سندس ئي جلوي سبب ڪنهن کان به نفرت نٿي ڪري سگهجي.

محي الدين ابن عربي اُهو پهريون شخص هو، جنهن وحدت الوجود کي نظرياتي بنياد فراهم ڪيو ۽ اُن کي مسلم دنيا ۾ متعارف ڪرايو.

ٻي طرف وحدت الشهود جو نظريو شيخ احمد سرهنديءَ پروان چاڙهيو ۽ پکيڙيو هو، جيڪو بذاتِ خود اڪبر جي سيڪيولر ذهنيت جي خلاف هو. هُن ابنِ عربي کي ڪافر قرار ڏنو ۽ اُنهن سڀني عقيدن جي خلاف جدوجهد شروع ڪري ڏني، جيڪي سندس نظر ۾ ڪفر هيون.

سماجي ۽ سياسي تناظر ۾ ڏسجي ته وحد الشهود عقيدو مختلف مذهبن ۽ مڪتبِ فڪر وچ ۾ عليحدگي ۽ تڪرارن طرف وٺي وڃي ٿو، احمد سرهندي اُنهن ڪجهه صوفين مان آهي، جنهن جو ذڪر پاڪستاني نصاب ۾ شامل آهي.

تاريخي طور تي ڏسجي ته اڄ جي پاڪستان ۾ موجود صوفياءَ 4 سلسلن سان وابسته رهيا آهن، قادريه، چشتيه، سهرورديه ۽ نقشبنديه.

اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي ته سڀئي صوفي سلسلا اسٽيبلشمينٽ جي مخالف ناهن رهيا.

چشتيه ۽ قادريه سلسلن جا صوفي هميشه دهليءَ جي حڪمرانن کان پاڻ کي پري رکندي عوام لاءِ آواز اُٿاريندا هئا، پر سهرورديه سلسلو تاريخي طور تي هميشه طاقت جي مرڪز جي ويجهو رهيو آهي. سهرورديه سلسلي جي بهاءُ الدين ذڪريا جي درٻار جا دهليءَ سان ويجهڙائيءَ جا تعلقات هُئا ۽ اُن کان پوءِ اُن سلسلي جي اڳواڻن سدائين عوامي امنگن خلاف حڪمرانن جو ساٿ ڏنو، پوءِ اُهي مغل هُجن يا برٽش راڄ.

برصغير ۾ عام طور ۽ سنڌ ۾ خاص طور صوفي ازم بادشاهه ۽ ملان پنڊت اتحاد جي خلاف تحريڪ جي صورت ۾ وجود ۾ آيو. اُن نه صرف انتهاپسندي جي شڪار بي آواز ماڻهن کي آزادي ڏني، بلڪه سياسي نظام کي به چئلينج ڪيو. مارڪس جي لفظن ۾ چئون ته ’هي بي روح ماڻهن جي لاءِ روح‘ جيان آهي.

نوٽ ڪرڻ جي لاءِ جهوڪ شريف جي صوفي شاهه عنايت جو ڪيس به آهي، جنهن سنڌ ۾ هڪ هاري تحريڪ جي قيادت ڪئي هُئي، جنهن تي کيس حڪمرانن موت جي سزا ڏني هُئي. شاهه لطيف پنهنجي رسالي ۾ شاهه عنايت جي نالي هڪ بي نام مرثيو به لکيو آهي.

پر جن سياسي ۽ سماجي حالتن برصغير ۾ صوفي ازام کي وڌايو، اُهي هاڻ موجود ناهن. هڪ مضبوط مزاحمتي نظريي جي طور تي صوفي ازم جو ٻيهر واپس اچڻ جيڪڏهن ناممڪن نه تڏهن به مشڪل ضرور آهي. صوفي تهذيبي تصوف جي بنياد مان اڀريا هُئا ۽ اُهي مذهبي ٻنڌڻن ۽ سياسي اثر رسوخ کان آزاد هُئا.

پر صوبي ازم جي مرڪز، جن کي خانقاه چيو ويندو هو، اڄ سياسي اشرافيه ۽ طاقتور ملائيت جا هڪ لازمي حصا آهن. پاڻ کي موجوده زماني ۾ صوفي سڏرائڻ وارو قدرت الله شهاب، ممتاز مفتي، اشفاق احمد ۽ ٻيا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رياست ۽ اُن جي نظرين جا حامي رهيا آهن.

صوفي ازم هڪ انسان دوست ۽ ڪائناتي نظريو آهي. اُن کي جديد نيشن اسٽيٽس جي حدن ۾ قيد ڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي، ۽ خاص طور تي اُن نيشن اسٽيٽس ۾ جيڪا نظرياتي بنيادن تي قائم۽ صرف پنهنجي نظريي کي درست مڃيندي هُجي.

منصور الحلاج سنڌ ۾ گهڻو سفر ڪيو. اُن جو مشهور نعرو اناالحق هندو ڪتابن اپنشد جي جملي ’احمد برهماسمي‘ (مان ئي لامحدود حقيقت آهيان) سان ملندڙ جُلندڙ آهي. هندو عقيدو ’ادويت‘ ۽ مسلم وحدت الوجود ۾ ڪافي هڪجهڙائي ڏٺي وڃي ٿي. اهي ٻئي نظريا هڪ ٻئي کي مڪمل ڪن ٿا ۽ الڳ الڳ ڪرڻ تي پنهنجا اثر وڃائي ويهن ٿا.

پنجاب، ڀڳتي تحريڪ جو مرڪز رهيو آهي، جيڪو سوئز نهر جي اُن طرف اُٿندڙ روحاني تحريڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ انسان دوست آهي، پر تحريڪ جي سڀني کان وڌيڪ هُجڻ باوجود انسان دوست تعليم جي تقسيم دوران لکين پنجابين جو قتلِ عام روڪڻ ۾ ناڪام رهي.

ٻُڌ ازم سڀ کان قديم ۽ امن پسند نظريو آهي،پر اهو به ٻُوڌي ماڻهن کي برما ۾ مسلمانن کي قتل ڪرڻ کان نه روڪي سگهيو.

موجوده زماني ۾ اها تلخ حقيقت آهي، جيڪا ڪنهن به روحاني تحريڪ جي موثر ٿيڻ تي سوال اُٿاري سگهي ٿي.

سنڌ ۾ صوفي ازم هاڻ نظريي بجاءِ صرف زندگيءَ جو طريقو بڻجي ويو آهي. هي انساني زندگي جو هڪ لازمي جزو آهي. پر پاڪستان ۾ هونئن به زندهه رهڻ ئي مزاحمتي عمل بڻجي ويو آهي.

سنڌ اڄ رت ۾ لت پت آهي ۽ پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ثقافت جي قتلِ عام تي نير وهائي رهي آهي. شاهه ڀٽائي بي يارومددگار انداز ۾ صرف اهوئي چئي رهيو آهي:

جِھمَندِيُون اَچَنِ، جھوليُون جُھونجھارَنِ جُون؛
پايو ٻُڪَ ٻُھارَ جا، اُنِ جُون وَھُون واڪا ڪَنِ؛
پِٽِينِ پارَ ڪڍَنِ؛ رڻ گَجيو، راڙو ٿِيو.

(ليکڪ سوئيڊن ۾ انجنيئرنگ پڙهي رهيو آهي ۽ سماج، ڪلچر ۽ سياست ۾ دلچسپي رکي ٿو)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *